Sunday 27 July 2014

#Women #Sindh #Pakistan (Mehwish Abbasi) My article in Daily Sindh express 27-07-2014 Dignity of Women and our society


My article in Daily Sindh express 27-07-2014 Dignity of Women and our society (Mehwish Abbasi)


اسانجي سماج جي عورت ۽ سندس تقدس !
مهوش عباسي
هر روز جڏهن اخبار تي نظر پوندي آهي ته اخبار جا صفحا سنڌ ۾ عورتن تي ٿيندڙ تشدد ، ظلم ۽ ڏاڍاين سان ڀريل نظر ايندا آهن مون کي ياد به نه آهي ته مان ڪڏهن ڪا اهڙي خبر پڙهي هجي جنهن ۾ عورت جي ڪاميابي ، ترقي ، حوصلي ۽ همت جو ذڪر هجي ، منهنجي نظر مان سنڌ جي عورتن بابت تمام گھٽ اهڙي قسم جون خبرون گذرنديون آهن جنهن ۾ ڪنهن با وقار عورت کي نمايان ڪيو ويو هجي ۽ ان جي ڪم ۽ ڪردار جي ساراه ڪئي وئي هجي ، جيڪڏهن هر روز ٽي وي چينلن توڙي اخبارن ۾ خبرون نظر اينديو آهن ته عورتن جي اغوا ٿيڻ ، ڪاري ڪري قتل ڪرڻ ، سڱ چٽي ۾ ڏيڻ ، تشدد ڪري مارڻ ، تيزاب سان ساڙڻ ، ذيادتين ، لڄالٽ ، جنسي ڏاڍاين ، خودڪشين ، غربت ، ننڍي عمر ۾ شاديون ۽ زبردستي شاديون ڪرائڻ جهڙيون خبرون نظر مان گذرنديون آهن . اڄ جي هن ترقي يافته دور ۾ به عورتن جي اهڙي مظلومي ، بي وسي ۽ ذيادتين کي ڏسي افسوس ٿيندو آهي ته جتي اسين پاڻ کي مهذب سڏرائڻ ۾ فخر محسوس ٿا ڪيون اتي ئي اسان پنهنجين نياڻين کي ڪاري ڪري قتل ڪرڻ ۾ دير نه ٿا ڪيون ، جتي اسان پاڻ کي سوشل ۽ آزاد سوچ وارو سڏرائيندي نه ٿا ٿڪجون اتي ئي اسان پنهنجين عورتن کي ذاتي ملڪيت سمجھي غلامي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ڪري رهيا آهيون . ڪيترين ئي صدين کان وٺي عورت کي ذاتي ملڪيت تصور ڪيو ويو آهي ، جڏهن عورت کي ذاتي ملڪيت تصور ڪيو ويو آهي ته عورت جي پسند نا پسند جو اختيار مرد پاڻ وٽ رکيو آهي ، جنهن سبب عورت جي اظهار ۽ آزادي تي غلاماڻي سوچ حاوي ٿي چڪي آهي جيڪا سوچ هڪ جاگيرداراڻي سماج جي عڪاسي ڪري رهي آهي . عورت کي ذاتي ملڪيت تصور ڪرڻ سبب اها ملڪيت غيرت ، لڄ ۽ شان و شوڪت جي نفسيات جو شڪار ٿي رهي آهي جنهن سبب هو غلامي کي پنهنجو مقدر سمجھي زندگي گزاري رهي آهي ، اهڙي طرح هن پدرشاهي سماج ۾ عورت ڪمزور ۽ هيڻي بڻائي وئي آهي جنهن سبب صدين جو سفر گذرڻ باوجود  اڄ به عورت غلامي واري زندگي گزاري رهي آهي پوءِ کڻي اها غلامي خانداني ، سماجي ، معاشي ، قبيلائي يا رشتيداري نظام ۾ سڌي يا اڻ سڌي طرح هجي . اڄ به جاگيرداراڻي ۽ وڏيرڪي نظام ۾ ٻهراڙين اندر عورتن کي ڍورن وانگر وڪرو ڪرو وڃي ٿو ، ڏنڊ ۽ چٽيءَ ۾ عورتن جا سودا ڪيا وڃن ٿا ، جنهن سبب عورتن جي لڄ ، شان ۽ معصوميت چند روپين عيوض نيلام ٿي وڃي ٿي ، اڄ به پلئه ۾ عورتن جا ناحق خون ڪيا وڃن ٿا ، ذاتي تڪرارن ۽ ملڪيت حاصل ڪرڻ خاطر بيگناه عورتن کي ڪاري ڪري ماري ، بغير غسل ۽ ڪفن جي کڏ ۾ اڇلايو وڃي ٿو .
