Saturday 15 March 2014

Mehwish Abbasi,s column in daily awami awaz New law of men marriages #Women desicion and marriages of youngsters in #Pakistan #Shareeah


اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي فتوا – مهوش شبير عباسي

                         پاڪستان ۾ ملڪ جي آئين ۽ قانون کي شريعت مطابق ڪرڻ جي ذميواري اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي ڏني وئي آهي هن وقت اسلامي نظرياتي ڪائونسل پنهنجي اجلاس ۾ هڪ وڏو فيصلو ڪيو آهي ته ڪنهن به مرد کي ٻي شادي ڪرڻ لاءِ پهرين زال کان اجازت ۽ رضامندي وٺڻ جي ضرورت نه آهي جڏهن ته اسلام مطابق هو هرگھر واري وچ ۾ عدل ۽ انصاف رکي . سال 1961 ۾ مسلم فيملي آرڊيننس پاس ڪيو ويو جنهن مطابق ڪو به مرد پهرين زال کان اجازت وٺڻ کانسواءِ ٻي شادي نه ٿو ڪري سگھي جڏهن ته اجازت لکت ۾ پڻ هجي ته ڇا هي آرڊيننس شريعت جي خلاف هيو جيڪڏهن ايئن هيو ته ايترو وقت اسلام خلاف اهڙي فيصلي تي عمل ڇو ڪيو ويو.

هي پهريون ڀيرو ناهي جو اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي ڪنهن فيصلي تي سوال اٿيا هجن ان کان پهريان به حقوق رمضان آرڊيننس ، ٽيسٽ ٽيوب ٻار ، ڊي اين اي ٽيسٽ بابت به ڪيترائي بحث سامهون آيا ، حقيقت ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جون 2 ذميواريون آهن پهرين اها ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل ان ڳالهه تي غور ۽ فڪر ڪري ته پاڪستان ۾ آيل قانون سازي اسلامي قانون مطابق درست آهي يا نه ٻي ذميواري پارليامينٽ ۾ سالياني رپورٽ پيش ڪرڻ آهي جڏهن ته اڄ تائين اسلامي نظرياتي ڪائونسل هڪ به رپورٽ پارليامينٽ ۾ شامل ناهي ڪرائي.

جيتري حد تائين اسلامي قانون ۽ شريعت مطابق مرد کي 4 شاديون ڪرڻ جي اجازت آهي ته ان جي ضروررت مطابق آهي ۽ اها شرط لازمي آهي ته سڀني گھر وارين سان برابري وارو سلوڪ رکجي سڀني کي وقت ، کاڌو پيتو ۽ لباس هڪ جهڙو ڏجي جڏهن ته حضور اڪرم ﷺ به فرمايو آهي ته هر ڳالهه ۾ پنهنجي گھر واري سان صلاح مشورو ڪيو . اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي نئين فيصلي کانپوءِ مرد پاڻ کي طاقتور ۽ آزاد محسوس ڪندا ۽ بغير ڪنهن خوف جي ٻيون شاديون ڪندا پهرين گھر واري کي اعتماد ۾ نه وٺڻ سبب ڪيترائي مسئلا درپيش اچي ٿا سگھن اهڙي طرح عورتون ڪمزور ٿي وينديون ۽ مردن اڳيان ڪجھه چئي به نه سگھنديون ڇو ته رياست انهن کي آزادي سان ٻي شادي ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي ، سورت النساءِ ۾ الله تعالى فرمايو آهي ته جيڪڏهن توهان کي ٻي، ٽين يا چوٿين شادي جي ضرورت آهي ته ڀلي ڪيو پر تڏهن جڏهن توهان کي يقين هجي ته توهان انهن سڀنن کي برابر رکندئو نه ته توهان لاءِ هڪ ئي شادي ڪافي آهي . اڄ معاشري ۾ ڏٺو وڃي ته اسلام جا دعويدار پنهنجي نياڻين ، پٽن ۽ زالن سان هڪ جهڙو ورتاءُ هرگز نه ڪري رهيا آهن ، اسلام جي مطابق ڏسجي ته اڄ جي دور ۾ مرد سڀني گھر وارين کي برابر حق نه ڏئي سگھندا ان لاءِ سڀ کان پهرين برابري ۽ انساني حقن جو درس ڏيڻ گھرجي ، جڏهن ته قرآن پاڪ ۾ به اهو چيو ويو آهي ته توهان انسانن لاءِ اهو ممڪن نه آهي ته توهان سڀني گھر وارين ۾ برابري رکي سگھو باقي جيتري قدر حضرت محمد ﷺ جي شادين جو سوال آهي ته اسان کي نبي پاڪ ﷺ سان ڀيٽڻ نه گھرجي.

