Sunday 10 November 2013

A column by MEHWISH ABBASI About advantages and disadvantages of #Technology in daily awwami awaz 10-11-2013


جديد ٽئڪنالاجي جون خوبيون ۽ خاميون

مهوش عباسي

ڪو وقت هوندو هو جڏهن اسانجي معاشري ۾ قديم شين جو استعمال عام بڻيل هو جيئن خط لکڻ لاءِ قلم ۽ مس جو استعمال، ان کي موڪلڻ لاءِ پوسٽ جو استعمال، پاڻي ڀرڻ لاءِ کوهه جو استعمال، ڪڻڪ ۽ چانور پيهڻ لاءِ جنڊ جو استعمال، اسڪولن ۾ پٽي ۽ سليٽن جو استعمال پر جيئن جيئن وقت گذري رهيو آهي اهي شيون نظرن مان غائب ٿي رهيون آهن ۽ انهن جي جڳهه سائنسي ٽئڪنالاجي والاري آهي، ڇو ته اڄ سائنس ايتري ترقي ڪري رهي آهي جو اهڙين شين کي اڄ جي سائنسي ۽ ٽئڪنالاجي جي دور ۾ استعمال ڪرڻ کي وقت جو زيان ۽ اهڙي ماڻهو کي چريو ۽ پراڻي دور جو سمجھيو وڃي ٿو.

ٽئڪنالاجي جو مطلب آهي ڄاڻ ۽ علم جي ذريعي اوزارن ۽ مشينن جو استعمال ڪندي ڪنهن به اداري يا سسٽم ۾ ڪا به اهڙي تخليق ڪرڻ جنهن سان مشڪل ڪم آسان ٿي سگھن ۽ نئين تخليقن ذريعي ڪائنات ۽ دنيا جي لڪل معلومات حاصل ٿي سگهي. اسان هر پاسي کان سائنسي تخليقن ۽ ٽئڪنالاجي سان گھيريل آهيون، رڌڻي کان وٺي آفيس جي ڪمري تائين هر طرف ٽئڪنالاجي آهي، شهر جي روڊن رستن کان اسڪولن، اسپتالن، ريلوي اسٽيشن، ايئرپورٽ، فيڪٽرين توڙي مختلف ڪمپنين ۾ ڪو به ڪم ٽئڪنالاجي کان بغير ممڪن نه آهي پوءِ مشينن جو استعمال هجي، ڪمپيوٽر جو استعمال يا وري انٽرنيٽ جو استعمال اهي سڀ اسان جو معمول بڻجي چڪا آهن.

انٽرنيٽ اڄ جي دور جي سڀ کان اهم ترين ٽئڪنالاجي سمجھي وڃي ٿي جنهن جي ذريعي اسان پوري دنيا سان رابطي ۾ رهون ٿا ۽ سوشل ميڊيا سميت مختلف ويب سائيٽس جي استعمال سبب ڪا به معلومات، خبر هڪ ٻئي تائين سيڪنڊن ۾ پهچائي سگھون ٿا، هڪ سسٽم تي ويهي پوري دنيا کي ڏسي، سمجھي سگھجي ٿو، ڪائنات جي تخليقن کي سمجھڻ لاءِ سائنسدانن ڪائنات ۾ پنهنجيون ٺاهيل مشينون ڇڏيون آهن جيڪي آسمان تي موجود آهن ۽ موسم سميت مختلف معلومات زمين تي پهچائي رهيون آهن . دنيا اندر روبوٽ ٺاهيا پيا وڃن جنهن سبب فيڪٽرين يا ڪنهن به اداري ۾ سئو ماڻهن جو ڪم هڪ روبوٽ ڪري سگھي ٿو، اهڙي طرح اسان ٽئڪنالاجي جا فائدا ڏسون ته اڻ کٽ آهن، ڪيتريون ئي اسان کي ٽئڪنالاجي فراهم ڪري رهي آهي.

