Wednesday 19 March 2014

A column by Mehwish Abbasi in Awami Awaz - عوامي آواز 20-3-2014 about #Women #Justice in #Pakistan when #Media take action


ميڊيا جي سهاري عورتن کي ملندڙ انصاف!

مهوش عباسي

اسانجي ملڪ ۾ فيشن بڻجي ويو آهي ته جيسيتائين ڪا به خبر ميڊيا تي نه ٿي اچي تيسيتائين ڪيڏو به وڏو مسئلو ڇو نه هجي پر اسان جا حڪمران پاڻ کي ان ڏوهه کان آجو سمجھن ٿا آخر ان ۾ ڪوتاهي ڪنهن جي آهي عدليه جي جوڙيل قانون جي ، حڪمرانن جي، انتظامي عملدارن جي يا اڃا به ڪي ٻيا فيڪٽر ان ۾ ملوث آهن . ڇا حڪمرانن ۽ عملدارن جي اها ذميواري ناهي ته ميڊيا تي خبر اچڻ کان پهريان ملڪ اندر ٿيندڙ ڪنهن به ڏوهه يا واقعي جي ايمانداري سان جانچ ڪري ملوث ماڻهن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن مگر 67 سال گذرڻ باوجود اڃان تائين اسان پنهنجي مهذب پڻي جو ثبوت نه ڏنو آهي، جنهن سبب اسان وٽ احتجاجن جو اڻ کٽ سلسلو جاري آهي . اسان وٽ جتي دهشتگردي، بد امني، ڪرپشن ، پنهنجا نوازي  چوٽ چڙهيل آهي اتي عورتن سان ٿيندڙ ڏاڍاين ۽ تذليل جو اڻ کٽ سلسلو پڻ جاري آهي، جمهوريت جي دعويدار حڪمرانن ۽ ڊڪٽيٽرن عورتن جي بهتري لاءِ ڪيترائي قانون جوڙيا آهن مگر افسوس جو ان سڄي عرصي دوران عورتن کي انصاف پلئه نه پيو آهي، جنهن ڪري هر ڀيري عورت مرداڻي سماج جو شڪار ٿيندي رهي آهي، واقعا رونما ٿيڻ بعد وقت جي حڪمرانن ۽ انتظاميا عورتن مٿان ٿيندڙ تشدد ۽ ذيادتين جو وقتي طور نوٽيس ضرور ورتو آهي پر وقت گذرڻ سان گڏ ڊگھن ڪيسن کي منهن ڏيڻ سبب مجبور عورتن کي ڪيسن تان هٿ کڻڻ لاءِ سخت دٻاءُ وڌو وڃي ٿو جنهن ڪري هر ڀيري عورت نا انصافي جو شڪار ٿيندي رهي آهي.

مظفر ڳڙه ۾ شاگردياڻي سان ٿيل لڄا لٽ تي جڏهن کيس انصاف نه مليو ۽ ملوث ڏوهارين کي ڏيتي ليتي بعد با عزت بري ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ شاگردياڻي زندگي مان بيزار ٿي پوليس اسٽيشن اڳيان پاڻ کي باهه ڏئي زندگي جو ڏيئو اجھائي ڇڏيو، اهو سڄو لقاءُ ڏسندڙ سندس زندگي بچائي نه سگھيا پر ڪنهن تماشبين وانگر اهو سڀ ڪجھه ٿيندي ڏسندا رهيا ، جڏهن اها خبر ميڊيا جي زينت بڻي تڏهن پنجاب جي وزير اعلى تحرڪ وٺندي ملوث ماڻهن ۽ انتظامي عملدارن خلاف سخت قدم کڻڻ جا حڪم جاري ڪيا ۽ سندن وارثن کي چند لکن جو چيڪ ڏئي پاڻ کي آجو قرار ڏئي ڇڏيو ، ڇا ايئن ڪرڻ سان نياڻي کي انصاف ملي ويو ؟ جيڪڏهن ملوث ماڻهن خلاف انتظاميا بروقت قدم کڻي کين قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي ها ته شايد نياڻي جي زندگي بچي پوي ها . عورتن سان اهڙي قسم جا ڪيترائي واقعا روز جو معمول بڻيل آهن پر اسان جي حڪمرانن جي نظر اهڙن واقعن جي ميڊيا تي اچڻ کان پوءِ پوي ٿي آخر ڪيسيتائين اسان جي عوام کي ميڊيا جي سهاري جيئڻو ۽ مرڻو پوندو.

