Saturday 29 March 2014

My column in Daily Awami Awaz 29-3-2014 #PPP #MQM

پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جو ٺاهه ڇو لازمي آهي؟  
 – مهوش شبير عباسي

آخر اها ڪهڙي قوت آهي جيڪا پيپلز پارٽي کي ايم ڪيو ايم سان مفاهمت لاءِ مجبور ڪري ٿي، هر ڀيري اها ذميواري پيپلز پارٽي طرفان رحمان ملڪ ۽ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻي عشرت العباد ڪندو رهيو آهي چوندا آهن ته جن جي عمر جي خبر هجي انهن جا ڏند ڏسي ڇا ڪبو . هر ماڻهو جي علم ۾ آهي ته ايم ڪيو ايم کي ڊڪٽيٽر جنرل ضياءِ پالي وڏو ڪري پيپلز پارٽي جي سامهون آندو جيڪي پيپلز پارٽي کي ته ڪو وڏو نقصان نه پهچائي سگھيا البت مذهبي ڌريون جن جو سنڌ جي وڏن شهرن تي راڄ هوندو هو انهن لاءِ اسيمبلين جا دروازا بند ڪري ڇڏيا . جنهن بعد ايم ڪيو ايم ملڪ اندر حڪمراني ڪندڙ هر پارٽي جو حصو رهي آهي. هن وقت پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم۾ مفاهمت لاءِ ڳالهيون ٿي رهيون آهن ٻنهي پارٽين وچ ۾ مفاهمت ٿيندي نظر نه ٿي اچي جنهن جا سبب ڪهڙا به هجن ڳالهين کي ڪيترو به ڳجھو رکيو وڃي پر هر سمجھدار ماڻهو ڄاڻي ٿو ته ايم ڪيو ايم جا ڪهڙا مطالبا هوندا . هنن هر ڀيري حڪومتن کي مجبور ڪري پنهنجا مطالبا مڃرائي پنهنجا مفاد ماڻيا آهن جنهن ڪري سنڌ ۽ سنڌ جي سياست کي وڏو نقصان پهتو آهي ، سڀ کان اڳ سوچڻ جي اها ڳاله آهي ته هر ڀيري ايم ڪيو ايم سان ڳالهين لاءِ رحمان ملڪ کي پٽڪو ڇو ٿو ٻڌرايو وڃي ڇا سنڌ اندر سلجھيل سياسي رهنمائن جي ايتري کوٽ آهي يا اهي قوتون جيڪي ڳالهين لاءِ مجبور ڪن ٿيون انهن جو سنڌي ماڻهن مٿان اعتماد نه آهي .

هن وقت پيپلز پارٽي اڳواڻ بلاول ڀٽو زرداري پي پي پي ۽ ايم ڪيو ايم جي هلندڙ ڳالهين ۾ دلچسپي وٺي رهيو آهي جنهن ايم ڪيو ايم کي سنڌ حڪومت ۾ شامل ڪرڻ لاءِ آئين مخالف بيان ۽ سنڌ ٽوڙڻ وارا خيال تبديل ڪري تڪراري بيان واپس وٺڻ لاءِ چيو آهي جيڪو هڪ بهتر عمل آهي پر ايم ڪيو ايم جا ڏيکارڻ وارا ڏند هڪڙا آهن ته کائڻ وارا ٻيا آهن  ڇو ته جڏهن به کين پنهنجا مطالبا مڃرائڻ جي ضرورت پئي آهي ته هنن هر ڀيري سنڌ ٽوڙڻ ، الڳ صوبا گھرڻ، ڪراچي کي الڳ ڪرڻ جهڙا مطالبا ڪندا رهيا آهن ، ڪراچي کي پاڪستان کان الڳ ڪرڻ واري ڳالهه معمولي ڳالهه نه هئي ڪراچي کي پاڪستان کان الڳ ڪرڻ جو صاف مطلب پاڪستان ٽوڙڻ آهي ان جاءِ تي جيڪڏهن سنڌ جا سنڌي ماڻهو پنهنجا حق گھرن ٿا ۽ سنڌ کي الڳ ملڪ ڏسڻ چاهين ٿا ته اسٽيبلشمينٽ انهن کي باغي قرار ڏئي قتل ڪري چچريل لاش ڏئي رهيا آهي . تازو مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو کي گوليون هڻي باه ڏئي ساڙي ماريو ويو ، ساڳي ڳاله جيڪڏهن متحده جو سربراهه ڪري ته اسٽيبلشمينٽ ۽ ميڊيا خاموش رهندا آهن جيڪو ٻٽو معيار آهي سنڌ جي وحدت کي ٽوڙڻ جي دل ۾ خواهش رکندڙ پنهنجن ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا . پيپلز پارٽي جي گذريل دور ۾ پي پي جا اتحادي هئڻ باوجود الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻ سنڌ ڌرتي خلاف بيان ڏيندا رهيا ڪراچي ، حيدرآباد ، ميرپورخاص جي ديوارن تي جيڪي نعرا لکيا ويا سي ڪيترين جاين تي اڄ به نظر اچي رهيا آهن  سندن اهڙن مطالبن تي پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم کي پاڻ کا ڌار نه ڪيو.

