Tuesday 25 June 2013

Tourists killed in pakistan



ملڪ دشمن عنصر ۽ پاڪستان جي سياحت تي حملو
مهوش عباسي

سياحت هڪ روح رجھائيندڙ وندر آهي جنهن سان ڄاڻ ۽ علم ۾ اضافو ٿئي ٿو . سير ۽ سفر سان ملڪ جي جاگرافيائي  بيهڪ ، قومن جو عروج ۽ زوال ، تهذيب ، ثقافت ، سائنس ۽ ٽيڪنالاجيڪل ترقيءَ جي ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي . سياحت جي ذريعي مختلف قومن جي سياسي ، سماجي ۽ اقتصادي اوسر کي اکين سان ڏسي علم ۽ ڄاڻ ۾ قضافو ڪري سگھجي ٿو ۽ عبرت پڻ حاصل ڪري سگھجي ٿي . ان سان گڏ غير ملڪي سياحن جي ملڪ ۾ اچڻ سان امن ، ڀائيچاري ، امن ، ثقافتن جي ڏي وٺ ۾ پڻ اضافو ٿئي ٿو . پاڪستان غير ملڪي سياحن جي اچڻ سان اتان جي عام ماڻهن جي آمدني ۽ ڪاروبار ۾ اضافو ٿئي ٿو 
پاڪستان جي tourism industry سال 1970 کان باقاعده طور شروع ڪئي وئي جنهن جي ڪري ملڪ ۾ غير ملڪي سياح وڏي تعداد ۾ اچڻ شروع ٿيا جڪي گھڻو ڪري گھمڻ لاءِ پهاڙي چوٽين ، گلگت بلتستان ، پشاور ، سوات ، راولپنڊي ، ڪراچي ۽ ڪوئٽا ايندا رهيا آهن . غير ملڪي سياحن جي اچڻ سان اتان جي عام ماڻهن جي آمدني ۽ ڪاروبار ۾ اضافو ٿئي ٿو جنهن ڪري اتان جا ماڻهو ڪافي خوش ٿين ٿا .  سياحت جي ڪري ملڪ جي economy کي فائدو پهچي ٿو.
پر اسانجو ملڪ پاڪستان دهشتگردي ۽ بد امني جي ور چڙهيل آهي جيڪا سياحت کي تمام گھڻو متاثر ڪري رهي آهي ڪالهه صبح جو جڏهن خبرون ٻڌڻ لاءِ ٽي وي کولي ته افسوسناڪ خبر ٻڌي پنهنجي ملڪ جي حالتن تي تي انتهائي ڏک ٿيو ڇا اسان جي تهذيب ۽ ثقافت اتي وڃي پهتي آهي جو جهاد جي نالي تي هٿيارن جي جنگ ڪندي اسان پنهنجي تڏي تي آيل مهمانن جو اجايو خون وهايون . گلگت بلتاستان جي خوبصورت برف سان ڍڪيل وادي ۾ موجود دنيا جي 9 وڏي چوٽي جيڪا 8،125 ميٽر بلند آهي گھمڻ لاءِ 9 غير ملڪي سياح جن مان 5 سياح يوڪرائين مان آيا هئا ، 3 سياح چائنا ۽ هڪ رشيا مان آيل هيو جن کي صبح جو 10 وڳي ڪئمپ اندر فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو انهن سان گڏ هڪ پاڪستاني سياح به موجود هيو جنهن کي پڻ قتل ڪيو ويو . غير ملڪي سياح ملڪ ۾ سير و تفريح جي مقصد سان آيل هئا نه وري ملڪ جو امن امان خراب ڪرڻ پوءِ انهن کي ڪهڙي ڏوه جي سزا ڏني وئي اهڙا حملا ملڪ ۾ آيل غير ملڪين جي تحفظ لاءِ سواليه نشان بڻيل آهن جنهن جي ڪري ملڪ ۾ سياحت کي تمام گھڻو نقصاقن پهچندو  .
پاڪستان جي هڪ جهادي گروپ تحريڪ طالبان ان واقعي جي ذميداري قبول ڪئي آهي ان گروپ جي هڪ ماڻهو جنهن جو نالو احمد مروت آهي ٽيليفون ذريعي اها ذميداري قبولي جنهن وڏي فخر سان چيو ته غير ملڪي اسانجا دشمن آهن اسان انهن کي قتل ڪيو آهي ۽ مستقبل ۾ به ايئن ڪنداسين . اهو پيغام ملڪ جي تحفظ ۽ امن امان لاءِ وڏو چئلينج آهي . ان ساڳئي گروپ پاڪستان اندر ٿيندڙ شيعا برادري جي بس تي حملو پڻ ڪيو هو جنهن جي نتيجي ۾ 18 شيعا برادري جي ماڻهن کي قتل ڪيو ويو . اتي مان اها ڳالهه به واضع ڪندي هلان ته 9 غير ملڪي سياحن سان گڏ قتل ٿيندڙ پاڪستاني سياح پڻ شيعا برادري سان تعلق رکندڙ هو جڏهن ته حملو ڪندڙن فائرنگ کان پهريان اتي موجود ماڻهن جي شناخت ڪئي ۽ ٻين پاڪستانين تي حملو نه ڪيو .
