Monday 10 March 2014

My column published in #AwamiAwaz 10-03-2014 #Thar #Sindh Mehwish Abbasi


ٿر ۾ آيل ڏڪار ۽ اسانجو ڪردار – مهوش شبير عباسي

دنيا اڄ گلوبل وليج بڻجي چڪي آهي پوءِ به اسين آخر ايترا بي حس ۽ بي خبر ڇو. آهيون جو جيسيتائين ميڊيا تي خبرون نه ٿيون اچن تيسيتائين آرام ۽ سڪون جي ننڊ ستل آهيون. گذريل ٻن مهينن کان ٿرپارڪر ۽ مٺي جي صورتحال ڪنهن کان ڳجھي نه آهي پر تڪ جا ايم پي اي، ايم اين اي ، ڪمشنر ، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻيا عملدار اهڙن واقعن کان بي خبر رهيا. سندن انتظامن کي جڏهن دنيا آڏو وائکو ڪيو ويو ته ستل همراهه جاڳي پيا ۽ مختلف بيان ڏئي پاڻ کي آجو قرار ڏيڻ لاءِ جتن ڪندا رهيا. اهڙي طرح جڏهن سنڌ جي وزير اعلى ۽ سندس وزيرن مشيرن جي ڪنن تائين ٿر جي ماروئڙن جي موت ۽ ڏڪار جا اطلاع پهتا ته انهن به شروعاتي طور ڪن لاٽار ڪندي اڻ وڻندڙ بيان جاري ڪيا پر ميڊيا جي وڌندڙ زور ۽ خبرن کين مجبور ڪري وڌو جنهن بعد ڪمشنر ميرپورخاص، ڊي سي، ڊي جي ۽ ٻين عملدارن کي معطل ڪرڻ جو اعلان ڪري ۽ وزير مشير ٿر جي دوري تي نڪري پيا، سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته اسان جي حڪومت ۽ ادارا آخر ايترا لاچار ڇو آهن جو سنڌ جي چند ضلعن اندر ٿيندڙ واقعن کان بي خبر آهن هيٺان کان وٺي مٿي تائين انتظاميا آخر ڇا ڪري رهي آهي؟ يا ته کين اها ڄاڻ نه آهي ته سندن ذميداريون ڪيتريون ۽ ڪهڙيون آهن! هونئن به ڏٺو ويو آهي ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال هجي يا ٻوڏ توڙي ڏڪار واري صورتحال هجي اهي مڙئي ذميواريون فوج حوالي ڪيون وينديون آهن ، ته پوءِ ٻين ادارن جو ڪردار ڇا ٿو بچي؟ ڇا سنڌ حڪومت وٽ ڪي به اهڙا ماڻهو موجود نه آهن جيڪي پيش ايندڙ مسئلن کي منهن ڏئي صورتحال تي ضابطو آڻي سگھن يا ته سنڌ حڪومت جو پنهنجن ڪامورن تي اعتماد ناهي جنهن ڪري اهڙن ڪمن جي نگراني فوج حوالي ڪئي وڃي ٿي. افسوس جو مقام آهي جو سنڌ جي ڪجهھ ضلعن ۾ ڏڪار جي صورتحال پيدا ٿي آهي جنهن تي سنڌ حڪومت چئي رهي آهي ته اهو ايڏو وڏو مسئلو نه آهي اهڙا موت ته لاڙڪاڻي ، حيدرآباد ۽ ٻين ضلعن ۾ ٿيندا رهندا آهن. جيڪڏهن ٿر جي صورتحال ڳڻتي جوڳي ناهي ته ميڊيا جي خبرن بعد فوج ۽ ٻين ادارن پاران امدادي ڪارروايون ڇو شروع ڪيون ويون آهن؟

ابتدائي طور تي چند آفيسرن کي معطل ڪرڻ بعد هن وقت سنڌ حڪومت تي سخت دٻاءُ پوڻ بعد آفيسرن کي معطل بدران هٽائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي ڇو ته انهن علائقن ۾ مقرر اعلى عملدارن جو تعلق با اثر گھراڻن سان آهي جنهن سبب مٿن شفقت جو هٿ رکيو ويو آهي . هوئن به ڌٺو وڃي ته سنڌ اندر ڪنهن به اعلى عملدار کي معطل ڪرڻ يا هٽائڻ سان ڪو فرق نه ٿو پوي ، چند ڏينهن جي ساهي بعد اهي ئي ساڳيا ڪامورا ٻيهر بحال ٿي پنهنجي ڪم کي لڳي ويندا آهن ڇو ته هتي اهڙن مسئلن تي عدليه کان به مٿانهان فيصلا ڪري ڪوتاهين ۽ قتلن ۾ ملوث آفيسرن کي پوسٽنگ ڏني وئي آهي .

