Sunday 24 November 2013

y Column in Daily Awami Awaz 21-11-2013 about TV, Media and their role on INTERNATIONAL DAY OF TV

ٽيليويزن جو عالمي ڏينهن ۽ اسانجي چئنلن جو معيار
مهوش عباسي
اڄ هن ترقي يافته دور ۾ جتي اسانجي هٿن ۾ اخبار ، رسالا ، موبائل فون ، ٽيليفون ۽ ريڊيو آهن اتي اسانجي گھرن ، آفيسن ، ڪاروباري مرڪزن توڙي ادارن ۾ ٽيليويزن جي موجودگي ضروري سمجھي وڃي ٿي . ٽي وي جو استعمال 19 صدي کان عام بڻجي ويو تنهن کانپوءِ اقوام متحده 21 نومبر سال 1996 کي ٽي وي جو عالمي ڏهاڙو ملهائڻ جي شروعات ڪئي جنهن جو مقصد حڪومتي ادارن ، ميڊيا ، ٽي وي چئنل جي مالڪن توڙي هر هڪ فرد کي ٽي وي جي بهتر استعمال ۾ پنهنجي ذميدارين جو احساس ڏيارڻ آهي ، ٽي وي تي موجود چئنلن جي اها ذميداري آهي ته هو بهتر معلومات ، حقيقي خبرون ، علم ۽ معاشري کي بهتر بنائڻ جون تجويزون پيدا ڪرڻ آهي ان سان گڏ ماڻهن کي تفريح فراهم ڪرڻ ،  ٽئڪنالاجي ۽ سائنسي معلومات مهيا ڪرڻ ، هر قوم کي پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت کي ٻين ملڪن ۾ ٽي وي جي ذريعي اجاگر ڪرڻ آهي . اقوام متحده ٽي وي جي استعمال کي بهتر ۽ ڪارائتو بنائڻ لاءِ هر سال پوري دنيا ۾ ٽيليويزن جو عالمي ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو .
ٽي وي کان پهريان ماڻهو ريڊيو شوق سان ٻڌڻ پسند ڪندا هئا جنهن تي تفريحي پروگرام ، ڊراما ، پيغام ۽ خبرون نشر ڪيون وينديو هيون ريڊيو سال 1907 ۾ آيو ۽ 1912 کان آمريڪا جي شهرن ۾ عام ٿيو 1920 ع کان دنيا اندر ريڊيو عام ٿيو ۽ ان تي پروگرام نشر ٿيڻ لڳا ، ان وقت ريڊيو ئي معلومات جو عام ذريعو هو .
1920 ع کان ٽي وي جو استعمال معمول بڻجڻ لڳو ان وقت ٽيليويزن جو استعمال گھرن ۽ آفيسن اندر خبرون ۽ تفريح حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيو ويندو هو ، سال 1950 کان ٽي وي عام ماڻهن جو آواز بڻجڻ لڳي ۽ عام ماڻهن لاءِ پروگرام ٿيڻ لڳا ان کان پهريان ٽيليويزن جو استعمال شاهي ۽ اعلى خاندانن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪيو ويندو هو . 1970 ع کان وي سي آر ۽ ڪيسيٽن جو دور شروع ٿيو ، 2009 ع تائين دنيا جي لڳ ڀڳ 78 فيصد گھرن ۽ آفيسن ۾ ٽي وي عام بڻجي وئي .
ٽي وي دنيا اندر موجود ماڻهن کي پوري دنيا بابت علم ۽ ڄاڻ مهيا ڪرڻ جو بهتر ذريعو آهي ، ٽي وي اسان جي ڪائنات ۾ ٿيندڙ حقيقتن ۽ تبديلين کي ڏيکاري ٿي ، ٽي وي ميڊيا لاءِ بهترين ذريعو آهي جيڪا ماڻهن کي فوري خبر ڏئي ٿي ان سان گڏ رابطا برقرار رکي سگھجن ٿا ، ٽي وي جو استعمال اظهار جي آزادي لاءِ ڪيو وڃي ٿو ، ٽي وي اسانجي سماج ۾ هڪ بهترين ڪردار ادا ڪري ٿي ، ماڻهن جا مسئلا کڻڻ ۾ انهن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي ان سان گڏ گھر ويٺي پوري دنيا جو حال احوال ڏئي ٿي . پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت کي پوري دنيا اندر اجاگر ڪرڻ ۾ بهتر ڪردار ادا ڪري ٿي ، اڄ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا ٽي وي چئنل اسان ڏسي رهيا آهيون ۽ ڪيتري قدر انهن جا کائڻ ، پيئڻ ۽ لباس جي اندازن کي اپنائي رهيا آهيون پر جيڪڏهن اسان پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت کي ڏيکاريون ته اسان جي ملڪ جا ماڻهو پنهنجي ئي ثقافتي رنگن ۾ رنڱيل هوندا .
