Saturday 21 September 2019

Nimarta Chandani's Case & social media Brigade by Mehwish Abbasi, published in Awami Awaz

To read

نمرتا جو ڪيس ۽ سوشل ميشيا برگيڊ.... مهوش عباسي
عوامي آواز 21 سيپٽمبر 2019
سنڌ اندر جڏهن به ڪو واقعو پيش اچي ٿو، سوشل ميڊيا برگيڊ پوري طرح سان ان تي تبصرا ڪرڻ لاءِ تيار رهي ٿي، منهنجي خيال ۾ سوشل ميڊيا جو جهڙي ريت استعمال اسان جي ملڪ ۾ ٿي رهيو آهي اهڙو استعمال ٻيو ڪٿي به نه ٿيندو هوندو. ان ڏس ۾ ڪيترائي مثال اسان جي سامهون آهن، پوءِ ان ۾ سياست هجي، مذهبي انتهاپسندي، عورتن جا مسئلا، ڏاڍ ۽ جبر واري يا شادي، سنڌ ۾ وڌندڙ هندو برادري جا مسئلا يا وري نياڻين ۽ نوجوانن جي آپگهات ۽ قتل کانپوءِ هاسٽلن ۽ گهرن مان ملندڙ لاش ڇو نه هجن. اسان جي عوام هر معاملي ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي رهي ٿي. هونئن ڏسجي ته هر شخص کي اظهار جي آزادي آهي، سوشل ميديا هر خاص ۽ عام ماڻهو لاءِ پنهنجو آوا اٿارڻ جو ذريعو آهي، سوشل ميڊيا جا مثبت پاسا ۽ فائدا به ڪيترا ئي آهن جن کان هرگز انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. پر معاملا ان وقت خراب ٿين ٿا جڏهن حساس معاملن تي غير تجربيڪار ماڻهو ڳالهائڻ شروع ڪن ٿا، ان ۾ وڏو تعداد نوجوانن جو آهي جيڪي بنا ڪنهن تجربي جي جذبات جو اظهار ڪن ٿا، هر ڀيري کين لڳي ٿو ته هو انساني همدردي، عوام ۽ ڌرتي جي ڀلائي لاءِ اڳتي وڌي رهيا آهن، پر ڪيترائي ڀيرا انهن جو بنا سوچي سمجهي ڳالهائڻ حقيقتن آڏو پردو رکي ڇڏيندو آهي. ان سبب اعليٰ ادارن کي پڻ ڪارروائي ڪرڻ ۽ جائز حقيقتون ٻڌائڻ ۾ مسئلا درپيش ايندا آهن.
تازو چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ پڙهندڙ بي ڊي ايس جي شاگردياڻي نمرتا چنداڻي جي معاملي ۾ پڻ ايئن ٿي رهيو آهي، سوشل ميڊيا برگيڊ پنهنجي پنهنجي راءِ ڏيڻ ۾ مصروف آهي جڏهن ته واقعي جي مڪمل طور جاچ اڃان تائين نه ٿي سگهي آهي. ان واقعي سان ڪنهن حد تائين ملندڙ جڙندڙ واقعو سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻي نائلا رند جو پڻ هو، جنهن تي پڻ سوشل ميڊيا تي عوام ڪيترائي سوال اٿاريا، جنهن بعد جاچ ڪري ڊي آءِ جي رپورٽ ميڊيا آڏو آندي ۽ ان معاملي کي آپگھات قرار ڏيندي آپگھات جو سبب بڻجندڙ شخص کي سزا ڏيڻ جي يقين دهاني پڻ ڪرائي. ياد رهي ته ان معاملي سبب يونيورسٽي جا ڪيترائي ملازم برطرف پڻ ٿيا هئا.
ان مثال جو مطلب هرگز اهو ناهي ته نمرتا ڪماري جو ڪيس به ڪجهه اهڙو ئي آهي، ڳالهه صرف ايتري آهي ته سوشل ميڊيا تي موجود عوام خاص ڪري غير تجربيڪار نوجوان اهڙن حساس معاملن تي ڳالهائڻ کان پرهيز ڪن ته جيئن اعلي ادارا حقيقتن جي بهتر نموني جاچ ڪرائي سگهن.
