Sunday 5 January 2014

Mehwish Abbasi's column in Awami Awaz - عوامي آواز 06-01-2014 #MQM #AltafVoiceOfmasses #Pakistan سنڌ کي ورهائڻ جا بيان آخر ڇو؟


My column published in Daily awami awaz 06-01-2014 #MQM #Altaf #Sindh #AltafVoiceOfMasses


سنڌ ورهائڻ جا بيان آخر ڇو؟

مهوش شبير عباسي

ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف سنڌ ۽ پاڪستان کي ٽوڙڻ جون ڳالهيون ڪري رهيو آهي سندس اهو شيوو رهيو آهي ته جڏهن به کيس ڪنهن سوڙهو ڪيو آهي ته سندس پاران هر ڀيري سنڌ کي ٽارگيٽ بڻايو ويو آهي. چيو پيو وڃي ته چند ڏينهن اندر کيس عمران فاروق قتل ڪيس ۾ سزا ملڻ واري آهي ۽ سنڌ اندر دهشتگردن، ٽارگيٽ ڪلرز، ڀتا خورن ۽ ٻين قوتن خلاف آپريشن جو ٽيون مرحلو شروع ٿي چڪو آهي اهڙين حقيقتن تان ماڻهن جو ڌيان هٽائڻ لاءِ گذريل ڏينهن حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي خطاب ڪندي سنڌ کي ٽوڙڻ ۽ پاڪستان کان الڳ ملڪ جي گھر جهڙا مطالبا ڪري چڪو آهي.

سيپٽمبر 2001 ۾ هن ٽوني بليئر کي خط لکيو جنهن ۾ هن آءِ ايس آءِ تي الزام لڳايا ۽ سخت مخالفت ڪندي ان اداري کي ملڪ دشمن قرار ڏنو ۽ ان جي خاتمي جي درخواست پڻ ڪئي ان سان گڏ الطاف مغربي انٽيليجنس جي جاسوسي لاءِ افغانستان ۾ جاسوسي ڪرڻ لاءِ پڻ لکيو بدلي ۾ هن سنڌ جي حڪمراني طلب ڪئي ، ان کانسواءِ ملڪ جي باني محمد علي جناح خلاف پڻ ڪيترا ڀيرا غلط بياني ڪري چڪو آهي کيس برطانيا جو رهواسي سڏيندو رهيو آهي محمد علي جناح کي پاڪستان جو شهري تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪندو رهيو آهي فوج جي سابق سربراهه ۽ چيف جسٽس افتخار چوڌري خلاف پڻ بيان ڏئي چڪو آهي.

سنڌ جي ورهاڱي جو خواب الطاف کان اڳ جواد بيگ ڏٺو جنهن 1973 ۾ ڪراچي کي ميٽروپوليٽن ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو ٻي صورت ۾ ڪراچي کي الڳ صوبو ٺاهڻ جي گھر ڪئي وئي ان سان گڏ جناح پور ، مهاجر صوبو، الطاف نگر جهڙا مطالبا سندن پاران ٿيندا رهيا آهن. هر ڀيري پنهنجا مطالبا مڃرائڻ خاطر سنڌي ماڻهن کي کوڙ سارا طعنا مهڻا ڏنا وڃن ٿا جڏهن ته گذريل 24 سالن کان هر جمهوري حڪومت توڙي ڊڪٽيٽرن جا ساٿاري رهيا آهن 11 سالن کان سنڌ اندر سندن گورنر مقرر ٿيل آهي ان باوجود هر ڀيري پنهنجا مطالبا مڃرائيندا رهيا آهن پوءِ بلدياتي نظام هجي، نوڪرين ۽ وزارتن ۾ حصو پتي هجي، سنڌي شاگردن لاءِ تعليمي ادارن ۾ داخلائون بند ڪرائڻيون هجن، پنهنجي ڪارڪنن تان ڪيس ختم ڪرائڻا هجن، هر حڪومت ۾ پنهنجا مطالبا مڃرائي مزا ماڻيندا رهيا آهن.