سنڌ سان مختلف نالن ۽ ٺاهن ۾ ڪيل ويساه گھاتين جو اڻ کٽ سلسلو جاري آهي سنڌ سان ترقي ، مفاهمت ۽ خوشحالي جي نالي تي ڇا ڇا نه ڪيو ويو آهي 21 صدي ۾ ترقي ، جمهوريت ۽ تهذيب جي نالي تي سنڌ سان ويساه گھاتيون ٿي چڪيون آهن سنڌ جي وسيلن ۽ زخيرن تي هميشه دشمنن جون نظرون رهيون آهن پوءِ اهو تيل ، ڪوئلو ، ذرعي پيداوار ، سامونڊي ذريعا ، ٻيٽ ، ٻيٽن جو وڪرو ، ذوالفقار آباد يا وري ٻٽو مڪاني نطام  ڇو نه هجي جنهن جي ڪري سنڌ ڏاڍ ۽ جبر جي دور مان گذري چڪي آهي سنڌ اندر وڏيرڪي ۽ ڀوتارڪي نظام سبب ورهاڱي کان وٺي اڄ تائين ڌرتي سان ڪا به سڄڻائپ نه ڪئي وئي آهي . اسان جا وڏيرا ۽ جاگيردار ڪوڙي غيرت ، قبيلائي انائن جي ور چڙهي بيگناه ماڻهن جو خون وهائي رهيا آهن غيرت جي نالي تي قتل ته ڄڻ اسان جي ثقافت ٿي وئي آهي بجاءِ ان جي جو سنڌ ڌرتي ۽ ان جي ماڻهن جا مسئلا حل ڪيون اسين اتحادن پويان لڳي پيا آهيون وقت اسانجي هٿن مان نه ويو آهي اسان کي گھرجي ته ڌارين ۽ غيرن جي سنڌ جي مسئلن ۾ مداخلت بند ڪرايون سنڌ جي سڄڻن کي گڏائي هلائڻ لاءِ  سنڌي سياستدانن سان صلاح مصلحت ڪري سنجيده فيصلا ڪريون جنهن ۾ سنڌ ۽ سنڌي عوام جي بهتري آهي جيڪو سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي قوم کي ورهائڻ ۽ ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪندو اهو اسان مان نه آهي ان لاءِ اسان کي مهذب طور طريقا اپنائڻا پوندا جنهن ۾ سڀني جي ڀلائي ۽ بهتري آهي باقي سنڌي ماڻهن جي صبر جو وڌيڪ امتحان نه ورتو وڃي . جڏهن اسان اهڙا فيصلا ڪنداسين ته ڪو به ايرو غيرو سنڌي ماڻهن کي نا اهل چوڻ جي جرات نه ڪندو ان لاءِ پيپلز پارٽي جي قيادت کي سنجيده فيصلا ڪرڻ گھرجن جيئن سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن جا حق متاثر نه ٿين . اهو سون ئي گھوريو جيڪو ڪن ڇني.

No comments:

Post a Comment