پاڪستان ۾ سياحت جي متاثر ٿيڻ جا ٻيا به ڪيترائي سبب آهن جن ۾ سياحن کي ٽرانسپورٽ جون سهولتون ميسر نه هجڻ ۽ جن ماڳن تي سياح گھمڻ وڃن ٿا اتي انهن جي رهڻ جو صحيح انتظام موجود نه آهي . اسان وٽ دنيا جي ٻيون نمبر وڏي چوٽي  K-2 موجود آهي ، عربي سمنڊ ، مهراڻ جي وادي جي 5،000 پراڻي ثقافت ، موئن جو دڙو ، ٻيا تاريخي ماڳ ، مشهور صوفين ۽ بزرگن جا مقبرا موجود آهن تنهن هوندي به سياحت جي لحاظ کان پاڪستان جي tourism industry دنيا جي 124 ملڪن مان 103 نمبر تي آهي جنهن جو سبب دهشتگردي ، ناقص انتظام ۽ حڪومت جي لاپرواهي آهي . پاڪستان ۾ سياحن جو تعداد هر سال گھٽجي رهيو آهي سياحن کان ڦر لٽ جا واقعا به پيش اچن ٿا اسانجي ملڪ ۾ ڪير به سياحت لاءِ اچي ٿو ته ان کان اهو سوال ڪيو وڃي ٿو ته ڇا توهان پاڪستان ۾ سياحت دوران محفوظ رهندو .
ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته اسان وٽ ڪيترائي خوبصورت ماڳ ۽ تهذيب پکڙيل آهي پر انهن خوبصورت رنگن کي دهشتگردي ، بد امني ۽ ڦر لٽ ڳڙڪائي رهي آهي دنيا ڀر جي سياحن جا رستا دهشتگردي روڪي ڇڏيا آهن . سريلنڪا ، ڀارت ، چين ، ترڪي ، جرمني ، اٽلي ، ميڪسيڪو ،اسپين ، فرانس ، ايران ، جده هن وقت سياحت مان تمام گھڻُ ڪمائي رهيا آهن يورپ کي هر سال 50 فيعد ايڪانامي سياحت مان حاصل ٿئي ٿي ۽ آمريڪا کي 26 سيڪڙو ايڪانامي سياحت مان حاصل ٿي. ٻئي طرف اسانجو ملڪ آهي جيڪو ايترن تفريحي ماڳن جي هوندي به سياحت کان محروم بڻيل آهي هتي جي دهشتگرد ڪاررواين ۽ امن امان جي بگڙجندڙ صورتحال ۾ ته پاڪستان جو شهري ئي گھر کان ٻاهر ۽ گھمڻ ڦرڻ کان ڊڄي ٿو .     
 سياحن جي قتل سان اسانجي ملڪ ڏانهن وڌندڙ سياحن جا قدم رڪجي ويا آهن جنهن ڪري اسان دنيا کي پنهنجي ثقافت، تهذيب ۽ ملڪ اندر موجود خوبصورت جڳهين جو احساس نه ٿا ڏياري سگھون . گلگت بلتستان جي سرحد ڪشمير ۽ چين سان لڳي ٿي جنهن کي ڪنهن حد تائين محفوظ علائقو سمجھيو وڃي ٿو ان علائقي ۾ اهڙي قسم جي دهشتگرد ڪاررواين ۾  سياحن جي قتل وارو پهريون واقعو آهي . ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته پاڪستان اهو حملو پاڪستان جي سياحت کي تباه ڪرڻ جي مقصد سان ڪيو ويو آهي ان سان گڏ پاڪستان ۽ چين جا بهتر ٿيندڙ لاڳاپا پڻ خراب ڪرڻ ان حملي جو مقصد نظر اچي رهيو آهي . ڪيترائي غير ملڪي سياح پاڪستان اچڻ کان گھٻرائن تان جنهن جو سبب پاڪستان اندر موجود ڪيترائي جهادي گروپ آهن سياحن جو چوڻ آهي ته پاڪستان جهادين جي جنگ جي ور چڙهيل آهي جنهن ڪري انهن جي جان ۽ مال کي تحفظ حاصل نه آهي پاڪستان ۾ 2 جهادي گروپ طالبان ۽ القائده گھڻا سرگرم آهن .