اهڙي قسم جو دل ڏکوئيندڙ هڪ ٻيو واقعو ٺل ۾ پيش آيو جتي عورتون بينظير انڪم سپورٽ ڪارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيون جن جي تذليل ڪندي پوليس پاران عورتن تي لٺيون وسايون ويون، عورتن کي زخمي ڪيو ويو، لالچي عملدارن پاران سينٽر جا دروازا بند ڪيا ويا، جنهن سبب مجبور ۽ لاچار عورتن پنهنجا روا (پوتيون) ڳنڍي جيل نما 25 فٽ اوچين ڀتين تي چڙهي سينٽر اندر وڃڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران ڪيتريون عورتون ديوار تي چڙهندي زمين تي ڪري زخمي ٿي پيون اهڙا منظر ڏسي ايئن محسوس ٿي رهيو هو ته ڄڻ سنڌ جون عورتون ورلڊ رڪارڊ ٺاهڻ لاءِ هماليه جبل تي چڙهي رهيون هجن ، اهڙو منظر ڏسڻ سان انسانيت جو ڪنڌ شرم وچان جھڪي وڃي ٿو پر موجود انتظامي عملدارن کي ڪو به احساس نه ٿيو ۽ حسب معمول ميڊيا جي اک اهي منظر رڪارڊ ڪري دنيا آڏو رکيا ته بدنامي جي خوف کان عملدارن جانچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو پر اسيمبلين اندر ويٺل عورت ميمبرن اهڙن حساس مسئلن تي خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي، جنهن مان سندن سرداري، جاگيرداري ۽ وڏيرپ وارو ڪردار نظر اچي رهيو آهي ڇو ته اسيمبلين اندر ويٺل عورتون ڪنهن ماستر، هاري ناري يا ڪلارڪ جون نياڻيون نه آهن جو کين مظلوم عورتن مٿان ٿيندڙ ڏاڍ ۽ تشدد جو اثر ٿئي، هئڻ ايئن گھرجي ته عورتن مٿان ملڪ اندر ٿيندڙ واقعن جو نوٽيس سڀ کان پهرين ميمبر عورتن کي ئي وٺڻ گھرجي پر افسوس ايئن نه ٿي رهيو آهي، جڏهن مسئلا چوٽ چڙهي وڃن ٿا، ڪيترين ئي عورتن کي نشانو بڻايو وڃي ٿو ۽ ڪيترائي احتجاج ٿين ٿا تنهن کان پوءِ نوٽيس ورتا وڃن ٿا. پر وڏن گھراڻن سان تعلق رکندڙ عورت ميمبرن کي عورتن سان احتجاجن ۾ شرڪت ڪرڻ سان شرمندگي محسوس ٿئي ٿي ته پوءِ اهڙين عورت ميمبرن مان مظلوم عورتون ڪهڙي اميد رکن.

