Wednesday 13 November 2013

Column by Mehwish Abbasi in Daily awami awaz 14-11-2013 about sacrifice in #Karbala


ڪربلا جي عظيم قرباني

مهوش عباسي

حضرت امام حسين عليه السلام دين اسلام جي سلامتي لاءِ ڪربلا جي ميدان ۾ معصومن سميت قرباني ڏئي اهو ثابت ڪيو ته اهڙي قرباني قيامت تائين ڪو ٻيو ڏئي نه ٿو سگھي. خدا جي راضپي ۽ ناني نبي جو دين بچائڻ خاطر حضرت امام حسين عليه السلام ڪربلا جي تپندڙ صحرا ۾ پنهنجي معصوم ٻچڙن ۽ اصحابن سميت شهادت جو جام پي اسلام جو علم سر بلند ڪيو ۽ پاڻ سرخرو ٿي ويا. ڪيترائي سال گذرڻ باوجود سندن ڏنل قرباني کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ پوري دنيا اندر مجلسون، ذوالجناح، ماتمي جلوس، ننگر نياز جا اهتمام ڪيا ويندا آهن ، اهو سڀ انهن شهيدن جي يادن کي تازو ڪرڻ ۽ مومنن جي لاءِ نجات جو ذريعو آهي. جن شهيدن جو غم ملهايو پيو وڃي انهن جو نانو حضرت محمد مصطفى صلي الله عليه وآله وسلم، بابو علي شير خدا ۽ امڙ فاطمت الزهرى آهي. ڪربلا جي ميدان ۾ شهيد ٿيندڙن جي ياد ۾ کين خراج عقيدت پيش ڪرڻ سان گڏ سندن ياد کي هر ڀيري ورجايو ويندو آهي جڏهن ته عالم سڳورا سندن شهادت تي روشني وجھندا آهن.

تاريخ لکندڙ چون ٿا ته جنهن به جاءِ تي حضرت امام حسين عليه السلام جو ذڪر هلندو آهي ۽ ڪربلا جي شهيدن جي ياد ۾ جيڪا مجلس ٿيندي آهي ۽ ان مجلس ۾ شهيدن جي ياد ۾ ڪو به ماڻهو چند ڳوڙها ڳاڙيندو آهي ته انهن ڳوڙهن کي جناب فاطمت الزهرى پنهنجي رومال ۾ ويڙهي کڻي ويندي آهي جڏهن ته اهڙين مجلسن جو محافظ حضرت غازي عباس علمبردار هوندو آهي. ڪربلا جي ميدان ۾ شهادت ماڻڻ کان پوءِ يزيدين جي لشڪر جڏهن پاڪ بيبين جن جا جنازا رات جو کڄندا هئا اهڙين پاڪ بيبين کي قيدي بڻائي يزيد جي درٻار ۾ پيش ڪيو ويو تڏهن ان مظلوم قافلي کي ڏسڻ لاءِ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهو رستن ۽ گھٽين تي گڏ ٿي ويا انهن ماڻهن ۾ اهي ماڻهو به شامل هئي جن امام حسين جي ناني جي پويان نمازون پڙهيون ۽ زندگي جو هڪ وڏو عرصو گڏ گزاريو هو. جڏهن ڪربلا جي ان لٽيل قافلي تي سندن نظرون پيون ته هو زارو قطار روئڻ لڳا انهن ماڻهن مان ڪيترن ماڻهن کي خبر ڪونه هئي ته هي قافلو ڪنهن جو آهي ۽ ڪٿان پيو اچي . جڏهن کين اها ڄاڻ ملي ته اهو قافلو حضور صلي الله عليه وآله وسلم جي لخته جگر ڏهٽي امام عالي مقام حسين عليه السلام جي انهن پاڪ بيبين جو آهي جن ڪربلا جي ميدان ۾ شهادت جو جام پي اهڙي قرباني ڏني آهي جيڪا قيامت تائين ياد رکي ويندي ، تڏهن انهن جي اکين مان لڙڪ ڪري پيا ۽ آهه و پڪار ڪندي چيائون ته اڄ حسيني قافلو ڪربلا جي ميدان مان لٽجي يزيد جي درٻار ۾ پهتو آهي.

