Sunday 22 June 2014

سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۽ ڌرتي ڌڻين جو وجود! مهوش عباسي

سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۽ ڌرتي ڌڻين جو وجود!
مهوش عباسي
ڪنهن به ڌرتي جو حقيقي وجود ۽ بقا ان جي رهاڪن ، رياستي وجود ، ثقافت ، مذهب ۽ ٻولي سان قائم رهندو آهي جنهن ڌرتي جا ماڻهو پنهنجي وجود ، رياست ، ثقافت ، ٻولي ۽ مذهب کي بچائي نه سگھندا آهن اهي ماڻهو وقت سان گڏ پنهنجو ۽ پنهنجي ڌرتي جو وجود ختم ڪري ڇڏيندا آهن جنهن سبب ڌاريا ان ڌرتي تي قابض ٿي پاڻ مڃرائيندا آهن ۽ ان ڌرتي جا اصل رهاڪو پوئتي ٿي ويندا آهن جنهن جو مثال يورپ توڙي دنيا جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ نظر اچي ٿو ، فرانس به ان دور مان گذري رهيو آهي ان جي اصلي رهواسين پاڻ کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي ۽ اڄ پنهنجي بقا لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن . جتي وسيلن جي گهڻائي هجي، وسيلن جا وارث به ننڌڻڪا هجن اتي ڌاريا انهيء ڌرتيء جي وسيلن جي ورهاست تي هڪ ٻئي سان ويڙھ ڪندا رهندا آهن .
اهڙو ئي حشر سنڌ سان ٿي رهيو آهي  هزارين سال سنڌ پاڻ کي پوري دنيا ۾ هڪ سيڪيولر ۽ صوفياڻي ڌرتي ڪري مڃرايو صوفين سان عقيدت جي ڪري سنڌ ڌرتي رواداري قائم رکي ، مذهبي رواداري  ۽ ڪنهن به قسم جي فرق نه هجڻ جي ڪري سنڌ پوري دنيا لاءِ مثال بڻيل رهي ، 1947 واري ورهاڱي ۾ سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪيو ويو اڄ به ماڻهن جي ذهن ۾ اها غلط فهمي ويهاري وئي آهي ته پاڪستان جو بنياد مذهبي بنيادن تي ٿيو پر حقيقت ۾ سنڌ اسيمبلي جي پاڪستان جي حمايت واري قراردا توڙي 1940 ع ۾ پيش ٿيل لاهور واري قرارداد ۾ ۾ ڪٿي به اهو ذڪر نه آهي ته مذهبي بنيادن تي هندوستان جو ورهاڱو ۽ ڪنهن به قسم جي لڏپلاڻ ٿي . ورهاڱي کانپوءِ ڪيترائي مهاجر دهلي ، اتر پرديش ۽ بهار کان سنڌ صوبي ۾ لڏپلاڻ ڪري آيا ، پاڪستان جي نئين ٺهيل رياست ۾ سنڌي ماڻهو سياسي توڙي سماجي طور يتيم ٿي ويا ، لياقت علي خان ۽ ٻين لڏپلاڻ ڪري آيل مهاجرن کي سنڌ جي شهرن اندر اهڙي منظم طريقي سان آباد ڪيو جيئن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين اندر سندن ماڻهن جو انگ چڱي تعداد ۾ داخل ڪري سگھجي جيئن مهاجرن کي پيش ايندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ سان گڏ سندن حق حاصل ڪري سگھجن سندن اهڙي سوچ ڪامياب وئي ، مسلم ليگ جي قيادت ۾ جيڪي مهاجر هندوستان مان لڏپلاڻ ڪري سنڌ ۾ آيا اهي اردو برادري تي مشتمل هئا جيڪي سنڌ تي قابض ٿي ويا جنهن سبب مذهبي بنيادن تي سنڌ جا اصل رهاڪو سنڌي هندو هندوستان ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا ۽ سنڌ پنهنجي حقيقي سڃاڻپ کان محروم ٿيندي پئي وڃي . مهاجرن کي سنڌين جيءَ ۾ جايون ڏنيون پر اڄ پنهنجن ئي همدردن کي ڏنگي رهيا آهن کائن شايد پنهنجو ماضي وسري چڪو آهي ، کين اهي ڏينهن وسري ويا جڏهن پنجاب جي ماڻهن کين پنجاب ۾ لهڻ ئي نه ڏنو ۽ چيو ويو ته پاڪستان اڳتي آهي .