سنڌ جي وحدت خلاف ڳالهائڻ ڪروڙين سنڌين جي دل آزاري ڪرڻ آهي، سنڌي ماڻهن ورهاڱي وقت مٿن مرڪون نڇاور ڪندي کين پنهنجا شهر ڏئي ڇڏيا ، پنهنجا ڪاروبار ڏئي ڇڏيا ايتري تائين جو پنهنجو قومي تشخص انسانيت جي ڪري خطري ۾ وجھڻ لاءِ تيار ٿي ويا اڄ اهو ڏينهن موٽي آيو آهي جو سنڌي ماڻهن جو قومي تشخص خطري ۾ آهي نتيجو سڀني جي سامهون آهي سياڻن چيو آهي ته چڱائي جو بدلو چڱائي هوندو آهي ان بدلي ۾ اسان کي ڇا ملي رهيو آهي؟ حقيقت ۾ غلطي اسان کان ٿي هئي جو اسان انسانيت جي ناطي کين سيني سان لاتو تنهن ڪري ان جو نتيجو به اسان کي ڀوڳڻو آهي ۽ ان جو ازالو به اسان کي ئي ڪرڻو آهي . جيڪڏهن اسين اها ڳالهه مڃون ته شهرن ۾ متحده جي اڪثريت آهي پر سنڌ جي ٻهراڙي ۽ شهرن اندر رهندڙ ماڻهو پنهنجي شهري ڀائرن کان پڇن ٿا ته توهان هر ڀيري ٺهندڙ حڪومتن سان گڏ رهيا آهيو ان ايتري عرصي دوران اوهان سنڌ جي حقن بابت ڪهڙو ڪم ڪيو آهي ، توهان جيڪڏهن ڪجھ ڪيو آهي ته صرف ۽ صرف پنهنجا مفاد ماڻيا آهن هر ڀيري شهرن جون حڪومتون حاصل ڪرڻ جي جاکوڙ ۾ رهيا آهيو جيڪو اڄ به توهان جو مطالبو آهي.

اهڙي قسم جي مطالبن سان صورتحال خراب ٿي سگھي ٿي، الطاف جو چوڻ آهي ته ملڪ جي معاشي صورتحال خراب آهي اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙن ۾ برابروسيلا ورهايا وڃن کين برابر حق ڏنا وڃن جيڪڏهن ايئن آهي ته ملڪ جي معاشي صورتحال کي سڌاريو وڃي، ٽارگيٽڊ آپريشن ۾ ساٿ ڏنو وڃي نه وري اهڙا بيان جاري ڪري سياسي راند کيڏي سماجي صورتحال بگاڙي وڃي، جيڪڏهن ڪنهن علائقي ۾ گئس، بجلي، رستن، صحت يا تعليم جهڙا مسئلا آهن ان کي حل ڪرڻ بجاءِ اهڙن علائقن کي الڳ صوبو يا ملڪ ته نه ٺاهيو ويندو جيڪڏهن ايئن ڪيو وڃي ته پوءِ پاڪستان ۾ سوين ملڪ ٻيا به قائم ٿي سگھن ٿا، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ملڪي صورتحال، معاشي توڙي سماجي مسئلن تي اسيمبلين ۽ پارليامينٽ ۾ ڳالهائي مسئلا حل ڪيا وڃن، نه وري انهن جو استعمال ڪري سياسي مفاد ماڻيا وڃن اهڙي صورتحال ۾ ملڪ ۾ موجود سياسي پارٽين تي ذميداري عائد ٿئي ٿي ته ڪير به ملڪ ۾ نفرتون ڦهلائڻ جهڙا قدم کڻي ته ان جو مقابلو ڪن.

الطاف جي بيان جي رد عمل ۾ بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ۽ سنڌي عوام جو ساٿ ڏنو آهي جنهن تي ان کي ثابت قدم رهڻ گھرجي ۽ کين جلد ئي پارٽي جو اجلاس گھرائي الطاف جي بيان تي سنجيدگي سان غور ويچار ڪري ان جو حل ڳولهڻ گھرجي ته جيئن صوبي جي صورتحال خراب نه ٿئي الطاف هڪ برطانوي شهري آهي ۽ برطانيا ۾ ويهي هو پاڪستان ۽ سنڌ خلاف ملڪ دشمن بيان جاري ڪري رهيو آهي جنهن جو برطانيا حڪومت کي نوٽيس وٺڻ گھرجي ان سان گڏ پاڪستان جي وفاقي حڪومت تي به ذميداري عائد ٿئي ٿي ته هو برطانوي شهري جي اهڙي بيان تي برطانوي حڪومت کان پڇاڻو ڪن. سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي جي آئينده جو فيصلو غيرن جي هٿن تائين پهچڻ کان اڳ ۾ سنڌي ماڻهن کي پنهنجو ڀرپور رد عمل عالمي قوتن اڳيان رڪارڊ ڪرائڻ گھرجي.