پر هڪ سڪي جا ٻه پاسا هوندا آهن جتي سهولتون آهن اتي نقصان به آهن جن سبب ايئن لڳي رهيو آهي تي ٽئڪنالاجي ماحول ۾ موجود قدرتي خوبصورتي کي ختم ڪري رهي آهي جتي سائنسدانن 100 سالن تائين ٽئڪنالاجي جي واڌاري لاءِ قدرت جي قرباني ڏني، هاڻي اهو سوچي رهيا آهن ته ان قدرتي نظام کي ڪيئن ٻيهر درست ڪجي جيڪو ناممڪن آهي، ٽئڪنالاجي لاءِ جبلن کي ختم ڪيو ويو، ٻيلن کي باهيون ڏئي ساڙيو ۽ ڪٽيو ويو، وڏا وڏا سولر سسٽم، انڊسٽريون لڳايون ويون جن سبب ماحول ۾ ايتري ته گدلاڻ وڌي وئي جو (ozone layer) جيڪا زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ هڪ تحفظ ڪرڻ واري ديوار آهي اها ٽٽڻ لڳي آهي جنهن ۾ وڏا خال پئجي چڪا آهن جنهن سبب اها ديوار سج جا شعاءَ روڪي نه ٿي سگھي ۽ دنيا ۾ گرمي پد وڌڻ سان گڏ ڪيتريون ئي بيماريون ڦهلجي رهيون آهن، ان سان گڏ ڪيترن ئي ملڪن ۾ تيزابي برسات پڻ ٿي رهي آهي جنهن جي نقصانن ۾ چمڙي جو ڪينسر، ساهه جون بيماريون، جاندارن جو ان تيزابي پاڻي سبب انڌو ٿيڻ سر فهرست آهن ۽ اها برسات قديمي عمارتن توڙي نين عمارتن کي پڻ تباهه ڪري ٿي، ان ديوار ۾ خال پوڻ سبب سيارو گھٽ ۽ گرمي جي موسم وڌيڪ عرصو هلي رهي آهي.

ٽئڪنالاجي ماڻهن کي ايترو ته مصروف ڪري ڇڏيو آهي جو هڪ گھر ۾ ويٺل گھر ڀاتي هڪ ٻئي کان حال احوال به نه ٿا وٺن، والدين اولاد کان نه ٿا پڇن ته اڄ هو اسڪول ۾ ڇا پڙهي آيو، اولاد والدين کان طبعيت تائين نه ٿو پڇي. سائنسدانن هڪ تحقيق موجب اهو ثابت ڪيو آهي ته ٽئڪنالاجي ۽ موبائل فون جي گھڻي استعمال سبب ماحول ۾ موجود ماکي جون مکيون انهن شعائن سبب مري رهيون آهن جيڪڏهن اهو سڀ ايئن جاري رهيو ته هڪ اهو وقت ايندو جڏهن دنيا جون سڀ ماکيءَ جون مکيون ختم ٿي وينديون ۽ ڪجھه وقت کان پوءِ انسان مري ويندا.

ٽئنڪنالاجي انسانن کي ايتريون ته سهولتون فراهم ڪيون آهن جو انسان سوچڻ ۽ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت ڇڏي ڏني آهي جنهن سبب انسان ذهني توڙي جسماني بيمارين ۾ مبتلا رهن ٿا، اڄ جا نوجوان فيس بڪ، وائبر، اسڪائپ ۽ ٽوئٽر جو ايترو ته استعمال ڪري رهيا آهن جو انهن کي راندين يا ٻين مشغلن سميت پڙهائي جو ڀرپور وقت نه ٿو ملي، نوجوان گھر کان ٻاهر وڃي دوستن سان گڏجاڻيون نه ڪري رهيا آهن ڇو ته ٽئڪنالاجي جي ذريعي هو گھر ويٺي هڪ ٻئي سان ڳالهائي ۽ هڪ ٻئي کي ڏسي سگھن ٿا جنهن سبب انهن ۾ سامهون ويهي ڪنهن به موضوع تي ڳالهائڻ جي صلاحيت گھٽ ٿي رهي آهي. ٽئڪنالاجي جي ذريعي هٿرادو ٻج، هٿرادو ڀاڄيون ۽ جانور پيدا ڪيا پيا وڃن، جنهن سبب بيماريون وڌي رهيون آهن ، پر ان سڀ جي باوجود اسان ٽئڪنالاجي مان جان آجي نه ٿا ڪرائي سگھون ڇو ته اڄ جي دور ۾ ان کان سوا اسان جو جيئڻ ڄڻ ته نا ممڪن آهي. اڄ جي 10 سال جي ٻار کي 60 سال جي عمر واري ماڻهو سان ڀيٽائجي ته ڄڻ هو اڄ جي دور جي مناسبت سان اڃان پيدا، ٿيو آهي.

