Saturday 31 May 2014

My Column in Daily Sindh Express 31-5-2014 #Secularism and our society


دنيائيت (سيڪيولرزم) جو درست مفهوم ۽ اسانجو سماج
مهوش عباسي
سيڪيولرزم جنهن جي لفظي معنى دنيائيت ۽ لغوي معنى مذهبي رواداري آهي ، دنيائيت جو مقصد آهي ته هن دنيا کي ڪيئن ٺاهجي ، سنوارجي ۽ رواداري سان هلجي سيڪيولرزم يعني دنيائيت کي سمجھڻ جي بيحد ضرورت آهي ڇو ته اسانجي سماج ۾ ماڻهو دنيائيت جو غلط مفهوم سمجھن ٿا . مولانا عبدالحق جنهن پهرين اردو لغت ٺاهي جنهن ۾ هن سيڪيولرزم جو مطلب لا دينيت لکيو جنهن سبب اڄ تائين ماڻهو ان لفظ جي مطلب ۽ مفهوم کي چڱي طرح سمجھي نه سگھيا آهن جڏهن ته دنيائيت مذهب جي نفي نه ٿي ڪري بلڪه سيڪيولرزم يا دنيائيت بين الاقوامي مذهبي روادري سيکاري ٿي جنهن جي ذريعي هر ماڻهو پنهنجي مذهب ۾ رهندي ٻئي مذهب جي ماڻهن سان برابري وارو سلوڪ رکي هڪ خوشحال ۽ بهتر ماحول ٺاهي سگھي ٿو ، دنيائيت ۾ رواداري صرف مذهب تائين محدود نه آهي اسانجي سماج ۾ مختلف رنگ ، نسل ، زبان ، مذهب ، ذات ، سوچ ، فڪر ، نظريي وارا ماڻهو موجود آهن هر قسم جي انسان سان گڏجي رهڻ انهن جي سوچ ۽ فڪر جو احترام ڪرڻ انهن جي ڪنهن به طرح سان دل آزاري نه ڪرڻ کي سيڪيولرزم يا دنيائيت چئجي ٿو .
هن دنيا سان انسان جو ڪهڙو تعلق آهي ۽ انسان کي هن دنيا کي ڪيئن بهتر بنائڻ گھرجي اهو سڀ اسان کي دنيائيت سيکاري ٿي ، دنيائيت جو مقصد پنهنجي معاشري جي خراب حالتن کي ڏسي هٿ تي هٿ ڏئي ويهڻ نه بلڪه پنهنجي سماج لاءِ بهتر قدم کڻڻ آهي مطلب ته دنيا ڏانهن اسان کي ذميوار رهڻ گھرجي ، معاشري کي سنوارڻ ۽ انصاف وارو ٺاهڻ دنيائيت جو مقصد آهي . پوري دنيا ۾ الميو اهو آهي ته غريب ڏينهن و ڏينهن غريب تر ۽ امير امير تر پيو ٿئي هڪڙا ماڻهو بک ۽ بدحالي سبب مري رهيا آهن ۽ ٻيا ماڻهو گھڻو کائي مري رهيا آهن ، اهڙن مسئلن کي کڻڻ ۽ ان جو حل ڪڍڻ گھرجي ته ڪيئن سماج ۾ سڌارو ۽ برابري اچي جيڪو اسان کي سيڪيولرزم ( دنيائيت ) سيکاري ٿي .
 معاشري ۾ برداشت وارو رويو اختيار ڪرڻ گھرجي برداشت ، صبر ، احترام ۽ ٻين کي تحفظ ڏيڻ ئي دنيائيت آهي جنهن جو درس دنيا جا سڀ مذهب پڻ ڏين ٿا . پر اسان جي سماج ۾ دنيائيت ( سيڪيولرزم ) کي غلط سمجھيو وڃي ٿو جنهن سبب جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کي سيڪيولر سڏرائي ٿو ته ذهن ۾ اها سوچ اچي ويندي آهي ته هن جو ته ڪو مذهب ۽ دين نه آهي جيڪا هڪ غلط سوچ آهي ، سيڪيولر ماڻهن جو مذهب هوندو آهي اهي پنهنجي مذهب ۾ رهي سيڪيولر ٿي سگهن ٿا .