احتجاج ڪرڻ، ڏک جو اظهار ڪرڻ هر شخص جو بنيادي ۽ قانوني حق آهي پر جاچ مڪمل ٿيڻ تائين اهڙي قسم جي معاملن تي تجربيڪار تجزيانگارن، صحافين، ليکارين ۽ سماجي ايڪٽوسٽز کي ڳالهائڻ ڏنو وڃي، جيڪي اهڙن معاملن جي ڄاڻ ۽ تجربو پڻ رکن ٿا. اهڙي ريت يقينن حقيقتون سامهون اچڻ ۾ دير نه لڳندي ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن تي ضابطو پڻ اچي سگهندو. ان سڀ دوران هڪ ڳالهه جي ضرور خوشي آهي ته عوام ۾ ڪنهن حد تائين پنهنجي حقن خاطر وڙهڻ جو شعور اچي چڪو آهي، گھوٽڪيءَ ۾ ٿيل مندر تي حملو هجي يا وري نمرتا جو ڪيس، عوام سراپا احتجاج بڻيل آهي،
مندر ۾ مسلمان سنڌين جو ويهڻ ۽ سڄي رات مندر ۽ هندو برادري جي حفاظت ڪرڻ مذهبي رواداري ۽ ڀائيچاري جو هڪ بهتر مٽال آهي، ٻئي پاسي نمرتا لاءِ به هر عام خاص ماڻهو آواز اٿاري رهيو آهي، پر اتي ڳالهه اها آهي ته ان آواز ۾ ڪيتري سچائي ۽ پختگي آهي ڇو ته ڪيترائي ڀيرا غلط آواز انصاف جي رستي۾ رڪاوٽ پڻ بڻجندو آهي. منهنجي نظر ۾ هر عمل جو هڪ بهتر طريقو موجود آهي، احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ هجي يا وري سوشل ميڊيا تي مهم هلائڻي هجي، درست رستو اختيار ڪيو ويندو ته ڏوهاري ڪڏهن به ڀڄي نه سگهندو.
نمرتا ڪماري واري معاملي ۾ سوشل ميڊيا برگيڊ جيڪي غلطيون ڪيون آهن اهي ڪجهه هن ريت آهن، سڀ کان اڳ هڪ وڊيو وائرل ڪئي وئي جنهن ۾ هڪ ڇوڪريءَ کي ڪمري ۾ وٺي وڃي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي جڏهن ته ان وڊيو ۾ اها چوڪري نمرتا نه پر ٻي ڪا آهي، سوشل ميڊيا کيس نمرتا ثابت ڪرڻ ۾ رڌل نظر آئي آهي ۽ بنا ڪنهن تصديق جي اها وڊيو وائرل ڪئي وئي آهي.
ٻئي پاسي سوشل ميڊيا تي هڪ ٻي وڊيو پڻ وائرل ڪئي وئي جيڪا هڪ ڇوڪري ٺاهي آهي جنهن ۾ ميڊيڪل ڪاليج جي انتظاميا پئسن عيوض اين ٽي ايس جا پيپر ليڪ ڪرڻ سميت پئسن عيوض شاگردن کي داخلا ڏئي رهي آهي،
ان وڊيو بابت به اهو چيو ويو ته اها وڊيو نمرتا ٺاهي آهي جنهن سبب شايد کيس قتل ڪيو ويو آهي پر حقيقت اها آهي ته وڊيو شزا نالي هڪ ڇوڪري ٺاهي آهي، ان معاملي ۾ به نمرتا کي جوڙيو ويو جيڪو هڪ غلط عمال آهي.
ان سڀ جي وجهه درست معلومات نه هجڻ ۽ سوشل ميڊيا تي ڪجهه به سامهون اچڻ بعد بنا سوچي سمجھي ان کي شيئر ڪرڻ ۽ تبصرا ڪرڻ آهي. ان ڪيس ۾ نمرتا جي ٻن ڪلاس فيلوز کي پڻ تحقيق ۾ شامل ڪيو ويو، ياد رهي ته نمرتا جي موبائل فون سميت انهن ٻن شاگردن جا موبائل فون به فرانسڪ رپورٽ لاءِ موڪليا ويا آهن، جنهن وقت نمرتا جي ڪلاس فيلوز جي ڳالهه سوشل ميڊيا ۾ آئي ته انهن نوجوانن جون تصويرون بنا ڪنهن تصديق جي شايع ڪيون ويون ۽ سوشل ميڊيا برگيڊ انهن کي قاتل ڄاڻائي گھڻو ڪجهه لکڻ ۽ ڳالهائڻ لڳي، جڏهن ته سندن بيانن جو به انتظار نه ڪيو ويو.