اسان جي اها ڪوتاهي رهي آهي ته جڏهن به اسان وٽ ڪا به نئين تخليق اچي ٿي ته ان کي قبول ڪرڻ بجاءِ ان شي جو غلط تاثر رکون ٿا، جيئن لائوڊ اسپيڪر آيا ته مولوين فتوي جاري ڪئي ته ان جو استعمال ڏوهه آهي، جڏهن ته هاڻي مسجدن ۾ آذان ۽ خطبا لائوڊ اسپيڪرن تي ڏئي رهيا آهن ، ڪيمرا آيا ته تصويرون ڪڍرائڻ واري عمل کي غلط چيو ويو هن وقت ڪو به انسان بغير تصوير ڪڍرائڻ جي حج يا عمري تي نه ٿو وڃي سگھي، ڪوڙ ڳالهائڻ ڏوهه آهي مولوين کي سال لڳي ويا ته انسان ڪوڙ نه ڳالهائن پر سائنس اهڙي تخليق ڪئي جو ڪو به انسان ڪوڙ ڳالهائيندو ته هڪ سيڪنڊ ۾ خبر پئجي ويندي، جڏهن ٽيليويزن جو وقت آيو ته مولوين فتوي جاري ڪئي ۽ ان کي حرام چيو پر هاڻي ٽي وي ڏسجي ته اسانکي پاڪستان جا گھٽ ۾ گھٽ 10 اسلامي چينل ته ضرور ملندا، ٽي وي تي اسانجا عالم سڳورا پنهنجي ڳالهه ، پيغام يا تبليغ ڪندي نظر اچي رهيا آهن.

ٽئڪنالاجي ايتري ته ترقي ڪري چڪي آهي جو هاڻي مستقبل ڏسڻ جون مشينون ٺاهيون پيون وڃن ان کان علاوه ليزر سسٽم کي ايترو ته وسيع ڪيو پيو وڃي جو گھمندي ڦرندي، ڪم ڪندي ڪٿي به اسان بغير ڪنهن ڪمپيوٽر جي اخبار، رسالا، ڪتاب پڙهي سگھون ٿا. اڃان ته اها شروعات آهي لڳي ايئن رهيو آهي ته ايندڙ 100 سالن ۾ انسان صرف پاڳل پڻ جو هجوم بڻجي ويندا ۽ جيڪڏهن ڪنهن شي جي اهميت هوندي ته اها انسان کان وڌيڪ ٽئڪنالاجي جي هوندي.

ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سائنس اسانجي مشڪلاتن کي آسان ڪيو آهي، اسانکي پوري دنيا سان ڳنڍيو آهي، هر ڪم آسان بڻايو آهي، ڪلاڪن جو ڪم منٽن ۾ ٽئڪنالاجي جي مدد سان ئي ٿي سگھي ٿو پر اسان کي ٽئڪنالاجي تي ايترو دارومدار نه ڪرڻ گھرجي ڇو ته اهڙي عمل سان انسان پنهنجيون صلاحيتون وڃائي ويهندو ۽ جديد ٽئڪنالاجي جو محتاج ٿي پوندو، ان جي هر وقت جي استعمال سبب ڪٿي اسان پنهنجو پاڻ ۽ پنهنجي گھر وارن کي وساري نه ويهون، پنهنجي ذهني ۽ جسماني صلاحيتن کان ڪم وٺڻ ڇڏي ڏيون ، جيڪڏهن اسان کي ٽئڪنالاجي مان فائدو وٺڻو ئي آهي ته اسان کي اهڙيون شيون ايجاد ڪرڻ گھرجن جيڪي ماحول جي گدلاڻ کي روڪي سگھن، جن جي استعمال جي ذريعي قدرت سان جنگ ڪرڻ بجاءِ برائيءَ سان جنگ ڪيون، دنيا ۾ پئٽرول ۽ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ٿي رهي آهي ان کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ ٽئڪنالاجي جي ضرورت آهي، دنيا اندر سولر سسٽم ۽ وڻن ذريعي بجلي پيدا ڪرڻ سميت ٻيون ڪيتريون ئي ٽئڪنالاجيون عام آهن پر پاڪستان ۾ اهي فراهم نه آهن جن کي پاڪستان ۾ آڻڻ جي به ضرورت آهي، ڪنهن بهتر تخليق کي تنقيدي نظر کان ڏسڻ بدران ان کي قبول ڪرڻ ئي بهتر آهي پر ان تي مڪمل طور دارومدار رکڻ سراسر غلط آهي، اميد ته سائنس ۾ بهتر نموني سان مثبت تخليقون ٿينديون جن جي ذريعي دنيا ۾ موجود انسان فائدو حاصل ڪرڻ سان گڏ پنهنجي ماحول کي بهتر بڻائيندا ۽ پنهنجي ڪم ڪرڻ ۽ ذهني صلاحيتن کي ڪڏهن به گھٽ ٿيڻ نه ڏيندا.

No comments:

Post a Comment