مذهب جاندار شين جو هوندو آهي رياست هڪ بي جان شي آهي جنهن جو ڪو به مذهب نه هجڻ گھرجي مذهب فردن جو هجي ٿو پر اسان جي ملڪ کي اسلامي ملڪ سڏيو وڃي ٿو جنهن سبب دنيائيت جو تصور ختم ٿيڻ لڳو آهي پاڪستان ۾ اڄ اقليتن کي تحفظ حاصل نه آهي هندو ۽ عيسائي برداري سميت هاڻي سک برادري به محفوظ نه رهي آهي مندر ، گرجا گھر ساڙيا تباه ڪيا وڃن ٿا ۽ هاڻي سکن جي مقدس ڪتاب جي به توهين ڪئي وئي آهي . جرمني جي شهر برلينگ ۾ 19 صدي دوران انتها پسندن هڪ لائبريري کي ساڙيو جنهن کانپوءِ اتي هڪ قول لکيو ويو ته جيڪي ماڻهو اختلافن سبب ڪتاب ساڙين ٿا اهي هڪ ڏينهن انسانن کي به ساڙيندا ، جيڪو هن وقت ثابت ٿي چڪو آهي  جرمني ۾ 60 لک ماڻهو ساڙيا ويا جيڪو انساني تاريخ جو هڪ وڏو الميو آهي ، پاڪستان جون حالتون به ان طرف سفر ڪري رهيون آهن جن تي جلد از جلد ضابطو آڻڻ جي ضرورت آهي .
دنيا اندر سيڪيولر رياستون مذهبن جي نفي نه بلڪه مذهبن جو تحفظ ڪنديون آهن ، اهي رياستون معاشري ۾ موجود ماڻهن جي اختلاف هجڻ باوجود به هڪ ٻئي کي تسليم ڪرڻ سان گڏ هڪ ٻئي جو احترام ڪنديون آهن ، پر اسانجي ملڪ مان رواداري ۽ برداشت ختم ٿي چڪي آهي ، دنيا اندر آمريڪا ، ڪينيڊا ، جرمني ، ڀارت ، ترڪي ، نائجيريا سيڪيولر رياستون آهن ، ڪنهن به ملڪ يا رياست جو سيڪيولر هجڻ مطلب ان ملڪ يا رياست جو ڪو مذهب نه آهي ۽ ان ملڪ جي آئين ۾ ڪنهن به مذهب کي مخصوص نه بڻايو ويندو آهي ۽ هر مذهب کي برابري ڏني ويندي آهي . پر رياست جو سيڪيولر هجڻ به ڪافي ناهي جيستائين ان رياست جا فرد سيڪيولر ناهن تيستائين معاشري ۾ سڌارو ممڪن نه آهي ، جيڪڏهن رياست سيڪيولر آهي پر ان جا فرد انتها پسند آهن ته ڏڦيڙ ڪڏهن ختم نه ٿيندو ، مذهب ماڻهن جي حقيقت آهي جنهن جو احترام ڪرڻ ضروري آهي ، سيڪيولر ماڻهو مهذب ۽ ذميوار هوندو آهي جيڪو معاشري ۾ موجود هر فرد کي عزت ۽ حق ڏئي ٿو ان سان گڏ پنهنجي مذهب جو به احترام ڪري ٿو ۽ ٻين مذهبن جو به احترام ڪري ٿو ، قرآن پاڪ ۾ به لکيل آهي ته ” لڪم دين ڪم  ولي دين“ مطلب منهنجو دين مون سان ۽ توهانجو دين توهان سان آهي . ڪنهن به فرد جو عقيدو ، سوچ ، نظريو ، فڪر ، ثقافت ، ٻولي پنهنجي آهي جنهن کي ذبردستي ٻين تي حاوي به نه ڪرڻ گھرجي ۽ سماج ۾ موجود پاڻ کان مختلف فردن ، مذهبن ، ٻولين جو احترام ڪرڻ گھرجي . ها جيڪڏهن ڪنهن به فرد کي پنهنجي سوچ يا فڪر تي آڻڻ جي ضرورت آهي ته اهو پنهنجي لفظن سان ڪرڻ گھرجي نه وري زور زبردستي سان ڳالهه مڃرائجي .
 تاريخ کان موجوده دور تائين ڪو به انساني معاشرو هڪجهڙائي نه ٿو رکي هر دور ۾ مختلف مذهبن ، رواجن ۽ ٻولين جا ماڻهو موجود هجن ٿا ، انساني توڙي قدرتي نظام هڪ جهڙي ساخت ، مزاج ، سرشتو ۽ ڍانچو نه ٿو رکي جن کي قبول ڪرڻ ۽ برابري ڏيڻ ۾ ئي سماج جي خوبصورتي ۽ بهتري آهي ، گلدستو به تڏهن خوبصورت لڳندو آهي جڏهن ان ۾ مختلف رنگن ۽ قسمن جا گل ۽ مخلف خوشبو موجود هوندي آهي اهڙي طرح اسانجي سماج جي به خوبصورتي مختلف ، سوچن ، مذهبن ، ٻولين ۽ ثقافتن ۾ آهي جن کي ختم ڪرڻ بجاءِ اڳتي وڌائڻ گھرجي ۽ هڪ با مهذب سماج ٺاهڻ گھرجي .