ساڳي طرح پنجاب ۾ نرسن پاران ڪيترن ڏينهن کان هلندڙ احتجاج ختم ڪرائي نرسن جا ڪجهھ مطالبا تسليم ڪيا ويا پنجاب حڪومت جيڪڏهن هوش کان ڪم وٺي جلد ئي ڪاميٽي قائم ڪري نرسن جا مطالبا پورا ڪري ها ته مٿن تشدد جهڙا واقعا پيش نه اچن ها. اسين عورتن مٿان تشدد ڪري دنيا کي ڪهڙو پيغام ڏئي رهيا آهيون ۽ بدنامي پلئه پوڻ بعد مطالبا تسليم ڪريون ٿا جڏهن ته شروعاتي طور سنجيدگي جو مظاهرو ڇو نه ٿا ڪريون. پنجاب حڪومت نرسن مان جان آجي ڪرائڻ بعد يڪدم هزارين ليڊي هيلٿ ورڪرز کي مستقل ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي جيڪو هڪ بهتر عمل آهي شايد پنجاب حڪومت ڄاڻي ورتو ته جيڪڏهن ليڊي هيلٿ ورڪرز جا مطالبا وقت سر نه مڃيا ويا ته کين مشڪل حالتن کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ عورتن سان ڏاڍاين جو هڪ نئون داستان شروع ٿيندو تنهن ڪري سنجيدگي جو مظاهرو ڪندي پنجاب حڪومت پاران اهڙو اعلان ڪيو ويو آهي.

جڏهن سنڌ جي ليڊي هيلٿ ورڪرز جي ڪنن تي پنجاب حڪومت جو اهڙو اعلان پهتو ته سنڌ جي ليڊي هيلٿ ورڪرز ڪراچي پريس ڪلب تي پهچي مطالبا تسليم نه ٿيڻ تائين احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ، جنهن لاءِ سنڌ حڪومت کي گھرجي ته سنڌ جي هزارين ليڊي هيلٿ ورڪرز کي مستقل ڪرڻ جو اعلان ڪيو وڃي ان لاءِ پنجاب ۾ نرسن جي احتجاج ۾ شرڪت ڪندڙ پي ٽي آءِ ، جماعت اسلامي ۽ پيپلز پارٽي جي رهنمائن سندن حمايت جو اعلان ڪيو هو ساڳي طرح کين اڄ سنڌ حڪومت کي به پابند بڻائڻ گھرجي ته ليڊي هيلٿ ورڪرز سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سندن حمايت ۾ ساڻن گڏ ڪراچي پريس ڪلب تي احتجاج ڪن ، ڪجھه وقت اڳ ن ليگ رهنما ماروي ميمڻ ليڊي هيلٿ ورڪرز سان احتجاجن ۾ گڏ نظر ايندي هئي جيڪا پڻ اڄ منظر تان غائب آهي، جنهن جي اڄ ليڊي هيلٿ ورڪرز کي اشد ضرورت آهي ، حڪومت کي اهڙن واقعن تي تڪڙا قدم کڻڻ گھرجن ته جيئن وڌيڪ نقصان ۽ حالتون خراب ٿيڻ کان پهريان ملڪ جي هزارين نياڻين کي حق حاصل ٿي سگھن. ليڊي هيلٿ ورڪرز جي تحفظ جي فراهمي کي به يقيني بڻايو وڃي ڇو ته پوليو مهم دوران ڪيتريون ئي ليڊي هيلٿ ورڪرز دهشتگردن هٿان پنهنجيون زندگيون وڃائي چڪيون آهن ۽ ڪيتريون ئي گھرن تائين محدود ٿي چڪيون آهن جن جو گذر بسر ان نوڪري تي آهي.

ان لاءِ حڪومت کي گھرجي ته آئنده ڪنهن خبر جو انتظار ڪرڻ بجاءِ عورتن جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حق ۽ سچ جو ساٿ ڏئي، ٿيندڙ ڏاڍاين تي پاڻمرادو تحرڪ وٺي کين انصاف ڏيارين ، جيستائين اسين مظلوم عورتن جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪنداسين تيسيتائين اسين پاڻ کي مهذب سڏائڻ جي لائق نه آهيون ڇو ته دنيا اندر مهذب معاشري ۾ عورتن کي تحفظ، شعور، آزادي ۽ اعلى مقام حاصل هوندو آهي، اهي ئي قومون ترقي يافته آهن جن پنهنجين عورتن کي با عزت سماج ۽ حق ڏنا آهن.

No comments:

Post a Comment