هاڻي ان معاملي ۾ انهن 2 ڇوڪرن جي خاندانن جو خيال نه ڪيو ويو ته انهن تي ڇا اثر پوندو؟ عوام جذبات ۾ ايتري ته گم ٿي وڃي ٿي جو ڪنهن جي ذاتي عزت جو به خيال نه ٿي ڪري. ياد رهي ته جنهن وقت انهن مان هڪ ڇوڪري مهراڻ ابڙو جو اهو بيان سامهون آيو ته نمرتا کيس پسند ڪندي هئي ۽ شادي جي خواهشمند هئي، مذهب ۽ سماج جي ڪري مهراڻ شادي کان انڪار ڪيو پر نمرتا کيس لڳاتار شادي لاءِ چوندي رهندي هئي، مهراڻ موجب نمرتا ان سبب ذهني دٻاءُ جو شڪار پڻ هئي، کيس سندس موت جو سبب خبر ناهي پر ٻنهي وچ ۾ ان معاملي کي وٺي ڳالهه ٻولهه هلندڙ هئي. ياد رهي ته موقعي تي موجود پوليس پڻ نمرتا جي ڪمري مان دوائون ملڻ جي نشاندهي ڪئي هئي. مهراڻ جي اهڙي بيان ڪيس جو رخ يقينن تبديل ڪيو آهي،
ٻئي پاسي نمرتا جو ڀاءُ هرگز ان ڳالهه تي راضي ناهي ۽ سندس چوڻ آهي ته نمرتا کي قتل ڪيو ويو آهي ۽ هو پهرين پوسٽ مارٽم رپورٽ تي پڻ خدشا ظاهر ڪري رهيو آهي. ان سموري ڏس ۾ عوام کي گهرجي ته صبر کان ڪم وٺي، فرانسڪ رپورٽ، حتمي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۽ جاچ ڪميٽي جي آخري رپورٽ جو انتظار ڪري ته بهتر هوندو.
هر شخص جي حياتي تمام گهڻي اهميت رکي ٿي پوءِ اهو آفيسر هجي، سياستدان، عالم، ليکڪ يا ڪو به عام ماڻهو سندس ناحق قتل يا وري ڪنهن به قسم جي دٻاءُ ۾ ڪيل آپگھات قابل مذمت آهي جنهن جي روڪ ٿام تمام گھڻي ضروري آهي، اهڙا واقعا سماج ۾ نا اميدي ۽ مايوسي پيدا ڪن ٿا جنهن سبب ٻين نوجوانن توڙي نياڻين کي ڪيتريون ئي پريشانيون درپيش اچن ٿيون.
اسان مستقبل جو سوچڻ بدران جذباتي ٿي ڪيترائي ڀيرا اهڙن ڪيسن کي خراب ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي رهيا آهيون. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته اسان جي سماج ۾ هر ماڻهو پاڻ کي وڪيل، جج، پوليس ۽ ڊاڪٽر سمجهڻ شروع ڪري ٿو جنهن سبب اهڙا واقعا مونجهاري جو شڪار ٿين ٿا، ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته انسانيت جي ناتي ان معاملي تي ماڻهو راءِ ڏئي رهيا آهن پر ڇا ايئن نه ٿيڻ گهرجي ته اسين اهو معاملو سائنسي، ميڊيڪل ۽ قانوني ماهرن حوالي ڪيون.
ان معاملي ۾ حڪومت ۽ اعلي ادارن جو ڪردار به ضرور ڏسڻ وٽان هوندو، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته معاملي جي جاچ صاف شفاف نموني ٿئي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙا واقعا پيش نه اچن، معاملي جي جاچ بعد جيڪي به رپورٽون عوام آڏو پيش ٿين اهي ماهرن پاران پيش ڪيون وڃن جيئن عوام انهن تي اعتماد ظاهر ڪري سگهي. جڏهن ته وقت کان اڳ ڪنھن تي به ڪو به الزام لڳائڻ مناسب نه آھي انسانيت ناتي ڀيڻ نمرتا جي ڪُمهلي موت تي ڏکارا ضرور آھيون ۽ اهڙن واقعن جي مذمت پڻ ڪجي ٿي ۽ اميد ٿي ڪجي ته جاچ صاف ۽ شفاف ٿيندي ۽ نمرتا جي والدين کي انصاف ضرور ملندو.