ٻي شادي جي اجازت وٺڻ اخلاقي طور فرض هئڻ گھرجي ڇو ته جيڪڏهن ڪو به مرد بنا اجازت جي ٻي شادي ڪري ٿو ته هو ٻنهي گھر وارين جي وچ ۾ برابري ڪيئن رکندو . اسلامي نظرياتي ڪائونسل کان شايد اهو وسري ويو آهي ته اسلام عوررت جو تحفظ ڪرڻ وارو مذهب آهي قرآن پاڪ ۾ به عوررت جي حق ، برابري ۽ تحفظ جي ڳالهه ڪئي وئي آهي جڏهن ته عورت کان صلاح مشورو وٺڻ لاءِ به چيو ويو آهي . اڄ ڪو به مرد اها دعوى نه ٿو ڪري سگھي ته هو پنهنجي گھر واري سان عدل ۽ انصاف ڪري رهيو آهي ۽ ٻي شادي کانپوءِ هو برابري وارو سلوڪ رکندو ، جڏهن ته ڪا به عوررت اها ڳالهه برداشت نه ڪندي ته ان جو مڙس ٻي شادي ڪري ڇو ته هن مسلمان معاشري ۾ مرد عورت کي حق نه ڏئي رهيا آهن ته پوءِ ٻي شادي کانپوءِ ان جو تحفظ ڪير ڪندو . جيڪڏهن ڪو مرد ٻي شادي ڪرڻ چاهي ٿو ته ان جو فيصلو پهرين گھر واري ئي بهتر نموني ڪري سگھي ٿي ته هو ٻي گھر واري کي به عدل ۽ انصاف سان رکندو يا نه جيڪڏهن هو ايئن نه ڪري سگھندو ته پهرين گھر واري ٻي شادي جي اجازت نه ڏيندي ڪو به مرد 2 يا 4 عورتن ۾ عدل ۽ برابري ڪري سگھي ٿو يا نه ان جو فيصلو ان جي پهرين گھر واري ئي بهتر نموني ڪري سگھندي . ڪيترن ئي اسلامي ملڪن جهڙوڪ الجيريا ، مصر ، جوردن ، مورڪو ۽ سائريا ۾ ٻي شادي ڪرڻ تي پابندي آهي جڏهن ته شريعت اجازت ڏني آهي پر اتان جي معاشري ، حالات ، واقعات ۽ اخلاقي قدرن کي ڏسندي پابندي لڳائي وئي آهي .

اسلامي نظرياتي ڪائونسل ۾ هڪ ٻي ڳالهه تي به بحث ڪيو ويو آهي ته نڪاح لاءِ ڪا به عمر مقرر نه آهي جڏهن ته ڇوڪرين جي بالغ ٿيڻ تي رخصتي ڪري سگھجي ٿي ، ننڍي عمر ۾ شاديون ڪرڻ سان ڇوڪريون ذهني توڙي جسماني بيمارين جو شڪار ٿين ٿيون، ننڍي عمر ۾ ٻار پيدا ڪرڻ سان انهن جي صحت تي برا اثر پون ٿا ، جڏهن ته چائلڊ ميريج يعني ننڍي عمر جون شاديون انساني حقن جي لتاڙ ۾ پڻ شامل آهن ، مذهبي جماعتن کي انساني حقن بابت به سوچڻ گھرجي ۽ اسانجي معاشري تي نظر وجھي اهڙا فيصلا ڪرڻ گھرجن ڇو ته جيڪڏهن ان ڳالهه جي اجازت ڏني وئي ته اسان جي سماج ۾ نياڻين کي تعليم کان محروم رکي گھرن تائين محدود ڪيو ويندو ۽ ڪنهن جو خوف نه هجڻ جي ڪري جلد شاديون ڪرائڻ وارو رواج عام ٿي ويندو جنهن سان انهن خاندانن توڙي سماج کي نقصان رسندو.

اسلامي نظرياتي ڪائونسل پنهنجي مطابق قانون سازي ڪري رهيو آهي جڏهن ته قانون سازي ڪرڻ پارليامينٽ ۾ ويٺل حڪمرانن جو ڪم آهي جتي اهڙن مسئلن تي بحث مباحثو ڪيو وڃي جنهن بعد اسلامي نظرياتي ڪائونسل ڏانهن موڪليو وڃي باقي ملڪ اندر طالبان جي اچڻ کان پهريان ئي طالبان طرز جي فيصلن کان گريز ڪيو وڃي  ۽ اهڙن فيصلن اندر مردن سان گڏ عورتن کي پڻ شامل ڪيو وڃي جڏهن اسلام ۾ مردن ۽ عوررتن کي هجڪهڙا حق حاصل آهن ته پوءِ عورتن کان به ڪا به راءِ وٺڻ ۾ هچڪچاهٽ محسوس ڇو ڪئي پئي وڃي، حڪومت کي گھرجي ته عوام کي سستو ، بهتر ۽ انصاف وارو عدالتي نظام فراهم ڪري اسلام ۽ روايتن جي نالي تي انساني حقن جي لتاڙ نه ٿيڻ گھرجي.

No comments:

Post a Comment