Tuesday 11 February 2014

#Taliban #Nagotiations #Demands #TTP #Pakistan a column by Mehwish Abbasi


طالبان جا مطالبا؟ – مهوش عباسي

اڌ لک کان وڌيڪ بيگناهه ماڻهن کي ماريندڙ طالبان سان حڪومت ڳالهيون ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي جيڪا طالبان پاران جوڙيل ڪاميٽي سان ڳالهيون ڪري رهي آهي، هڪ پاسي اسان کي پاڪستان جي آئين ۽ قانون جو احترام سيکاريو وڃي ٿو، قانون ۽ آئين جي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف سخت قانون جوڙيا ويا آهن ته ٻئي پاسي اهي ئي حڪمران آئين جون ڌڄيون اڏائي رهيا آهن، ڏٺو وڃي ته دنيا جي ڪنهن به ملڪ اندر دهشتگرد ڌرين سان ٺاهه نه ڪيو ويندو آهي. اهڙن عنصرن کي سختي سان چٿيو ويندو آهي پر اسان جي حڪومت چند هزار طالبان اڳيان گوڏا کوڙي چڪي آهي. پاڪستان جنهن جو مڪمل نالو اسلامي جمهوريه پاڪستان آهي جنهن جو مطلب اسلام جي حدن ۾ رهندي آئين ۽ قانون تي عمل ڪرڻ سان گڏ جمهوريت جي پاسداري ڪرڻ آهي.

هن وقت مرڪزي حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهين جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي جنهن تي پاڪستان سميت پوري دنيا جون نظرون کتل آهن، ان سلسلي جي شروعات طالبان جي 15 مطالبن سان ٿي آهي جنهن ۾ سڀ کان بنيادي ۽ اهم مطالبو پاڪستان مان جمهوري نظام جو خاتمو ۽ ان جي ردو بدل شرعي نظام لاڳو ڪرڻ آهي، ان کان علاوه طالبان جي ساٿاري قيدين ۽ طالبان وٽ يرغمال بڻيلن جي مٽا سٽا شامل آهي، قبائلي علائقن، فاٽا ۽ وزيرستان مان فوج جون چيڪ پوسٽ ختم ڪرڻ ۽ مقرر ڪيل لڳ ڀڳ ڏيڍ لک فوج کي علائقن مان واپس ڪرڻ شامل آهي، طالبان جي اها به شرط آهي ته ملڪ مان ڊرون حملا ختم ڪرايا وڃن ۽ ڊرون حملن جي شهيد ٿيلن جي وارثن کي معاوضو ادا ڪيو وڃي ان مطالبي ۾ به طالبان جو پنهنجو مفاد نظر اچي رهيو آهي ڇو ته ڊرون حملا صرف طالبان تي ٿي رهيا آهن، ان سان گڏ پاڪستان جي سرڪاري توڙي نجي اسڪولن ۾ اسلامي تعليم ڏيڻ به طالبان جي شرط ۾ شامل آهي جيڪڏهن نصاب تي نظر وجھجي ته اسان جي نصاب ۾ پهريان ئي عربي ۽ اسلامي مضمون شامل آهن، طالبان الائي ڪهڙو نصاب شامل ڪرائڻ چاهين ٿا!

طالبان جي مطابق شرعي نظام جي جيڪا تشريح ٿي رهي آهي ان تي عمل ڪرڻ پاڪستان لاءِ انتهائي مشڪل نظر اچي رهيو آهي ڇو ته اڄ دنيا هڪ گلوبل وليج ٿي چڪي آهي پاڪستان به ان جو حصو آهي جتي عورتن ۽ مردن کي برابر حق حاصل آهن جڏهن ته طالبان عورتن جا حق محدود ڪري عورتن کي تعليم، ووٽ، ڪاروبار ۽ اظهار جي آزادي کان محروم رکڻ چاهين ٿا جنهن جو درس ته اسلام به نه ڏنو آهي. اسلام عورت ۽ مرد کي برابر حق ڏنا آهن ته پوءِ اهڙي هٿ ٺوڪئي نصاب ۽ نظام جي ڪهڙي ضرورت آهي؟

