Friday 1 November 2013

Missing persons and responsbility of government Column By Mehwish ABBASI #ppp #MQM #Baloachistan #Pakistan #Sindh #PTI #PMLN

گم ٿيل ماڻهو ۽ رياست جي ذميداري

مهوش عباسي

پاڪستان ۾ missing جي معني لاپتا آهي پر مشهور ويب سائيٽ Wikipedia ۽ انسائيڪلو پيڊيا موجب پاڪستان ۾ missingجو مطلب زوري لاپتا ڪرڻ آهي ،اسانجي ملڪ اندرانساني حقن جي لتاڙ ڪيتري عرصي کان جاري آهي ان ۾ تيزي آمر حڪمران جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ ٿي ، ڊڪٽيٽر مشرف جي دور ۾ سنڌي بلوچ اڳواڻ ۽ قومپرست ڪارڪن وڏي تعداد ۾ گم ٿيڻ شروع ٿيا ، آمريڪي ”وار ان ٽيرر “ ۾ پاڪستان کي ڌڪڻ لان پوءِ ڊڪٽيٽر مشرف آمريڪا کي گھربل جهادي لا پتا بڻايا ۽ کين ڊالرن عيوض آمريڪا ۾ وڪرو ڪيو جيڪو مختلف وقتن تي ايئن به چوندو هو ته گم ٿيل ماڻهو پنهنجي مرضي تحت افغانستان ۾ جهاد ۾ حصو وٺڻ ويا آهن جن کي گم ڪرڻ جا الزام اسان مٿان مڙهيا پيا وڃن . انساني حقن جي ڪميشن سندس اهڙن بيانن جي مذمت ڪئي ۽ کائنس پڇاڻو ڪيو ويو ته ڪجھه مذهبي ماڻهو افغانستان ۽ ٻين علائقن اندر جهاد خاطر وڃي سگھن ٿا پر بلوچ ۽ سنڌي قومپرست ڪارڪن آخر پاڻمرادو گم ڇو ٿيا آهن.

بلوچستان جي وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي اهڙن قومپرست ڪارڪنن جي بازيابي ۾ ناڪامي جو اعتراف ڪيو ۽ مسئلن جي جڙ ايف سي کي ڪوٺيو. هن وڌيڪ چيو ته اسان بلوچن سان جيڪا واعدا ڪيا ان ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي جو مسئلو حل ڪري نه سگھيو آهي ان موقعي تي ڊاڪٽر صاحب بلوچستان جي ڪجھ علائقن اندر حڪومتي رٽ نه هئڻ بابت پڻ آگاه ڪيو ، ان کانسواءِ بلوچستان ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڪوئٽا کان ڪراچي تائين بلوچ اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ لانگ مارچ شروع ڪيو ويو آهي جن اڳوڻي ۽ موجوده حڪمرانن تي الزام مڙهيندي چيو آهي ته بلوچستان جي بيگناهه ماڻهن کي ماريو ، اڇليو ۽ گم ڪيو پيو وڃي جڏهن ته گهرو وزير چوڌري نثار جو چوڻ آهي ته هن وقت گم ٿيل ماڻهن جو مامرو انتهائي گنڀير ٿي چڪو آهي ڪيترن ئي وارثن کي خبر به نه آهي ته ته سندن پيارا ڪٿي ڪهڙي حال ۾ ۽ ڪنهن وٽ آهن، گهرو وزير جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اها ذميداري حڪومتي ادارن تي لاڳو ٿئي ٿي ته هو گم ٿيل ماڻهن جي مامري کي ترت حل ڪن، ملڪ جي اعلي عدالت پڻ ان مامري تي پڻ ڪيترا ڀيرا تحرڪ وٺي ملوث ادارن کي سخت تنبيهه ڪندي گم ٿيل ماڻهن بابت پڇاڻو ڪري چڪي آهي جنهن کانپوءِ گم ٿيل ماڻهن جي گهڻي بازيابي ته نه ٿي سگھي آهي، پر چند گم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرايو ويو آهي، پر ڪي به سنجيده قدم نه کنيا ويا آهن نظر ايئن اچي رهيو آهي ڄڻ گم ٿيل ماڻهو جهڙوڪ ڪي غير ملڪي آهن .