هڪڙي پاسي دهشتگرد آهن جيڪي جڏهن ۽ جٿي چاهين ملڪ ۾ پنهنجي هدف کي نشانو بڻائي سگھن ٿا جن وٽ هٿيار به آهن آپگھاتي بمبار به ۽ ٻئي پاسي ملڪ ۾ جهاد جي نالي تي ڦهليل دهشتگرد گروه آهن جيڪي اقليتن سان گڏ ملڪ اندر ايندڙ سياحن تي به حملا ڪري رهيا آهن . هن وقت تائين جيڪو نظر اچي پيو ته سرڪار اهڙن عنصرن جي اڳيان بيوس بڻيل آهي ، سرڪار وٽ نه ڪا قومي پاليسي آهي نه وري سنجيده آهي جيڪا ان خناس کي ٻنجو ڏئي سگھي . اسانجي اڳواڻ وڏي واڪ امن ۽ ڀائيچاري جي ڳالهه ڪن ٿا پر عمل در آمد ٿيندي نظر نه پيو اچي هن وقت پاڪستان پوري دنيا ۾ بدنام ٿي رهيو آهي جنهن جي ڪري اسان ٻاهرين ملڪن جو رخ به نه ٿي ڪري سگھون جيڪڏهن ڪو به پاڪستاني ٻاهرين ملڪ وڃي ٿو ته ان کي هڪارت جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو ايئن چئجي ته شايد هر پاڪستاني کي دهشتگرد سمجھيو وڃي ٿو .  جيڪي فلاحي رياستون هونديون آهن تن جا فيصلا عوام دوست هوندا آهن جن جو مقصد ملڪ کي بدحالي ۽ افراتفري مان ڪڍي عوام کي ڀرپور سهولتون فراهم ڪرڻ آهي پر اسانجي ملڪ ۾ عام عوام جو ته خير آيل مهمان جي لاءِ به ڪا سهولت نه آهي هو پنهنجي مدد پاڻ اچن ٿا ، رهن ٿا ، پنهنجي حفاظت ڪن ٿا ، ڪامياب ٿيا ته خير نه ته جان ۽ مال جو نقصان ڪرائي واپس وڃن ٿا . مطلب ته پاڪستان ۾ سياحت ڪرڻ جنگ تي وڃڻ جي برابر آهي .
اها دشمن عنصر هاڻي هعن مان نڪري چڪا آهن جن جو هن وقت مقصد صرف ۽ صرف ملڪ جي تباهي ۽ ملڪ کي ٻين ملڪن سان لاڳاپا رکڻ کان روڪڻ نظر اچي رهيو آهي جيتري قدر ڳالهه دهشتگردي جي آهي ته اها ايتري حد تائين وڌي چڪي آهي جنهن جو مڪمل خاتمو نظر نه پيو اچي پر جيڪڏهن قانون سازي ، واضح پاليسي ۽ سنجيده ڪوششون ڪجن ته ڪنهن حد تائين دهشتگرد ڪاررواين تي ضابطو آڻي سگھجي ٿو .
دهشتگردي خلاف اثرائتا قدم کڻڻ گھرجن ، وفاقي ۽ صوبائي انٽيليجنس ادارن ۾ رابطا وڌائڻ گھرجن ، جيڪڏهن ڪنهن به ٻاهرين هٿ جي مداخلت آهي ته ان کي روڪڻ گھرجي . سماج ۾ مذهبي يا لاساني بنيادن تي ڦهلنندڙ نفرتن کي روڪڻ جي سخت ضرورت آهي . ان سڀني ڳالهين تي عمل در آمد تڏهن ٿيندو جڏهن قانون جي حڪمراني کي ترجيح حاصل هوندي دهشرگرد گروهن جي ڪنهن به مفاد تحت پٺڀرائي ڇڏي سندن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن لاءِ اسانکي پنهنجي پاليسي واضع ڪرڻي پوندي ۽ اهڙن انسان ۽ ملڪ دشمن گروهن جي ڪيل ڪاررواين تي مذمتون ڪرڻ بجاءِ عملي قدم کڻي ، خاموشي جي روايت ڀڃي انهن جو خاتمو آڻڻ ضروري آهي .
chemist_mehwish@yahoo.com