ٻئي پاسي نظر ڦيرائجي ته ٿر ۾ آيل ڪاري ڏڪار جتي ڪيتريون ئي حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون آهن، ماروئڙن جا مور ته مري ويا پر ساڻن گڏ سندن ڍور به سندن ساٿ ڇڏي ويا. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جا قومپرست ، سردار ، جاگيردار ، ڀوتار ۽ اين جي اوز يڪسر غائب آهن ، سنڌ اندر اهڙن ماڻهن جي کوٽ ناهي جيڪي اربن ۽ کربن ۾ کيڏي رهيا آهن پر سندن نظرون معصوم ٿرين تي آيل مصيبت کان اوجھل آهن ، جڏهن ته سنڌ حڪومت پاران امدادي ڪارروايون ته شروع ڪيون ويون آهن پر تڪڙا اپاءَ نه وٺڻ سبب ٿر جي چند شهرن کانسواءِ ٻهراڙين ڏانهن امداد نه پهچي سگھي آهي جنهن لاءِ ٿري ماروئڙا واجھائي رهيا آهن . پيپلز پارٽي جي اڳواڻ بلاول ڀٽو پاران وزيراعلى کي ٿر وڃي ماروئڙن جي مدد لاءِ ته چيو ويو آهي، پر بلاول ڀٽو اهڙي حالت ۾ ٿر اچڻ جي زحمت نه ڪري رهيو آهي.

فيبروري کان حڪومت ٿر کي آفت سٽيل قرار ڏنو هيو، ڪڻڪ گودامن ۾ سڙندي رهي پر متاثرن تائين نه پهتي، غفلت سبب ٿر ۾ معصوم ٻارڙا موت، بک ۽ بيمارين جو شڪار ٿيندا رهيا اها صورتحال انتظاميا، حڪومت ۽ پاڻ کي اقتدار جو سڏرائيندڙن جي غفلت سبب پيش آئي آهي، ٿر ۾ اڃ ۽ بک سبب پهريان مور، هرڻ ۽ ٻيا جانور موت جو شڪار ٿيندا رهيا هاڻي صورتحال بدتر ٿي چڪي آهي، پر هاڻي اهو ٿر ان وقت جهڙو ناهي رهيو ۽ موجوده ٿر جي صورتحال ڏسندي ڪنهن کي به ٿر جي تاريخ تي يقين نه ايندو ته ڪنهن وقت ۾ هتي به فصل ٿيندا هئا ، دريا ۽ باغ هوندا هئا ، هن وقت ٿر ۾ مينهن ماڻهن جي گزاري جو سبب بڻيل آهي جڏهن مينهن نه ٿو پوي ته حڪومت جي ذميواري آهي ته اهي اتان جي ماڻهن لاءِ کاڌ خوراڪ ۽ پاڻي جو بندوبست ڪري ، هن وقت 365 رجسٽرڊ ڳوٺ ۽ 2 هزار کان وڌيڪ ننڍا وڏا ڳوٺ جن جي آبادي لڳ ڀڳ 2 لک خاندانن کان وڌيڪ آهي جيڪي هن وقت سخت متاثر ٿي رهيا آهن جن مان ڪيترن علائقن اندر امدادي ٽيمون هن وقت تائين پهچي نه سگھيون آهن ۽ بيمار ٻارڙن جو تعداد وڌندو پيو وڃي .ڪالهوڪي ڏينهن ۾ مٺي جي اسپتال ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ ٻارڙا علاج لاءِ اسپتال آندا ويا آهن ان کانسواءِ ننڍين ۽ خانگي اسپتالن جا انگ اکر الڳ آهن .

حڪومت ، اين جي اوز ۽ سگھن ادارن کي گھرجي ته اهڙي حالت ۾ ٿر واسين جي ڀرپور مدد ڪئي وڃي. ايتري تائين جو هڪ به متاثر امداد ۽ علاج کان رهي نه سگھي. سنڌ اندر اڇڙي ٿر مان پڻ ساڳئي قسم جا اطلاع ملي رهيا آهن جنهن لاءِ حڪومت ۽ ٻين ادارن کي اڳواٽ قدم کڻي سندن مشڪلاتون ختم ڪرڻ گھرجن ڪٿي ايئن نه ٿئي ته اڇڙي ٿر ۾ به سخت ڏڪار سبب ماڻهو موت جو شڪار ٿين ان لاءِ ملڪ جي هر علائقي تي نظر رکڻ گھرجي. وقت، حالت، موسمن جي تبديلي کي نظر ۾ رکندي اڳواٽ اپاءَ وٺڻ گھرجن نه ڪي ميڊيا يا ٻين ادارن جو انتظار ڪرڻ گھرجي.

No comments:

Post a Comment