اڄ تائين بلوچستان ، سنڌ ، خيبر پختونخواه ، پنجاب ۽ فاٽا مان ڪافي ماڻهو لاپتا آهن جنهن ۾ وڏو انگ سنڌ ۽ بلوچستان جي قومپرستن جو آهي جن بابت سندن وارثن جو چوڻ آهي ته اسانجا گم ڪيل نوجوان چچريل لاشن جي صورت ۾ واپس مليا آهن ،يا مٿن ايترو جسماني تشدد ڪيو وڃي ٿو جو هو پنهنجون ذهني صلاحيتون وڃائي ويهن ٿا ، ڪن ماڻهن تي ايترو تشدد ڪيو وڃي ٿو جو انهن کي جسماني توڙي ذهني طورٺيڪ ٿيڻ ۾ سال لڳي وڃن ، ڪيترائي آزادي ماڻڻ کانپوءِ زندگي هارائي ويهن ٿا ڪيترن نوجوانن جا چچريل لاش روڊن ، رستن ۽ مختلف هنڌن تي بي يارو مددگار اڇلايا وڃن ٿاجن مان ڪيترن جي سڃاڻپ پڻ نه ٿي ٿئي .

قومي ڪارڪنن کي جيئرو ساڙڻ ۽ مٿن انتهائي غير انساني ورتاءُ ڪيو وڃي ٿو، جيتوڻيڪ اهو سلسلو هڪ ڊڪٽيٽر جي دور ۾ شروع ٿيو پر افسوس جمهوري حڪومتن به ان سلسلي کي جيئن جو تيئن جاري رکيو آهي ، اهو ئي سبب آهي جو وفاقي سياست ۾ يقين رکندڙ بلوچ اڳواڻ سردار عطاءُ الله مينگل ، اختر مينگل سميت ڪيترائي اڳواڻ حڪومت کي اهڙين ڪاررواين جو سلسلو بند ڪرڻ بلوچستان جي لاپتا ماڻهن جون زندگيون بچائڻ ۽ سندن بازيابي لاءِ احتجاج ڪري چڪا آهن .

بلوچستان اندر ٻرندڙ اهڙي باهه سبب بلوچستان جون حالتون بگڙي چڪيون آهنجنهن سبب بلوچستان جو ڪنٽرول جمهوري حڪومت جي انتظام هيٺ نه آهي ۽ بلوچستان اندر حڪومت نالي جي ڪا به شي نه آهي ، آخر ڪيسيتائين ماڻهن تي تشدد ڪري کين خاموش ڪرائي سندن وسيلن تي قبضو ڪيو ويندو . بلوچستان ۽ سنڌ جا ماڻهو پنهنجي صوبن جا وسيلا سندن حوالي ڪرڻ جي گھرج ڪري رهيا آهن جنهن سبب کين ملڪ دشمن ڪوٺي ڪيترا سنجيده معاملا حل ڪرڻ بجاءِ آمرن ۽ جمهوريت جي دعويدارن جي هٺ سبب تباهي ڏانهن وڃي رهيا آهن ، آخر سڄي قوم ۽ ملڪ جا سنجيده اڳواڻ گڏ ٿي سنڌ ۽ بلوچستان جو حل ڇو نه ٿا ڪڍن ،ڪيترن بيگناه انسانن کي عدالتن ۾ پيش نه ڪرڻ جمهوريت پسندن کي زيب نه ٿو ڏئي جيڪا اسانجي ناڪامي ، قانون ۽ آئين تان اعتماد کڄڻ جي برابر آهي، جيڪڏهن اهڙا عمل جاري رهيا ته ملڪ جو ڇا ٿيندو؟

ڪيترائي ڀيرا اسانجا حڪمران پنهنجي غلط ڪرتوتن سبب بلوچن کان معافيون طلبي چڪا آهن پوءِ به سندن روين ۾ بهتري نه آئي آهي . گم ٿيل ماڻهن کي واپس آڻي عدالتن ۾ پيش ڪرڻ ۽ آغاز حقوق بلوچستان جا اعلان به ڪيا ويا جن تي عمل ڪرڻ بجاءِ بلوچن کي دهشتگرد ڪوٺيو ويو ۽ کين ڏنڊي جي زور تي سڌو ڪرڻ جا دڙڪا ڏنا ويا . گذريل سال اقوام متحده جي انساني حقن واري چار رڪني ٽيم پاڪستان پهچي گم ٿيل ماڻهن واري ڪميشن جي سربراه پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽرين سان ملاقاتن کانسواءِ پنجاب ، خيبرپختونخواه ، ڪوئٽا ، اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو .

گڏيل قومن جي آيل وفد کي ملڪ جي مختلف علائقن جو دورو ڪرايو ويو جن گم ٿيل ماڻهن جي وارثن سان ملاقاتون ڪيون ۽ گم ٿيل ماڻهن جا انگ اکر گڏ ڪيا ، جيڪو عمل ان وقت جي حڪومت کي ڏکيو ضرور لڳو پر حڪومت جي مجبوري هئي جو هو گڏيل قومن جي ٽيم کي اهڙي عمل کان روڪي نه پيا سگھن ڇو ته پاڪستان هيومن رائٽس جو ميمبر آهي جيڪڏهن سندن ڪمن ۾ رنڊڪ وجھن ها ته کانئن ميمبرشپ کسي وڃي ها. گڏيل قومن جي آيل ٽيم انگ اکر ته گڏ ڪري ورتاپر سندن ڪارروائي تي ڪو عمل ٿي نه سگھيو آهي نه ئي ملوث ادارن کان ڪو پڇاڻو ڪيو ويو آهي ، نه ئي کين ڪيل انساني حقن جي خلاف ورزي تي ڪا سزا ڏني وئي. انٽيليجنس ايجنسيون آخر ڪهڙي قانون تحت هلي رهيون آهن ، ڪنهن آڏو جواب ده آهن ان بابت حڪومت کي ڪا به ڄاڻ نه آهي ، جڏهن ته سڄي دنيا کي خبر آهي ته اسانجي حڪومت ۽ عدالتون ايجنسين جون تابع آهن . اهڙين حالتن اندر اقوام متحده جي آيل ٽيم کي ڇا صحيح انگ اکر مليا هوندا جيڪو هڪ سواليه نشان آهي ڇو ته پوليس ، ايف سي ۽ ملڪ اندر موجود ايجنسيون پنهنجي جان آجي ڪرائڻ خاطر هڪ ٻئي تي الزام مڙهي رهيا آهن ۽ گم ٿيل ماڻهن جا حقيقي انگ اکر ظاهر نه ڪري رهيا آهن .

آخر قوميتن کي ڪهڙي سزا ڏني پئي وڃي ۽ اهو سلسلو ڪيسيتائين جاري رهندو ، حڪومت جي ناڪامي سبب مختلف سياسي سماجي اڳواڻن ، سڄاڻ ڌرين حڪومت جي ناڪامي جو اعتراف ڪندي ملڪ اندر بنگلاديش جهڙيون حالتون پيدا ٿيڻ جهڙا خدشا پڻ ظاهر ڪري ڇڏيا آهن . جنهن ملڪ اندر قانون ، آئين ۽ عدالتن جي فيصلن جو احترام نه ڪيو وڃي اتي حالتون ڪو به رخ اختيار ڪري سگھن ٿيون . جنهن ملڪ اندر هزارين ماڻهن کي پنهنجا حق گھرڻ سبب لاپتا ڪيو وڃي ، قومي ڪارڪنن سان اهو غير انساني ورتاءُ ڪيو وڃي، جنهن بابت ڪيترائي عدالتي فيصلا اچي چڪا آهن جن تي ڪا به ڌر عمل ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ، اهڙي طرح جيڪڏهن هر پاسي انساني حقن جي لتاڙ جاري رهي ،اسانجا حڪمران ۽ انساني حقن لاءِ جڙيل ادارا خاموش تماشائي وارو ڪردار ادا ڪندا رهيا ۽ سنجيدگي سان غور ويچار نه ڪيو ته اسين ڪڏهن به نيڪ نامي حاصل نه ڪري سگھنداسين ان لاءِ اسانکي پنهنجيون ذميداريون سمجھڻ گھرجن جن کي پوري ايمانداري سان بجا آڻي گھربل حقن جي بهتري لاءِ نيڪ نيتي سان ڪم ڪرڻ ۾ ئي اسانجي معاشري جي بهتري آهي، ان لاءِ اسانکي بلوچستان جي وزير اعلي جي بيان کي سنجيدگي سان وٺڻ گھرجي ۽ بلوچستان کان بلوچ اڳواڻن جي شروع ٿيل لانگ مارچ تي سوچ ويچار ڪرڻ گھرجي، ساڳي طرح سنڌ اندر گم ڪيل بيگناهه قومپرست ڪارڪنن جي بازيابي لاءِ اپاءَ ورتا وڃن.

No comments:

Post a Comment