جيڪڏهن اسان پنهنجي روز مره جي زندگي کي ڏسون ته اڄ اسان جي هر شي هر ڪم اسلامي نظام جي ابتڙ ٿي چڪو آهي ڇو ته سڀ کان پهرين اهو ڏسجي ته اسلام ڪنهن بيگناهه انسان جي قتل کي ڪيئن ٿو ڏسي، حڪومت جنهن سان ڳالهيون ڪري رهي آهي اهي ڪيترن ئي معصومن جا قاتل آهن سندن هٿ بيگناهه انسانن جي خون سان رڱيل آهن جن کي اسلام به معاف نه ٿو ڪري بلڪه انهن لاءِ درد ناڪ عذاب جا اشارا موجود آهن، اهڙن ڏوهاري قيدين کي آزاد ڪرڻ هڪ غلط عمل آهي جيڪڏهن اڄ طالبان سان ڳالهيون ڪري سندن مطالبا مڃي سندن قيدين کي آزاد ڪيو ويندو ته ڇا سڀاڻي هر ڏوهاري کي اهڙي ڇوٽ ڏني ويندي ان سڀ عمل ۾ حڪومت جي سخت ناڪامي نظر اچي رهي آهي، جنهن شريعت جي ڳالهه طالبان ڪري رهيا آهن ان مطابق ملڪ ۽ نظام ڪيئن هلندو؟ پاڪستان جو نظام، تعليمي ادارا، بئنڪن جو نظام، قانون سازي، عدالتون انهن سڀنن تي ڪيستائين ۽ ڪهڙي طرح پابندي لڳائي ويندي انهن نظامن کي مڪمل طور اسلامي ڪرڻ انتهائي مشڪل عمل آهي جنهن سان ملڪ کي نقصان رسندو ۽ اسان جي ترقي جو عمل رڪجي ويندو، طالبان شرعي نظام لاڳو ڪري ڪهڙي ڪهڙي ڳالهه تي پابندي لڳائيندا، سياسي دولت، ڪاروبار ۾ ملاوٽ تي پابندي، ڪوڙ ڳالهائڻ تي پابندي، ذخيره اندوزي تي پابندي، مافيا تي پابندي لاڳو ڪئي ويندي ! شريعت جو نفاذ ڪٿي ڪٿي ڪيو ويندو، ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته اهي سڀ عمل درست نه آهن پر اسان هر طرف کان ان ۾ گھيريل آهيون جنهن جو خاتمو فوري طور ممڪن نه آهي، سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته ڇا اهي سڀ قانون طالبان پنهنجن مخصوص علائقن ۾ ممڪن بڻائي سگھيا آهن جنهن جو جواب نه ۾ ايندو جيڪڏهن ڪجهه ڪري سگھيا آهن ته تعليمي ادارا بند ڪرائي عورتن کي ووٽ کان محروم رکي مٿن تشدد ڪري گھرن تائين محدود ڪري سگھيا آهن سندن اهڙي عمل سان انهن علائقن اندر ترقي جو عمل تيزي سان رڪجي ويو آهي ۽ دنيا اندر پاڪستان جي بدنامي ٿي رهي آهي اسلامي قانون زبردستي لاڳو ڪرڻ سان ماڻهن جي دلين تي حڪمراني نه ٿي ڪري سگھجي.

حڪومتي ڪاميٽي کي هر ڳالهه کي نظر ۾ رکي طالبان سان ڳالهين جو مرحلو اڳتي وڌائڻ گھرجي ان سان گڏ اهو به نظر ۾ رکڻ گھرجي ته ڪهڙا مطالبا قابل قبول آهن ۽ ڪيتري قدر انهن تي عمل ٿي سگھي ٿو جيڪڏهن ڪجهه ڳالهيون پاڪستان جو عوام برداشت ڪري ٿو ته طالبان کي به ڪنهن حد تائين اسان جون ڳالهيون مڃڻ گھرجن، سندن قيدين کي عدالتن جو احترام ڪندي عدالتي فيصلن کي مڃڻ گھرجي، اهڙي قسم جا معاهدا پهريان به ٿي چڪا آهن هن وقت غور طلب ڳالهه اها آهي ته طالبان ۽ حڪمرانن طرفان ڪيتري قدر عمل ڪيو وڃي ٿو جيڪڏهن ملڪ ۾ امن واري صورتحال قائم به ٿي وڃي ٿي ته اها ڪيتري عرصي تائين هلندي ڇو ته امن جي وصف ئي آهي ٻن جنگي صورتحالن جي وچ وارو وقفو هاڻي ڏسجي ته اهو وقفو ننڍو آهي يا ڊگھو. شريعت جو رستو اهو بلڪل نه آهي ته توهان جهاد جي نالي تي روڊن رستن، مسجدن، گرجا گھرن، اسپتالن توڙي اسڪولن ۾ بم ڌماڪا ڪري پنهنجا مطالبا مڃرائين ان لاءِ حڪومت کي سوچي سمجھي ڳالهيون ڪرڻ گھرجن ڪِٿي ايئن نه ٿئي جو اسين طالبان جا ناجائز مطالبا مڃي پٿر جي دور ۾ واپس هليا وڃون .

No comments:

Post a Comment