Friday 24 February 2017

Many Hindus celebrate Shivratri in Sindh Pakistan peacefully

#Sindh is perfect example of Religious tolerance here Hindus can celebrate their religious festivals and Muslims participate with them in celebrations and wish them vice versa for both communities either it is Eid Ramadan or it is Holi or Deewali.
Today many Hindus celebrated Shivratri peacefully in various cities and villages of Sindh where Muslims also joined them I witnessed several celebrations with my eyes here in Hyderabad and nearby.
The devotees performed a ritual where Shiva was bathed with milk and honey. In the evening, they carried out a mehndi and sehra bandi where young, unmarried girls prayed for wedlock and married women asked for Shiva’s blessing, children and the wellbeing of their husband and sons.
The temple reverberated with the sound of bells and shouts of “Shankerji ki jai”. Devotees walked around the lingam, a mark which represents Shiva, three or seven times and then poured water over it; some poured milk.

Monday 20 February 2017

#MehwishAbbasi #Sindh #Pakistan #Journalism #writer #article on #international Mother language day



My (Mehwish Abbasi) Writeup in Daily Awami awaz 20th Feb 2017 About International Mother languahes day, focusing on Sindhi language and its current scenario.
مادري ٻولين جو عالمي ڏينهن ۽ سنڌي ٻولي
مهوش عباسي
هر سال 21 هين فيبروري تي سنڌ سميت سموري دنيا ۾ مادري ٻولين جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي، پنهنجي ملڪ قوم، ثقافت توڙي مادري ٻولي سان پيار رکندڙ قومون اهو ڏهاڙو وڏي جوش ۽ خروش سان ملهائي سموري دنيا کي پنهنجي قوميت جو احساس ڏيارينديون آهن. اقوام متحده پاران هن ڏينهن کي 17نومبر 1999ع تي ٻولي جي تحريڪ ۾ شهيد ٿيل بنگالي شاگردن کي ڀيٽاطور ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو .
ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته ٻولي هڪ ورثو ۽ خزانو آهي، ٻولين جي نگهبان ۽ نگران عالمي ادارن جي تحقيق ۽ سروي موجب ڪيتريون ئي ٻوليون آهستي آهستي مري ويون آهن، ڇاڪاڻ ته انهن ٻولين جي اصلوڪي ڳالهائيندڙن آهستي آهستي عالمي زبانن جي اثر هيٺ پنهنجي ٻولين کي وسارڻ شروع ڪيو آهي. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته سنڌي ڳالهائيندڙ اڄڪلهه پنهنجي سنڌي ٻوليءَ ۾ پنهنجي روزمرهه جي ڪم ڪارن ۾ ٻين ٻولين جا لفظ استعمال ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪن ٿا. اڄ جي هن جديد دور ۾ سنڌي ئي پنهنجي مادري ٻولي کان پري ٿيندا پيا وڃن، جيجل ماءُ امڙ بابا ۽ ڀاءُ جهڙن مٺڙن لفظن بجاءِ انگريزي لفظن ممي، ڊيڊي، پاپا، آنٽي ۽ براڌر جهڙا لفظ عام طور استعمال ٿيڻ لڳا آهن، خاص ڪري مٿين طبقي سان واسطو رکندڙ ماڻهو سنڌي ۾ لکڻ يا سنڌي ڳالهائڻ کي ترجيح نه ٿا ڏين.، بلڪه سنڌي ڳالهائڻ کي پنهنجي گهٽتائي ٿا سمجهن. اهي نه ته پاڻ ۽ نه ئي وري پنهنجي ٻارن کي مادري ٻولي طرف راغب ڪري رهيا آهن. گھريلو ماحول ۾ اڪثر ڪٽنب سنڌي بجاءِ انگريزي ۽ اردو ڳالهائيندي نظر اچن ٿا جنهن سبب سنڌي ٻولي کي وڏو نقصان پهچي رهيو آهي ۽ ڪٿي ايئن نه ٿي جو ايندڙ نسل سنڌ جي اصلوڪي سنڌي ٻولي کان ناواقف ٿي وڃي.