Sunday 3 November 2013

@MehwishAbbasi Column in Daily awami awaz 3-11-2013 (#Drone on #HakimullahMehsud is Drone on #Pakistan #TTP Talk)


حڪيم الله محسود تي يا پاڪ طالبان ڳالهين تي ڊرون حملو !

مهوش شبير عباسي

ڇنڇر جي ڏينهن جيڪا سڀ کان وڏي خبر پاڪستاني ميڊيا تي نظر آئي اها تحريڪ طالبان پاڪستان جي سربراه حڪيم الله محسود جي آمريڪي ڊرون حملي ۾ 5 ساٿين سميت مارجڻ واري خبر هئي. آمريڪا سندس سر جي قيمت 50 لک ڊالر مقرر ڪئي هئي، درِ خيل ۾ هڪ گھر مٿان ٻه ميزائل حملا ڪري کين ماريو ويو ، جنهن کانپوءِ پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ هڪ نئين صورتحال نظر اچي رهي آهي. جنهن جنهن ملڪ ۾ طالبان جا گروه سرگرم آهن، اهي ان ڳالهه کي وٺي پريشان آهن ته هاڻي انهن جي ملڪ ۾ طالبان جو ڪهڙو رد عمل هوندو، سڀ کان ڳڻتيءَ جوڳي صورتحال پاڪستان ۾ نظر اچي رهي آهي. جنهن وقت حڪيم الله محسود تي ڊرون حملو ڪيو ويو، ان وقت تحريڪ طالبان جو وفد پاڪستان سان ٿيندڙ ڳالهين بابت گڏجاڻي ڪري رهيو هو، جڏهن ته ٻئي ڏينهن تي پاڪستان طرفان 3 رڪني وفد کي طالبان سان ڳالهين جي عمل کي شروع ڪرڻ لاءِ تحريڪ طالبان پاڪستان ڏانهن روانو ٿيڻو هو، ان حملي بعد تحريڪ طالبان پاڪستان جو چوڻ آهي ته حڪيم الله محسود جو خون رائگان نه ويندو ۽ هو ان ڳالهه جو بدلو وٺندا.

طالبان پنهنجي حڪومت جي شروعات افغانستان کان ڪئي سال 1995ع ۾ جڏهن انهن افغانستان تي حملو ڪيو ۽ فتح حاصل ڪئي، تنهن کانپوءِ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ طالبان ڦهلجي ويا ، پاڪستان اندر تحريڪ طالبان پاڪستان قائم ڪئي وئي جيڪا مشرف جي دور ۾ وڌي وئي. مشرف جي دور ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان جو سربراه بيت الله محسود رهيو جيڪو محترمه شهيد بينظير ڀٽو جي قتل ۾ ڄاڻايو ويو، بيت الله محسود 2009ع ۾ هڪ آمريڪي ڊرون حملي ۾ مارجي ويو جنهن کانپوءِ 20 آگسٽ 2009ع تي حڪيم الله محسود کي تحريڪ طالبان پاڪستان جو سربراه منعقد ڪيو ويو، حڪيم الله محسود جو ٻيو نالو ذوالفقار محسود هو . حڪيم الله محسود پاڪستان اندر ڪيترين ئي دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث رهيو ان ملڪ ۾ ڪيترائي خود ڪش حملا پڻ ڪرايا ، حڪيم الله محسود کي پاڪستان اندر طالبان جو بي رحم ويڙهاڪ سمجھيو ويندو هو ۽ هو گهڻي حد تائين پاڪستان سان ڳالهين جو حامي نه هو، آمريڪي مفادن کي به حڪيم الله محسود نشانو بڻايو، 20 ڊسمبر 2009ع ۾ هڪ خود ڪش حملي ۾ سي آءِ اي جا 7 ايجنٽ ماريا ويا جيڪي پڻ حڪيم الله محسود جي سربراهي ۾ ماريا ويا.

هاڻي جڏهن حڪيم الله محسود مارجي چڪو آهي ته تحريڪ طالبان پاڪستان، مجلس شوريٰ جو اجلاس گھرايو ويو آهي، طالبان ڌڙن کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي پئي وڃي ۽ تحريڪ طالبان پنهنجي نئين سربراه جي چونڊ پڻ ڪئي وئي، جنهن اجلاس ۾ شريڪ 60 ميمبرن مان 43 ميمبرن خان سيد سجنا جي نالي تي اتفاق ڪندي کيس ووٽ ڏنا، خان سيد سجنا حڪيم الله محسود جو قريبي ساٿي ۽ دوست رهي چڪو آهي جيڪيو پڻ پاڪستان سان ڳالهين جو حامي آهي پر ڏسجي ته، آهي ته هو به هڪ دهشتگرد ۽ دهشتگرد ڪڏهن به پنهنجن مفادن ۽ مطالبن خاطر انسانن تي رحم نه ڪندا آهن.