ساڳئي طرح اتر وزيرستان اندر هلندڙ آپريشن ۾ متاثر ٿيندڙ پناهگيرن کي به سنڌ آڻڻ لاءِ تياريون شروع ڪيون ويون آهن ، بنون ۾ قائم ڪيل ڪئمپ اندر پناهگيرن رهڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي اندروني طور سنڌ حڪومت تي زور وڌو ويو آهي ته متاثرين کي ڪراچي اندر رهايو وڃي جنهن لاءِ حڪومت ڇنڊ ڇاڻ بعد پناهگيرن کي ڪراچي اچڻ جي اجازت تي راضي ٿي وئي آهي ، گذريل 24 ڪلاڪن دوران اتر وزيرستان جي علائقن مان 1 لک 70 هزار متاثر علائقا ڇڏي چڪا آهن جن جو پشاور ، لاهور ، پنڊي ، اسلام آباد ، فيصل آباد رهڻ جو ڪو به ارادو نه آهي سندن نظرون سنڌ جي شهر ڪراچي تي کتل آهن . گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان انهن علائقن جا ڪيترائي ماڻهو ڪراچي اندر پهريان ئي آباد آهن جنهن ڪري خدشو آهي ته لڏپلاڻ ڪندڙن کي به آهستي آهستي ڪراچي آڻي رهايو ويندو ، ڪجھ ڏينهن اڳ منهنجو سکر کان حيدرآباد اچڻ ٿيو اتفاق سان پشاور کان ايندڙ ڪوچ ۾ مون کي سيٽ ملي جڏهن سکر کان ڪوچ نڪري آئي ته هڪ چيڪ پوسٽ تي گاڏي جي تلاشي ورتي وئي سپاهي جي نظر هڪ اجنبي ماڻهو تي پئي جنهن وٽ پاڪستان جو ڪارڊ ئي نه هو جڏهن سپاهي کيس ٻانهن کان جھلي هيٺ لهڻ لاءِ چيو ته ڪنڊيڪٽر ۽ ڊرائيور مداخلت ڪندي سپاهي کي 100 روپيا ڏنا ۽ هن جوان ان مان هٿ ڪڍيا جيڪڏهن اسان 100 روپين جي عيوض سنڌ ڌرتي تي ڌارين کي داخلا ڏينداسين ته پوءِ سنڌ جو ڇا ٿيندو ؟
اهڙي طرح سنڌ ۾ ڪيترين ئي ٻين قومن جي ماڻهن جي لڏپلاڻ ٿيندي رهي آهي پوءِ زلزلي سٽيل هجن ، بارشن ، ٻوڏ ۽ ڏڪار سٽيلن کي سنڌ ۾ آباد ڪيو ويو آهي ، اهڙي طرح سنڌ اندر به ڪيترائي ڏڪار ، ٻوڏون آيون آهن پر ڪڏهن به پنجاب يا ڪي پي ڪي سنڌي ماڻهن کي لاهور يا پشاور اندر سهولتون ڏئي رهائڻ جي ڳالهه نه ڪئي آهي هر ڀيري سنڌ حڪومت ڏيهه ڏڪاريل ماڻهن کي انسانيت جي ناتي قبول ڪندي رهي آهي پر اهڙو مثال ملڪ جي ٻئي ڪنهن صوبي قائم نه ڪيو آهي ايتري تائين جو گذريل سالن ۾ آيل ٻوڏن ۽ بارشن سبب جڏهن سنڌ جي ماڻهن کي سنڌ حڪومت پاران ڪراچي ۽ حيدرآباد آڻي کين آباد ڪرڻ جا وچن ڪيا ويا جنهن تحت ٻوڏ ۽ بارش سٽيل متاثر جڏهن شهرن ۾ پهتا ته شهري آبادين اندر رهندڙ مهاجرن حد درجي جي مخالفت ڪئي جنهن سبب سنڌ حڪومت پنهنجا پير پوئتي ڪري متاثرن کي بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو جنهن سبب ڪيترا متاثر واپس پنهنجن ماڳن ڏانهن موٽي ويا جڏهن ته اڄ به ڪيترائي روڊن ڪناري پنهنجي معصوم ٻارڙن ۽ عورتن سميت ڪسم پرسي واري حالت ۾ گذاري رهيا آهن . جنهن صوبي جي شهر ڪراچي اندر سنڌ جي ٻين ضلعن جي ماڻهن کي پناه نه ٿي ڏني وڃي اتي آخر ڌارين کي ڪنهن جي زور تي رهايو پيو وڃي ، پاڪستاني رياست جي سنڌ دشمن آئين جو سهارو وٺي ڪيترائي ماڻهو سنڌ جو رخ ڪيو ويٺا آهن جن مان اڪثريت جو ڦيرو ڪراچي ڏانهن آهي ڇو ته ڪراچي ملڪ جي هر نسل جي معاشي پناه گاه رهي آهي ، افغانستان ۾ جنگيون لڳڻ سبب ڪيترائي افغاني سنڌ ڏانهن لڏپلاڻ ڪندا ايندا رهيا ، پهريون ڀيرو افغاني پناهگير 1980 ع ۾ سنڌ ڏانهن لڏپلاڻ ڪري آيا ان وقت افغانستان ۾ ” سويت “ واري جنگ هلي رهي هئي ، هڪ ايجنسي جي رپورٽ مطابق هن وقت سنڌ ۽ ڪراچي اندر 70،000کان وڌيڪ افغاني مهاجر رهي رهيا آهن ، جيتوڻيڪ اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ 30،000 پنجاب ۾ 20،000 ، ڪشمير ، گلگت ۽ بلتستان ۾ 15،000 افغاني پناهگير رهيل آهن .