Sunday 23 June 2013

Tourists killed in pakistan

Islamabad, June 23 (IANS)
Ten tourists - nine foreigners and a Pakistani national - were killed in an attack by unidentified assailants in Pakistan's Gilgit Baltistan region early Sunday.
The incident, in which nine tourists from China, Ukraine, and Russia besides a Pakistani national were killed, occurred at Nanga Prabat tourist Base camp.
Gilgit deputy inspector general Ali Sher said unidentified armed men attacked the Nanga Prabat tourist Base Camp at Fairy Meadow in Dayamar area around 1.00 a.m. and killed nine foreign tourists camped there.
Militant group jundallah hs accepted this attack,  this group is akso responsible for attack on pakistan minority sheeaas.
Those who have committed this heinous crime seem to be attempting to disrupt the growing relations of Pakistan with China and other friendly countries.”

Saturday 22 June 2013

Taliban

Sindh crisis

Women in society

Women rights

Sindh rights

Women

Name tag

Mehwish Abbasi

Mehwish Abbasi with Aafia salam

Sindh

Women vote right

Terrorism in pakistan

Usaid

At workshop

Education

Honor killing women rights

Sindh

My column about dictatorship

Sindh government

Voting

Mehwish Abbasi

Mehwish with manssor ali

Mehwish at workshop

Mehwish receiving award

Politicians vote

Women right of vote

Mehwish with Sdaf in social media training

Mehwish with Gareeda farooqui at training

At workshop

Mehwish Abbasi

My column about election

Taliban

Column

Workshop

Mehwish Abbasi

Mehwish Abbasi

Column

Women rights a big challenge

Election of sindh

Dictator Musharaf

election in pakistan

Mehwish Abbasi

Mehwish with Sherry Richard

Mehwish with sean Mundensan

Election in sindh

Politicians and government