جنهن وقت پاڪستان جو وزير اعظم نواز شريف آمريڪي دوري لاءِ روانو ٿيو هو، ان وقت پشاور اندر چرچ تي حملو ڪيو ويو، جنهن تي نواز شريف آمريڪا اندر طالبان خلاف اڻ وڻندڙ بيان جاري ڪيا، جنهن مان لڳي ايئن رهيو هو ته پاڪستاني حڪومت جا ملڪ خلاف رويا تبديل ٿي چڪا آهن .

هن وقت پاڪستان جي سياست ۾ هڪ وڏي هلچل پيدا ٿي چڪي آهي ، نظر ايئن اچي رهيو آهي ته آمريڪي ڊرون حملو پاڪستان ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهين جي عمل کي روڪڻ لاءِ ڪيو ويو، ڳالهين جي شروع ٿيڻ کان اڳ ئي حڪومت کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، طالبان جو پاڪستان ۾ رد عمل انتهائي ڳڻتيءَ جوڳو آهي. طالبان تي حملو آمريڪا ڪيو پر طالبان آمريڪا کي نقصان نه ٿا پهچائي سگھن، جنهن جو بدلو هو پاڪستان کان ئي وٺندا ۽ پاڪستان اندر قتل و غارت واري صورتحال ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو، پاڪستان جي معاملن ۾ غير ملڪي قوتن جي مداخلت ملڪ جو امن امان خراب ڪري رهي آهي، غير ملڪي قوتون ڪڏهن به نه ٿيون چاهين ته پاڪستان ۾ امن امان واري صورتحال پيدا ٿئي، جنهن سبب هو ملڪ ۾ حملا ڪرائي صورتحال کي وڌيڪ بگاڙي رهيا آهن ، هن وقت جڏهن طالبان جو سربراه مارجي چڪو آهي ته ملڪ جي صورتحال وڌيڪ خطرناڪ نظر اچي رهي آهي ، ملڪ اندر ڪيترن ئي علائقن ۾ طالبان طرفان ٿيندڙ امڪاني ڪاررواين کي روڪڻ ۽ عوام کي تحفظ ڏيڻ لاءِ فوج مقرر ڪئي وئي آهي. لڳي ايئن رهيو آهي ته طالبان جي رد عمل سبب پاڪستان کي ڪيترن ئي بيگناهه ماڻهن جا لاش کڻڻا پوندا، پاڪستان جي صورتحال بگڙجي وئي ته پوءِ ان کي ملڪي توڙي بيروني طاقتون شايد روڪي ئي نه سگھن، جڏهن ته لائين آف ڪنٽرول تي ڀارت طرفان حملا ڪري شهرين ۽ سڪيورٽي عملن کي ماريو پيو وڃي، جيڪو حڪومت لاءِ پڻ پريشان ڪندڙ مرحلو آهي.

پاڪستان اندر ڏوه ۽ دهشتگردي واري صورتحال گذريل سالن ۾ گهڻي وڌي چڪي آهي، جنهن جي ڪري پاڪستان جنگ واري صورتحال ۾ نظر اچي رهيو آهي. دهشتگرد حملا پاڪستان ۾ معمول بڻجي چڪا آهن ، بيگناه ماڻهن کي ماريو پيو وڃي ، اسڪولن ۽ عبادتگاهن کي نشانو بڻايو پيو وڃي، ملڪ جا روڊ رستا، جيل ۽ حساس ادارا تباه ڪيا پيا وڃن. اهڙي صورتحال ۾ طالبان جي سربراه تي حملو ڄڻ پاڪستان جي عوام جي جانين ۽ امن جي ڳالهين لاءِ خطرو آهي . ملڪ جي حڪمرانن عوام کي واعدن ۽ دعوائن کان علاوه ڪجھه به نه ڏنو آهي. جيڪڏهن ڪجھه ڏنو آهي ته جمهوري دور ۾ 100 کان وڌيڪ دهشتگرد حملا ۽ هزارين بيگناه ماڻهن جا لاش ڏنا آهن. ملڪ جي جيڪا اڄ صورتحال آهي 10 سال اڳ ان کان بهتر هئي ، طالبان جا 30 کان 35 گروه سرگرم ٿي چڪا آهن، جن کي ڪراچي ۽ پنجاب مان سپورٽ ملي رهي آهي. ملڪ کي ڪمزوري مان ڪڍيو وڃي ته جيئن ڪا به ٻاهرين طاقت ملڪ ۾ داخل ٿي ملڪي مامرن ۾ مداخلت نه ڪري سگھي، جڏهن ته حڪومت جي اها اولين زميداري آهي ته ملڪي سلامتي کي يقيني بڻائي ۽ پنهنجي عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪري

No comments:

Post a Comment