يزيد جي درٻار ۾ پهچڻ وقت جناب بيبي زينب سلام الله جيڪو خطبو ڏنو ان يزيد جي درٻار جا برج لوڏي ڇڏيا، تاريخ ۾ اچي ٿو ته لٽيل قافلي جي سرواڻ پاڪ بيبي زينب سلام الله يزيد کي مخاطب ٿي خطبو ڏيڻ شروع ڪيو تڏهن يزيد جي درٻار ۾ موجود پرڏيهي ملڪن جا سفير ۽ وزير يزيد کي انتهائي ڪريل انسان سمجھندي سندس درٻار مان اٿي هليا ويا، زينب سلام الله ۽ حضرت امام زين العابدين جي خطبن يزيد جي درٻار کي لوڏي ڇڏيو ۽ ويٺلن جون اکيون کولي ڇڏيون، تاريخ ۾ اچي ٿو ته حضور صلي الله عليه وآله وسلم جن جي اصحابي حضرت سهل جي ملاقات لٽيل قافلي ۾ موجود معصوم سڪينه سان ٿي. حضرت سهل فرمايو ته مان بيت المقدس ڏانهن وڃي رهيو هئس ته جڏهن شام جي سرزمين ۾ داخل ٿي هڪ آبادي ۾ پهتس جتي ڪيترائي خوبصورت باغ هئا، واهه وهي رهيا هئا، شهر سينگاريل هو، گھرن جي دروازن تي سهڻا ۽ ريشمي ڪپڙي جا پردا لڳل هئا، اتي جا رهواسي ڏاڍا خوش هئا هر طرف طبل ۽ ڊف وڄي رهيا هيا مون سوچيو ته شام جا هي ماڻهو ڪهڙي خوشي ملهائي رهيا آهن ۽ مون ذهن تي زور ڏيندي چيو ته هي ڪهڙي عيد آهي جنهن کان آئون نا واقف آهيان. ايتري ۾ ڪجھه ماڻهن کي ڳالهين ڪندي ڏٺم ۽ انهن ڏانهن وڌندي ويجھو وڃي پڇيم ته توهين ڪهڙي عيد ملهائي رهيا آهيو؟ ڇا جون خوشيون ڪري رهيا آهيو؟ چوڻ لڳا ته شايد تون جھنگلي عرب آهين مون چيو مان اصحاب رسول سهل بن ساد آهيان، ان تي ماڻهو چوڻ لڳا سهل حيرت جو مقام آهي جو آسمان مان رت نه ٿو وسي، زمين نه ٿي ڦاٽي، مون پڇيو ته ڇو ؟ انهن چيو ته هوڏانهن ڏس هي فرزند رسول حضرت امام حسين ابن علي جو سر مبارڪ آهي جيڪو عراق مان سوکڙي طور پيو اچي مان اهي لفظ ٻڌي گھٻرائجي ويس مون چيو الله اڪبر حسين شهيد ٿي ويو ۽ ماڻهو خوشيون پيا ملهائن. مون انهن کان پڇيو ڪربلا جي شهيد امام حسين جو سر مبارڪ ڪهڙي دروازي کان ايندو؟ انهن ماڻهن باب الساعت ڏانهن اشارو ڪيو مان جڏهن اتي وڃي بيٺس ته ڏٺم هڪ قافلو اچي رهيو آهي ان قافلي ۾ شامل هڪ ماڻهو جي هٿ ۾ نيزو آهي ان نيزي تي رسول خدا سان هوبهو مشاهبت رکندڙ سر مبارڪ آهي جنهن کان پوءِ وڌيڪ عجب نظارو ڏٺم ته بنا ڪجاون اٺن تي ڪجھه پاڪ بيبيون نظر آيون انهن مان هڪ معصوم نينگري ڏي وڌي ويس ۽ کانئس پڇيم ته توهان ڪير آهيو؟ جواب ۾ هن وراڻيو ته مان سڪينه بنت حسين آهيان. مون اکين ۾ پاڻي آڻيندي چيو ته اي پاڪ بيبي منهنجي لائق ڪا خدمت هجي ته آئون حاضر آهيان ڇاڪاڻ ته آئون اصحابي سهل بن ساد آهيان. ان معصوم نياڻيءَ فرمايو جيڪڏهن ٿي سگھي ته ان نيزي واري کي چئو ان پاڪ سر مبارڪ کي اڳتي کڻي هلي ته جيئن ماڻهن جي توجهه سر مبارڪ ڏانهن ٿئي ۽ ماڻهو ان کي ڏسڻ ۾ مصروف ٿي وڃن جيئن سندن نگاهون حرم رسول کي ڏسي نه سگھن مان ان نيزي واري ڏي ويس ۽ کيس چيم منهنجو هڪ ڪم ڪندين چيائين ٻڌاءِ مون کين 400 دينار ڏيندي چيو ان سر کي اڳتي کڻي وڃ ته جيئن حرم رسول تي ماڻهن جي نظر نه پوي جنهن تي ان ايئن ئي ڪيو ۽ 400 دينار وٺي سر مبارڪ کي اڳتي وڌائي ويو ان واقعي مان اها ڄاڻ ملي ٿي ته بيبي پاڪ گھٽ عمر جي هوندي به وڏي عقل ۽ فهم واري ڳالهه ڪري وئي.

ڪربلا جي شهيدن جي ڏنل قربانين جي ياد ۾ هر ماڻهو سوڳوار هوندو آهي مختلف طريقن سان شهيدن جي ياد ملهائي امام پاڪ کي دل و جان سان خراج عقيدت پيش ڪئي ويندي آهي، حقيقت اها آهي ته ڪربلا جي شهيدن کي ياد ڪرڻ به عبادت ۾ شمار ٿئي ٿو ڇاڪاڻ جو انهن دين اسلام خاطر جيڪا قرباني ڏني اها هميشه لاءِ امر ٿي وئي. اسان کي امام حسين عليه السلام جي ڏنل قربانين مان سبق حاصل ڪرڻ گھرجي جنهن جو مقصد اهو آهي ته توهان مٿان ڪيتريون ئي تڪليفون يا مشڪلاتون موجود هجن پر پوءِ به حق ۽ سچ جو دامن ڇڏڻ نه گھرجي جيڪو به انسان ان درس کي ورجائيندي ان تي عمل پيرا ٿيندو سو يقينن نا قابل شڪست رهندو.

No comments:

Post a Comment