Sunday 24 November 2013

MY Column in Daily Awami Awaz 2-11-2013 about missing persons #Pakistan #Sindh #Baloachistan



گم ٿيلن جي بازيابي يقيني بڻايو !
مهوش عباسي
گم ٿيلن جي بازيابي لاءِ ماما قدير بلوچ جي اڳواڻي ۾ عورتن ، مردن ۽ ٻارڙن تي مشتمل پيرين پنڌ قافلو ڪوئٽا کان ڪراچي پهچي چڪو آهي ، ماما قدير جو چوڻ آهي ته صرف بلوچستان مان 18 هزار کان وڌيڪ ماڻهو کنڀي گم ڪيا ويا آهن جن مان 1500 نوجوانن جا چچريل لاش کين ملي چڪا آهن جڏهن ته حڪومت پاران پوري ملڪ مان گم ڪيل ماڻهن جو تعداد چند سئو ٻڌايو پيو وڃي . ملڪ جي مختلف علائقن مان 2006 کان هن وقت تائين 1601 لا پتا ماڻهن جي گم ٿيڻ جا ڪيس رجسٽرڊ ٿيل آهن ، وزارت داخله طرفان جاري ڪيل رپورٽ مطابق خيبر پختونخواه مان 485 ، بلوچستان مان 124 ، سنڌ مان 170 ۽ پنجاب مان 313 ڪيس سامهون آيا آهن ، ڊفينس آف هيومن رائيٽس ، بلوچستان لبريشن ، يونائيٽڊ فرنٽ ، بلوچستان حڪومت ۽ ٻين ادارن پاران فراهم ڪيل فهرستن مطابق گم ٿيل ماڻهن جو تعداد 2309 آهي .
ٻئي پاسي وزارت دفاع گم ٿيل ماڻهن جي حوالي سان 30 صفحن تي ٻڌل فهرست جوڙي ورتي آهي جيڪا سينيٽ جي قائما ڪميٽي برائه انساني حقوق کي پيش ڪئي وئي آهي ، وزارت داخله جي نيشنل ڪرائسز مئنيجمينٽ سيل جي هڪ رپورٽ مطابق ملڪ ۾ گم ٿيل ماڻهن جو سلسلو 2006 کان شروع ٿيو جنهن جو جائزو وٺڻ لاءِ وزارت داخله 2008 ۾ گم ٿيل ماڻهن جو تعداد ۽ انهن بابت معلومات گڏ ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو جنهن جي مطابق سيپٽمبر 2006 کان هن وقت تائين سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ 416 گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ قانوني پٽيشنون داخل ڪيون ويون ، ڊفينس آف هيومن رائٽس جي سربراه آمنه مسعود جنجوعا جي طرفان وزارت کي ڏنل فهرست ۾ گم ٿيل ماڻهن جو تعداد 194 ٻڌايو ويو آهي . بلوچستان لبريشن يونائٽيڊ فرنٽ جي انگ اکرن مطابق بلوچستان مان 831 ماڻهو گم ٿيل آهن جڏهن ته بلوچستان حڪومت طرفان ڄاڻايل تعداد 949 آهي ٻئي پاسي ميڊيا رپورٽن مطابق بلوچستان مان گم ٿيل ماڻهن جو تعداد 6 کان 8 هزار تائين آهي .
وزارت داخله جي طرفان ڪيتريون ئي اعلى سطحي گڏجاڻيون ڪوٺايون ويون ۽ پوري ملڪ مان گم ٿيل ماڻهن بابت انگ اکر گڏ ڪيا ويا ، جاچ پڙتال بعد ڪيترا ئي نالا ٻه ڀيرا هئڻ سبب خارج ڪيا ويا جنهن کانپوءِ 1601 گم ٿيل ماڻهن جي فهرست ٺاهي وئي ، وزارت جي مطابق گم ٿيل ماڻهن بابت مواد پورو نه هئڻ سبب نادرا ، پاسپورٽ ۽ اميگريشن کان مدد طلب ڪئي وئي ، رپورٽ مطابق نادرا 98 گم ٿيل ماڻهن جي شناختي ڪارڊن جي تصديق ڪئي جڏهن ته 925 ماڻهن جي والدين جو نالو ۽ صوبي جو نالو معلوم ٿي سگھيو ، جڏهن ته ايف آءِ اي 9 گم ٿيل ماڻهن متعلق وزارت کي آگاه ڪيو ته اهي ماڻهو ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ آهن جن جا نالا پڻ گم ٿيلن جي فهرست ۾ شامل ڪيا ويا آهن . وزارت پاران قائم ڪيل ڪميشن اپريل 2010 تائين 254 ڪيس ختم ڪيا ويا جن مان 134 ماڻهن جي بازيابي به شامل هئي جڏهن ته قائم ڪيل ٻي ڪميشن جنهن جي سربراهي جسٽس (ر) جاويد اقبال جي حوالي ڪئي وئي جنهن 422 ڪيس ختم ڪيا جڏهن ته وزير داخله جي طرفان اعلان ڪيل گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙيو ويو . صوبائي سطح تي گم ٿيل ماڻهن جي انگ اکرن مطابق اسلام آباد مان 39 ، پنجاب مان 313 ، سنڌ 170 ، خيبر پختونخواه 485 ، بلوچستان 121 ، فاٽا 39 ، آزاد جمون ڪشمير 23 ، گلگت بلتستان ۾ 1 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جڏهن ته 422 ڪيس خارج ٿي چڪا آهن . ٻئي طرف بلوچستان صوبي جي بلوچ قومپرست سياسي ۽ مزاحمتي گروپن جو چوڻ آهي ته سندن گم ٿيل ساٿين جا  حقيقي انگ اکر ظاهر نه پيا ڪيا وڃن جڏهن ته اسانجا هزارين ڪارڪنن جي گم ٿيڻ جا ڪيس داخل ٿيل آهن سندن چوڻ مطابق سوين چچريل لاش کين ڏنا ويا آهن ۽ وزارت داخله جي رپورٽن ۽ ڏنل انگ اکرن تي اسان کي يقين نه آهي سندن وڌيڪ چوڻ آهي ته وزارت طرفان ڏنل انگ اکرن جو تعداد ماضي ۾ پرويز مشرف جي حڪومتي دور ۾ گڏ ڪيو ويو آهي جنهن تي اسين يقين ڪرڻ لاءِ هر گز تيار نه آهيون .
ڪيتري وقت کان گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ پوري ملڪ اندر احتجاجن جو سلسلو جاري آهي پر گذريل توڙي موجوده حڪمرانن سنجيدگي جو مظاهرو ڪندي گم ٿيلن جي وارثن سان ڪو سهڪار نه ڪيو آهي هر ڀيري هٿرادو انگ اکر جوڙي متاثر ٿيلن کي انصاف ڏيارڻ جا واعدا وچن ڪيا آهن پر ايترو وقت گذرڻ باوجود هن وقت تائين گم ٿيلن جي وارثن کي انصاف پلئه نه پيو آهي اهڙي انصاف جي آس کڻي ڪوئٽا کان آيل قافلو جڏهن ڪراچي پهتو ته سنڌ جي قومپرستن ، صحافين ۽ هڪ ايم پي اي سندن آڌر ڀاءُ ڪيو جيڪو ناڪافي آهي کين ڪوئٽا کين نڪرندي ڪيترا ڏينهن گذري چڪا آهن ان قافلي جي سرواڻي ڪندڙ ماما قدير مطابق ايترن ڏينهن اندر ڪنهن به حڪومتي اعلى شخصيت مون سان ڪو به رابطو نه ڪيو آهي بلڪه لانگ مارچ دوران مون کي ڪيترن ئي هنڌن تي مارچ کي روڪڻ ۽ ختم ڪرڻ لاءِ ڌمڪايو ويو ۽ مٿن حملا پڻ ڪيا ويا جنهن  جو کيس افسوس رهندو . چونڊن دوران نواز شريف جي بلوچستان اندر ٿيندڙ دورن دوران بلوچن سان ٿيندڙ ذيادتين جي ازالي جا ڪيترائي اعلان ڪيا مگر هن وقت تائين بلوچستان جي ماڻهن کي ڪا به آٿت نه ڏني وئي آهي ، جڏهن ته ملڪ اندر گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ جوڙيل تنظيمن ۽ ٻين ادارن پاران ساڻن ڪو به سهڪار نه ڪيو ويو آهي . هڪ پاسي بلوچستان کان پيرين پنڌ نڪتل ماڻهن جا انصاف لاءِ پير ڦٽجي پيا آهن ته ٻئي پاسي حڪمران آرام ۽ سڪون جي ننڊ سمهي رهيا آهن .