اسانجي پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ 550 جي لڳ ڀڳ ٽي وي چئنل آهن ، جڏهن ته اسانجي ملڪ پاڪستان ۾ 26 نومبر 1964 تي پي ٽي وي يعني پاڪستان ٽيليويزن نيٽ ورڪ کي متعارف ڪرايو جيڪو حڪومتي ٽي وي چئنل هو تنهن کانپوءِ ان جا ٻيا به چئنل آيا جڏهن ته سال 1976 تائين پي ٽي وي جا 3 چئنل عام هوندا هئا ۽ ڊش يا ڪيبل جو استعمال معمول نه هوندو هو . 1967 ۾ راولپنڊي ، اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ ٽيليويزن جا مرڪز قائم ڪيا ويا تنهن کانپوءِ 1974 ۾ ڪوئٽا ۽ پشاور ۾ پڻ اهڙا مرڪز قائم ڪيا ويا . هن وقت پاڪستان ٽيليويزن نيٽورڪ جا 9 چئنل ڪم ڪري رهيا آهن .
گذريل ڪجھ ڏهاڪن ۾ پاڪستان ۾ نجي ٽي وي چئنلن جو رواج پئجڻ لڳو جنهن کانپوءِ هن وقت پاڪستان ۾ ڪيترائي نجي ٽي وي چئنل آهن جن مان هڪ تعليم جو ، 50 کان وڌيڪ تفريحي چئنل ، 80 جي لڳ ڀڳ خبرن جا چئنل ،8 فيشن ، 5 رڌ پچاء ، 20 موسيقي ، 20 فلمن ، 15 مذهبي ، 15 راندين ۽ 5 ٻارن جا چئنل آهن . انهن سڀنن ۾ ڪجھ چئنل سنڌي ، بلوچي ، پشتو ۽ ٻين ٻولين ۾ پڻ آهن .
ڏسجي ته هن وقت ٽيليويزن جو استعمال بهتر نموني نه ٿي رهيو آهي ، امن ، تحفظ ، سماجي ترقي ، واڌاري ۽ بهتري لاءِ قدم نه پيا کنيا وڃن ، دنيا ۾ لکن جي تعداد ۾ ٽي وي چئنل آهن جن مان اڌ کان وڌيڪ بغير لائسنس وارا آهن جن کي اسان غير قانوني چئنل چئي سگھون ٿا . ٽي وي چئنل هن وقت ڪمائڻ جو ذريعو بڻجي چڪا آهن جنهن ڪري ٽيليويزن پنهنجو حقيقي ڪردار ادا نه ڪري رهي آهي . ان جاءِ تي سنڌي خبرن جي چئنلن پنهنجو پاڻ ڀرپور نموني ملهايو آهي ، ٽوپي ، اجرڪ ڏهاڙي کان ويندي سنڌ ڌرتي خلاف ٿيندڙ سازشن خلاف ڀرپور آواز اٿاريو آهي جنهن سبب سنڌ دشمنن جا هٿ مٿي تي اچي چڪا آهن ، پر اهڙن چئنلن جو ٻيو روپ ڏاڍو ڏکوئيندڙ آهي اسانجا تفريحي چئنل جيڪو ڪجھ سنڌي ماڻهن سميت پوري دنيا کي ڏيکاري رهيا آهن نه ئي اهو سڀ اسانجي تهذيب ۽ ثقافت جو حصو آهي نه وري اهي ڪردار اسانجي معاشري جا ڪردار آهن . اسانکي اهڙن ڪردارن کان سخت نفرت آهي جن هر دور ۾ قوم کي نقصان کانسواءِ ڪجھ به نه ڏنو آهي صرف ۽ صرف پنهنجا مفاد عزيز رکيا آهن .
 جنهن جاءِ تي اسان کي معاشري جي  اصلاح ڪرڻ لاءِ اهڙا پروگرام ترتيب ڏيڻ گھرجن جنهن سان نوجوانن ۾ بگاڙ پيدا ٿيڻ بجاءِ سندن اصلاح ٿيڻ گھرجي . اهڙن موسيقي جي پروگرامن ، ڊرامن ، ٽيلي فلمن کان پاسو ڪرڻ گھرجي جن جو معيار ڪڪڙ ، ڪتا ، ڌاڙيل ۽ پوليس ڪلچر هجي . اسانکي ڪاروڪاري ، وڏيري ، جاگيردار ، سردار ، ڀوتار ، ڪمدار ۽ نوڪر کان نڪرڻو پوندو ان جاءِ تي بهتر تعليمي ، اصلاحي ۽ معلوماتي پروگرام ڪرڻ گھرجن ، دهشتگردي ، ڪرپشن ، عورتن ۽ ٻارڙن تي وڌندڙ تشدد جي خاتمي ۽ روڪ ٿام ۾ بهتر ڪردار ادا ڪندڙ پروگرام تيار ڪري معاشري کي براين مان نتاج ڏياري سگھجي ٿي .
تنقيدي ۽ گمراه ڪندڙ پروگرامن بجاءِ ايماندار پوليس آفيسرن تي ٻڌل پروگرام جاري ڪري اسان جي سماج ۾ هڪ بهتر ۽ مثبت سوچ پيدا ڪرڻ گھرجي ، برائي جا پروگرام ۽ خراب ڪردار ڏيکاري معاشري ۾ هڪ اهڙي منفي سوچ پيدا ڪئي وئي آهي جنهن جي ور چڙهي ڪيترائي ٻار ، نوجوان ڇوڪريون توڙي ڇوڪرا برائي کي اپنائي پنهنجو مستقبل خراب ڪري رهيا آهن ، افسوس آهي ته اسانجي ٽي وي چئنل تي منفي ڪردارن کي اهڙو ته ٺاهي سنواري پيش ڪيو ويندو آهي جو ڏسندڙ ان جو عڪس پنهنجي ذهنن ۾ ويهاري ڇڏيندا آهن ۽ پاڻ کي به اهڙو ٺاهي ڇڏيندا آهن . ان جاءِ تي ڊراما نگارن ، ليکڪن ، ڊائريڪٽرن ۽ پروڊيوسرن کي به ڌاڙيلن ، پوليس ۽ دولت جي نشي ۾ ڌت فرعونيت جو روپ ڌاريندڙ وڏيرن کان سواءِ ڪي ڪردار نظر ئي نه ٿا اچن . اسانجي معاشري ۾ اسانکي ڪيترائي بهتر ، ڪامياب ۽ آئڊيل ڪردار نظر اچن ٿا جن تي پروگرام ڪري نوجوانن توڙي ٻارن کي تعليم ڏانهن راغب ڪري سگھجي ٿو .