سماج ۾ بين المذهبي ، بين اللثاني ، بين الاخلاقي رواداري هجڻ ضروري آهي جيڪا صرف دنيائيت ( سيڪيولرزم ) جي ڪري ئي پيدا ٿي سگھي ٿي ، دنيا جو هر مذهب ٻين مذهبن جو احترام ڪرڻ سيکاري ٿو ۽ هر ڪنهن کي برابر انصاف ڏئي ٿو ، الله تعالى پاڻ فرمايو آهي ته مان انسانن تي پنهنجا حق معاف ڪري سگھان ٿو پر انسانن جا انسانن تي حق معاف نه ڪندس ، حضرت محمد ﷺ پڻ پنهنجي آخري خطبي ۾ عربي کي عجمي تي اهميت نه ڏني ، سڀني کي برابر رکيو ۽ عدل ۽ انصاف جو درس ڏنو . اسلام ۾ رواداري آهي ٻين مذهبن جو احترام ۽ تحفظ آهي جيڪو عيسائيت توڙي ٻين مذهبن ۾ پڻ موجود آهي عالمي امن ۽ سٺي اخلاقيات جو درس دنيا جو هر مذهب سيکاري ٿو ان لاءِ هر معاشري ۾ برابري ۽ رواداري هجڻ ضروري آهي ڪو به سماج تڏهن مهذب ۽ سيڪيولر ٿيندو جڏهن سوين مسلمانن ۾ هڪ هندو يا عيسائي پاڻ کي محفوظ سمجھندو ، جڏهن هزارين سنڌي ڳالهائيندڙن ۾ اردو ڳالهائيندڙ پاڻ کي محفوظ سمجھندا . ڪنهن به انسان جو واسطو ٻئي انسان سان ان جي اخلاقيات ۽ رويي سان هوندو آهي اسان کي پنهنجا رويا درست ڪرڻ جي ضررورت آهي مذهبي بنياد تي انتها پسند سوچ رکي اسان پنهنجي معاشري کي پاڻ بگاڙي رهيا آهيون ان بگاڙ ۽ انتها پسندي کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان کي رواداري اختيار ڪرڻي پوندي جيڪا دنيائيت ۾ سمايل آهي .

Saturday 17 May 2014

‪#‎Karachi‬ ‪#‎TargetedOperation‬ ‪#‎Pakistan‬ ‪#‎Mehwish‬ Abbasi column Awami Awaz - عوامي آواز 17-05-2014


My column in Daily Awami Awaz 17-5-2014 #Karachi #TargetedOperation#PMLN #MQM #PPP


ڪراچي آپريشن لاءِ ورتل اپاءَ –

مهوش عباسي

گذريل سال سيپٽمبر جي مهيني کان ڪراچي اندر ٽارگيٽڊ آپريشن جاري آهي جيڪو سياسي پارٽين جي راضپي سان شروع ڪيو ويو ، وقت گذرڻ سان آپريشن جا نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا، ڪراچي جي حالتن ۾ سڌارو اچڻ شروع ٿي ويو جنهن کي مڪمل عمل چئي نه ٿو سگھجي ڇو ته اڃان آپريشن جي سڌاري ۽ ماڻهن کي امن مهيا ڪرڻ لاءِ وڌيڪ سنجيدگي جي گهرج آهي ، وزير اعظم پاڪستان ، چيف آف آرمي اسٽاف ، ڊي جي آءِ ايس آءِ ، وزير اعلى سنڌ ، گورنر سنڌ ، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سميت مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن جو ڪراچي آپريشن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۾ اجلاس ڪوٺايو، جيڪو هڪ اعلى سطحي اجلاس هيو جنهن ۾ سياسي پارٽين توڙي عسڪري ادارن جي شرڪت اهم هئي پر هر دفعي وانگر هن دفعي به تمام سياسي پارٽيون هڪ پيچ تي گڏ نه ٿي سگھيون، جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي طرفان ڪا به شرڪت نظر نه آئي. اجلاس ۾ ڪجھه سياسي پارٽين ڪراچي آپريشن تي تحفظات جو اظهار ڪيو، ايتري تائين جو هڪ جماعت پاران سنڌ جي گورنر کي هٽائڻ تي پڻ زور ڏنو ويو جيڪڏهن ڪراچي مسئلي تي تمام سياسي پارٽيون گڏ ٿي هلن ته ڪراچي ۾ امن امان قائم ٿي سگھي ٿو .