هن ملڪ ۾ جتي 100 کان وڌيڪ اين جي اوز عورتن جي ڀلائي لاءِ ڪروڙين روپين جا فنڊز وصول ڪري ڪم ڪري رهيا آهن ، ادارا هر روز عورتن لاءِ ڪانفرنسون ڪوٺائيندا رهن ٿا ، جتي اسان پاڻ کي تهذيب يافته ۽ تعليم يافته سڏرايون ٿا اتي اڄ به عورتن سان بد ترين قسم جو استحصال ، نا انصافي ۽ خراب رويا اختيار ڪيا وڃن ٿا ، هڪ عالمي اداري جي رپورٽ مطابق 70 سيڪڙو عورتون پنهنجي گھرن ۾ به غير محفوظ آهن جن کي گھريلو تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو ، جڏهن ته 5 کان 15 سال عمر جي ڇوڪرين کي جسم فروشي تي مجبور ڪيو وڃي ٿو جن جو تعداد هر سال 5 کان 10 لک ٿيندو جڏهن ته 1 لک عورتن کي ٻين ملڪن ۾ جسم فروشي لاءِ وڪرو ڪيو وڃي ٿو ، شايد اسان جا ادارا اهڙن عملن خلاف ڪبوتر جيان اکيون پوري ويٺا آهن ، عورتن کي اڄ به اهو مقام حاصل نه ٿي سگھيو آهي جنهن جون عورتون حقدار آهن کين هن سماج ۾ ذلت رسوائي ۽ جهالت پلئه پئي آهي .
سڌريل قومن ۽ ترقي يافته ملڪن ۾ عورتن جي زندگي جو سفر سولو آهي پر سنڌ جي عورت اڄ به پنهنجو وجود مڃرائي نه سگھي آهي ، اسان جا حڪمران ۽ سماجي ماڻهو ان ڳالهه جي دعوى ڪندي نه ٿا ٿڪجن ته اسان جون عورتون اڄ آزاد آهن ، تعليم حاصل ڪري رهيون آهن ، مردن سان گڏجي ڪم ڪري رهيون آهن پر شايد انهن کي اهي ڳالهيون نظر نه اچي رهيون آهن ته گھر کان نڪرندي آفيس تائين عورتن کي ڪيترين پريشانين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ، تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ نياڻين کي ڪشالا ڪٽڻا ٿا پون اڃ به سنڌ ۾ صرف 52 فيصد عورتون تعليم يافته آهن ، اڄ به ٻهراڙين ۾ نياڻين جا اسڪول بند پيل آهن ، ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڪنهن حد تائين 21 صدي جي عورت پاڻ کي مڃرايو آهي جنهن جا ڪيترائي مثال اسان وٽ موجود آهن ، پوءِ ڀلي تعليم جو ميدان هجي يا راند جو ، سياسي توڙي معاشي ڪمن ۾ عورتون پاڻ کي مڃرائي رهيون آهن ، سياست سميت معاشري جي بهتري لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن ، پر هزارن ۾ چند اهڙا مثال اسان کي ملندا ، سماج ۾ وڌندڙ براين ، مرداڻي سماج جي عورتن ڏانهن وڌندڙ ناڪاري سوچ عورتن کي ڪمزور ۽ مظلوم بڻايو آهي ، جنهن سبب عورتن جي اڪثريت اڄ به غربت جي گھاڻي ۾ پسجي رهي آهي ، اڄ به عورتن کي صحت ، تعليم جهڙا بنيادي مسئلا درپيش آهن ، تاريخ ۾ ڏسجي ته دنيا جون ڪيتريون ئي عورتون جيڪي گذريل دورن ۾ سنڌ جي عورتن کان هڪ قدم پوئتي هيون اهي اڄ سنڌ جي عورتن جي نسبت ۾ ترقي جي راه ڏانهن گھڻو اڳتي نڪري چڪيون آهن . اسان جي سماج ۾ جڏهن به عورت جو ذڪر ٿئي ٿو ته ذهنن ۾ اٻوجھ ، هيڻي ، ويچاري ، مجبور ، مظلوم ، بيوس ۽ لاچار جهڙا لفظ اجاگر ٿين ٿا عورتن کي اپاهج سمجھيو وڃي ٿو ته اها سوچ رکي وڃي ٿي ته سماجي ، معاشي ۽ قومي ترقي ۾ عورتون ڪردار ادا نه ٿيون ڪري سگھن جڏهن ته گھر جي ڪم ڪار ، ٻارن جي پالنا کان وٺي فصلن ۽ مال جي سار سنڀال جا ڪم به عورتن کان ورتا وڃن ٿا ، ڳوٺن ۽ شهرن ۾ عورتن تي ظلم جي ڪا به گھٽتائي نظر نه اچي رهي آهي فرق صرف اهو آهي ته ٻهراڙين ۾ عورتن تي جسماني تشدد ڪيو وڃي ٿو ۽ شهرن ۾ ذهني توڙي نفسياتي تشدد سان گڏ عورتن کي ڪم ڪرڻ يا وري تعليم حاصل ڪرڻ دوران جسماني طور حراسان پڻ ڪيو وڃي ٿو ، عورت کي هر قدم تي اهو احساس ڏيارو وڃي ٿو ته هو مرد کانسواءِ زندگي جو هڪ قدم به نه ٿي هلي سگھي جنهن سبب ان کي ڪڏهن ڀاءُ ، پٽ يا وري مڙس جو سهارو وٺڻو پوي ٿو .
اسانجو سماج ايترو بي حس ٿي چڪو آهي ، هتي ماڻهو عورت جي تقدس کي پامال ڪن ٿا ان جي مان ۽ رتبي جو قدر نه ٿا ڪن ، اها ئي عورت آهي جنهن کي شاه سائين پنهنجي شاعري ۾ سسئي ۽ مارئي چيو ، ڪيترن ئي شاعرن ۽ اديبن عورتن کي ارپنا ڏني ، سنڌ ڌرتي تي اسان کي هميشه فخر رهيو آهي ، اسان جا شاعر ، اديب ، ليکڪ ان ڌرتي جي سونهن ۽ عورت تي لکندا رهن ٿا ، پر ان ڌرتي ۾ عورت جي سونهن ۽ معصوميت کي ڪڌين رسمن جي ور چاڙهيو وڃي ٿو ، وحشين هٿان عورتن جي لڄ کي لتاڙيو وڃي ٿو ان سون جهڙي سنڌ اندر عورتن سان هانءُ ڏاريندڙ واقعا پيش اچن ٿا ، اهڙن ڪڌن ڪمن کي روڪڻ لاءِ ڪا به سگھاري مهم نظر نه اچي رهي آهي ، افسوس ته تڏهن ٿيندو آهي جڏهن اسان جي سماج جون پڙهيل لکيل عورتون به اهڙين ذيادتين خلاف آواز ناهن اٿارينديون چند نالن کانسواءِ اسان جون تمام عورت رهنما ۽ سياستدان خاموش تماشائي بڻيل آهن ، جيڪڏهن هڪ نظر پارليامينٽ ۽ اسيمبلين ۾ ويٺل عورت ايم اين ايز ، ايم پي ايز تي وجھجي ته اتي به سنڌ جي عورتن لاءِ عورت اڳواڻن ڪي خاص قدم نه کنيا  آهن نه وري اهڙين ڪڌين رسمن ۽ عورتن سان ٿيندڙ ظلمن خلاف ڀرپور آواز اٿاريو هجي . جمهوريت جي دعويدارن ، حڪمرانن ۽ ڊڪٽيٽرن عورتن جي بهتري لاءِ ڪاغذن جو پيٽ ڀرڻ لاءِ ڪيترائي قانون جوڙيا مگر افسوس جو ايترو عرصو گذرڻ باوجود به عورتن کي انصاف پلئه نه پيو ، اسان جي عورت رهنمائن کي گھرجي ته عورتن جا مسئلا حل ڪرائڻ ۾ سنجيدگي جو مظاهرو اختيار ڪن کين گھربل انصاف ميسر ڪن ، عورتن کي تعليمي ميدان ۾ پيش ايندڙ مشڪلاتون ختم ڪيون وڃن جنهن سان گڏ عورتن کي هر محاذ تي سرگرم ڪن جيڪو اسان جي سماج جي ترقي لاءِ پڻ اهم قدم ثابت ٿيندو .

 mehwishabasi17@gmail.com