آخر ڇا جي ڪري بلوچن ۽ سنڌين کي ملڪ دشمن قرار ڏئي ساڻن جٺيون ڪيون پيون وڃن آخر ڪيسيتائين ملڪ واسين سان اهڙا سلسلا جاري رهندا ، پيپلز پارٽي جي حڪومتي دور ۾ رحمان ملڪ جتي بلوچن سان ڳالهين جون دعوائون ڪيون اتي کين ڏنڊي جا دڙڪا ڏنا ، حڪمرانن جا اهڙا عمل ٻرندي تي تيل ڇڙڪڻ برابر ثابت ٿيندا آيا آهن ، حڪومت جي اهڙن اڻ وڻندڙ روين سبب بلوچستان جي ماڻهن جي دل آزاري ٿيندي رهي آهي جنهن مان اهو محسوس ٿيندو رهيو آهي ته حڪومت ڳالهيون نه پر ڏنڊي جي زور تي بلوچن کي زير ڪرڻ پئي چاهيو سندن اهڙي ڪردار سبب بلوچن ۾ ڪاوڙ جي شدت پڻ وڌندي رهي آهي . ان لاءِ حڪمرانن کي گھرجي ته بلوچستان ، سنڌ سميت ٻين علائقن مان گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي يقيني بڻائي ماڻهن کي انصاف ميسر ڪري پنهنجا حق ڏياري ماڻهن کي دربدري کان نجات ڏياري وڃي ۽ ملڪ اندر ٻيو بنگلاديش جڙڻ کان بچايو وڃي ان لاءِ ضروري آهي ته ستل حڪمران سجاڳ ٿي پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جا منجھيل مسئلا حل ڪن ٻي صورت ۾ اڄ ڪوئٽا کان آيل قافلو ڪراچي ۾ بلوچن جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪري رهيو آهي جيڪو وڌي هزارن جي صورت اختيار ڪري اعلى ايوانن تائين به پهچي سگھي ٿو ان لاءِ حڪمرانن کي اکيون کولي ملڪ جي ڀلائي لاءِ صورتحال تي ضابطو آڻڻ گھرجي ، پنهنجي وطن جي ماڻهن کي بي ڪفنو ڪري مارڻ کان بچايو وڃي ، گم ٿيلن جي وارثن جو ساٿ ڏئي انهن کي آٿٿ ڏني وڃي ، اهڙي پاليسي جوڙڻ گھرجي جو ٻيهر اهڙا واقعا سامهون نه اچن ۽ قوم سک جو ساه کڻي سگھي .  

No comments:

Post a Comment