اجلاس ۾ وزير اعظم پاڪستان غير قانوني سمون بند ڪرڻ جو ذڪر ڪيو، ان سان گڏ ڪراچي جي اچڻ وڃڻ وارن رستن تي اسڪينر لڳائڻ جي تجويز پڻ ڏني وئي ۽ ڪراچي آپريشن کي تيز ڪرڻ تي زور ڏنو ويو. جيڪي اجلاس جا اهم ۽ ضروري نقطا آهن ڇو ته پاڪستان ۾ غير قانوني ڪارروايون ، دهشتگردي ، اغوا ۽ ڀتا خوري جهڙيون ڪارروايون موبائل فون ذريعي ڪيون وڃن ٿيون جڏهن ته ڪروڙن جي تعداد ۾ غير قانوني سمون استعمال ڪيون پيون وڃن ، جڏهن ته ڏوهاري سرگرمين ۾ پاڪستان اندر ايراني ۽ افغاني سمون پڻ استعمال ٿي رهيون آهن . اجلاس ۾ وزير اعظم نواز شريف جو چوڻ هيو ته ڪراچي اندر سياسي پارٽين جا عسڪري ونگ آهن، جنهن کان سياسي پارٽيون نابري واري رهيون آهن پر حقيقت اها آهي ته سڀني پارٽين وٽ ويڙهاڪ موجود آهن ، ٻئي طرف ڏسجي ته ڪراچي ۾ پوليس اندر سياسي ڀرتيون به ٿي رهيون آهن، جنهن جي ڪري ڪراچي آپريشن صاف شفاف نه ٿي رهيو آهي، جنهن تي پڻ وزير اعظم کي سخت قدم کڻڻ گھرجن ۽ سياسي عسڪري ونگن کي ظاهر ڪيو وڃي ۽ جيڪي به سياسي پارٽيون ان عمل ۾ ملوث آهن انهن جو به نالو سامهون اچڻ گھرجي. ڪجھه وقت اڳ ڪراچي پوليس جي آفيسر دهشتگردي ۾ ملوث ڪجھه ماڻهن جو تعلق هڪ سياسي جماعت سان ڄاڻايو ته ان جماعت پاران ان عمل تي سخت احتجاج ڪيو ويو ۽ وفاق پاران ڪراچي پوليس کي هدايتون جاري ڪيون ويون ته ڏوهن ۾ ملوث ڪارڪنن جي وابستگي ڪنهن به پارٽي سان ظاهر نه ڪئي وڃي جيڪڏهن پارٽين تي ڪک رکيا ويا ته پوءِ ڪهڙي طرح اندازو لڳائي سگھبو ته ڪهڙي ڌر ۽ سندس عسڪري ونگ ڏوهن ۾ ملوث آهي .