ٽي وي چئنلن تي نظر وجھون ته خبرن کان وٺي تفريحي چئنل پنهنجي چئنلن جي ريٽنگس وڌائڻ خاطر غير اخلاقي پروگرام نشر ڪري رهيا آهن . بهتر تعليمي ۽ معلوماتي پروگرامن جي پاڪستان ۾ گھٽتائي نظر اچي رهي آهي ، جيڪڏهن ڪجھ خبرن جا چئنل آهن ته ٻين کي لائسنس ڏيڻ بجاءِ اهڙي چئنل جي گھرج ڪئي وڃي جيڪو پاڪستان ۾ موجود نه آهي ، هڪ جاءِ تي هڪ جهڙا ٽي وي چئنل هجڻ جو ڪو فائدو نه آهي ، نون ٽي وي چئنلن جي ڀرمار جي بجاءِ موجوده چئنلن کي بهتر بڻائڻ لاءِ کين پيمرا جي اصولن جو پابند بڻايو وڃي ، ڇو ته هن وقت ٽي وي چئنلن جو استعمال صرف ۽ صرف پئسا ڪمائڻ لاءِ ٿي رهيو آهي . هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ٽي وي جي عالمي ڏينهن کي ڏسندي سٺي سوچ سان اڳتي وڌڻ گھرجي پنهنجي حقن ، تهذيب ، ثقافت کي اجاگر ڪرڻ سان گڏ نوجوان نسل جي بهتر رهنمائي ڪرڻ گھرجي جيڪي مستقبل جا معمار آهن . 

No comments:

Post a Comment