هاڻي سنڌ ۾ ڌاريا پنهنجي وجود لاءِ وڙهي رهيا آهن جيئن اڄڪلھ ڪراچيء جي روڊن رستن تي مهاجر ۽ پٺاڻ سنڌ جي وسيلن تي قبضي جي لاء وڙهندا وتن ٿا. هاڻي سياسي لاوارث سنڌي قوم به منجهي پئي آهي ته انهيء ڦورو ٽولن جي ويڙھ ۾ ڪنهنجو ساٿ ڏجي ۽ ڪنهن جي خلاف ٿيجي. ڪجھ اڳواڻ ايم ڪيو ايم جي محبت ۾ پٺاڻن کي تڙي ڪڍڻ جي ڳالھ ڪن ٿا ، ڪجھ اڳواڻ ايم ڪيو ايم جي بغض ۾ پٺاڻن جي هٿان مهاجرن جي مارجڻ جي حمايت ڪن ٿا ۽ سنڌ جا نام نهاد سياستدان انهن ڦورو ٽولن جي ويڙھ ۾ سنڌين کي اڻ ڌريو رهڻ جي صلاح ڏين ٿا . ايتري انتها ٿيڻ کان پوءِ ذهن ۾ ڪجھ ضروري سوال اڀرن ٿا جن تي سنڌ جي جي سڄڻن ، دانشورن ، ليکڪن ، اديبن ۽ سياستدانن کي سوچڻ گھرجي ته ڇا مهاجر سنڌ ڇڏي ڀڄي ويندا؟ ڇا مهاجر سنڌ جي شهرن تي پنهنجو اڌ صديء جو قائم ٿيل قبضو ختم ڪري ڇڏيندا؟ ڇا مهاجرن ۽ پٺاڻن جي جهيڙي ۾ سنڌين کي ڪو فائدو ملندو؟ ڇا پٺاڻ مهاجرن کي ماري سنڌ جي شهرن جا مالڪ ٿي ويندا؟ جيڪڏهن اهي سنڌ جا مالڪ بڻجي ويندا ته سنڌين جو ڇا ٿيندو ، سنڌي ماڻهو پنهنجي ڌرتي تي پاڻ نڌڻڪا ٿي ويندا جيڪو اسان جي وجود کي قائم رکڻ لاءِ نقصانڪار آهي ، ايئن ئي رهيو ته اسان سنڌي به تاريخ بڻجي وينداسين ۽ صرف تاريخ جي ورقن تائين محدود رهنداسين ته اسان جو ڪو به وجود هيو .
پاڪستان جي رياستي قانون ۾ صرف ٽي سال رهڻ کان پوء پٺاڻ سنڌ جا اصلي شهري ٿي ويندا ، سنڌ جي اسڪولن ، ڪاليجن ،يونيورسٽين ، نوڪرين، اسيمبلين ۾ پٺاڻن جي نمائندگي هوندي. ٽرانسپورٽ ، قبضا گيري ، غير قانوني هٿيار ۽ منشيات جي پئسي سان پٺاڻ سنڌ جي هر هڪ اداري ۾ هوندا ۽ نتيجو اهو نڪرندو جو سنڌ ڪنهن نئين ڀٽي جي پاس ٿيل نئين آئين جي هيٺ ٽي لساني صوبو بڻجي ويندو جيئن ايم ڪيو ايم سربراه ون ۽ ٽو جي ڳالهه ڪري رهيو آهي . هڪ ڪروڙ آباديء جي بنياد تي مهاجر سنڌي وزيراعلي جي ڀيٽ ۾ مهاجر گورنر جي گهر ڪن ٿا ته پوء پٺاڻ به هڪ ڪروڙ آباديء جي بنياد تي ڪنهن پٺاڻ نائب وزيراعلي جي گهر ڪري سگهن ٿا. پٺاڻن ۽ مهاجرن جي ويڙھ ۾ ڀلي اسان اڻ ڌريا هجئون پر اهو جهيڙو اسان جي ڌرتيء تي ٿئي پيو .
سنڌ حڪومت کي هن وقت سنجيدگي جو مظاهرو ڪندي ڌارين جي آبادڪاري کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ گھرجن جيڪڏهن ملڪ تي ڏکيو وقت آيو آهي ته ان ۾ ٻين صوبن کي به ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ گھرجي هر ڀيري سنڌ تي اهڙيون مصيبتون نه وڌيون وڃن جنهن سان ڌرتي ڌڻين جو جيئڻ جنجال بڻجي وڃي.

My Article in Today's Daily #Kawish Newspaper 22-06-2014 سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۽ ڌرتي ڌڻين جو وجود


My peace of writing in Daily Kawish newspaper about #Thar #Sindh #Pakistan