اعلى سطحي اجلاس ٿي ته وڃن ٿا پر انهن جو بهترنتيجو نظر نه ايندو آهي. هن وقت به جيڪڏهن ايتري وڏي اجلاس کانپوءِ به ڪراچي جي عوام کي امن امان ۽ تحفظ فراهم نه ڪيو ويو ته عوام جو حڪومت ، پوليس ۽ ادارن تان يقين کڄي ويندو ، گذريل ڪيترن سالن کان ڪراچي دهشتگردي ، ڀتا خوري ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جهڙين ڪاررواين ۾ جڪڙيل آهي جن کان عوام تنگ اچي چڪي آهي ، وڌيڪ آپريشن واري صورتحال ۽ دهشتگردي واري ماحول ۾ رهڻ به ڪراچي جي عوام لاءِ مشڪل اچي رهيو آهي . حقيقت ۾ ڪراچي آپريشن ۾ حڪومت جي ايمانداري ۽ سنجيدگي نظر نه اچي رهي آهي جنهن سبب 10 مهينا گذرڻ باوجود به ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي عوام سک جو ساهه نه کنيو آهي ، سنڌ ۾ 2 سياسي پارٽيون سرگرم آهن جن مان اقتدار پي پي پي سنڀاليو ويٺي آهي، جنهن جي امن امان قائم ڪرڻ ۾ ڪا دلچسپي نظر نه اچي رهي آهي، جڏهن ته سنڌ جو گورنر ٻي سياسي پارٽي ايم ڪيو ايم جو آهي ، ايم ڪيو ايم به ڪراچي ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۾ دلچسپي نه ڏيکاري رهي آهي. جڏهن ته هن وقت اجلاس ۾ ڪراچي آپريشن تي تحفظات جو اظهار به ڪري چڪي آهي . گذريل 5 سال به پي پي پي جي حڪومت رهي جنهن وقت ۾ به هر روز 20 کان 30 ماڻهو ڪراچي اندر ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ دهشتگرديءَ جو شڪار ٿيندا هئا، هن وقت به دهشتگردي واري صورتحال ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪراچي جي امن امان لاءِ وڏو مسئلو بڻيل آهي. امن امان لاءِ جيڪي به اجلاس گھرايا ويا، ڪاميٽيون جوڙيون ويون ۽ آپريشن شروع ڪيا ويا اهي هميشه سياسي نظر ٿيندا رهيا آهن ، سياسي پارٽين جي نالي تي ڏوهارين کي آزاد ڪرايو وڃي ٿو حقيقت ۾ ڪو به ڏوهاري جيڪو قانون جي خلاف ورزي ڪري ۽ امن امان ۾ خلل وجھي پوءِ هو ڪهڙي به مذهب ، فرقي ، سياسي پارٽي يا زبان سان تعلق رکندو هجي ان کي سزا ڏني وڃي .

ڪراچي اندر امن امان واري صورتحال قائم ڪرڻ جي ذميواري وفاق کان وڌيڪ سنڌ حڪومت جي آهي، جنهن لاءِ سنڌ حڪومت کي گھرجي ته آپريشن کي صاف ۽ شفاف ٺاهي تيزي سان اڳتي وڌائي ، پاڪستان جي عوام ۽ معيشيت جو دارومدار ڪراچي تي آهي. ڪراچي اهڙو شهر آهي جيڪو ملڪ کي 70 فيصد روينيو ڏئي ٿو. هتان جو ڪمايل روينيو پوري ملڪ ۾ ڪم اچي ٿو ، دهشتگردي جي باوجود ڪراچي ۾ رهڻ عوام جي مجبوري آهي ڇو ته هتي عام ماڻهو ڪاروبار ڪن ٿا. ڪراچي ڪروڙين ماڻهن جي روزگار جو سبب آهي جيڪڏهن ڪراچي ۾ امن واري صورتحال قائم نه ٿي ته ان جو نقصان پوري ملڪ کي ٿيندو .

ڪراچي ۾ امن واري صورتحال ۽ ٽارگيٽڊ آپريشن جي ڪنهن حد تائين ڪاميابي ۾ پوليس ۽ رينجرز جو وڏو ڪردار آهي جيڪي ايمانداري سان ڪم ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجي جانين جا نذرانا پڻ ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته فوج به پوليس ۽ رينجرز سان گڏ آهي ۽ ضرورت پوڻ تي ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال قائم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي سگھي ٿي . ڪراچي جي صورتحال کي ڏسجي ته اڃان به حساس علائقن ۾ وڌيڪ پوليس اسٽيشن ٺاهڻ جي ضرورت آهي . ڪراچي آپريشن ڪجھه قدر بهتري سان وڌي رهيو آهي. جيڪڏهن ڪجھه مهينن ۾ 50 سيڪڙو به صورتحال تي ضابطو آيو آهي ته اها آپريشن جي ڪاميابي آهي پر ان سلسلي کي رڪڻ نه گھرجي. ايتري وڏي آبادي واري شهر لاءِ سڪيورٽي سخت ڪئي وڃي ۽ پوليس کي هر وقت هاءِ الرٽ رکيو وڃي . ڪراچي ٽارگيٽد آپريشن دوران 20،000 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، جن جي جانچ پڙتال ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ بيگناه ماڻهن کي آزاد به ڪيو ويو. ڪيتريون گرفتاريون شڪ جي بنياد تي ڪيون ويون انهن ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو جن خلاف شڪايتون درج هيون، جيڪي مختلف غير قانوني ڪاررواين ۾ ملوث هئا.

هاڻي ڏسجي ته وفاق ۽ سنڌ حڪومت ڪراچي آپريشن ۾ ڪيتري تيزي آڻي ٿي ۽ سياسي جماعتون ان آپريشن ۾ ادارن جو ڪيترو ساٿ ڏينديون جيڪو وقت ٻڌائيندو.