Wednesday 25 December 2013

My column published in daily awami azwaz 25-12-2013


پارليامينٽ جا تماشا!

مهوش شبير عباسي

اسلامي جمهوريه پاڪستان هڪ اسلامي ۽ جمهوري ملڪ جنهن ۾ 18 کان 20 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آبادي رياستي ادارن، حڪمرانن، سياسي توڙي مذهبي ليڊرن جي ڇپر ڇانو ۾ رهي آهي، جتي هن عوام کي اظهار جي آزادي جو حق حاصل نه آهي. پاڪستان ۾ ڪڏهن جمهوريت جو دور رهيو ته ڪڏهن ڊڪٽيٽرشپ يعني فوجين ۽ سامراجين جو دور، جنهن کي عوام جي آزادي جو دور نه سمجهيو ويندو هو، پر هن وقت ملڪ ۾ جمهوريت آهي جنهن جو مقصد عوام جي حڪمراني آهي پر عوام جي ئي دور ۾ عوام سان ۽ ملڪ سان ڇا ٿي رهيو آهي ملڪ جنگي حالتن مان گذري رهيو آهي جنهن ۾ نقصان صرف ۽ صرف عوام جو ٿي رهيو آهي، ملڪ ۾ هلندڙ سياست ۽ مذهبي جنگ اهڙي صورتحال اختيار ڪري چڪي آهي جنهن ۾ ملڪ جي تباهي کان سواءِ ڪجھ نظر نه اچي رهيو آهي، انتها پسندي ماڻهن جي ايڪي ۽ طاقت کي ختم ڪري ڇڏيو آهي، اڄ ملڪ ۾ عوام مهانگائي، انتها پسندي، دهشتگردي، بيروزگاري، ميرٽ جي لتاڙ جهڙن سوين مسئلن ۾ ورتل آهي جنهن جي ڪري اڄ جي عوام اڄ جو نوجوان مستقبل لاءِ سوچي ئي نه رهيو آهي ڇو ته هو اڄ مسئلن جي ڄار ۾ ڦاٿل آهن. اهڙي صورتحال ۾ ملڪي ترقي معاشي توڙي سماجي ترقي ڪٿي به نظر نه اچي رهي آهي ڇو ته ملڪ جي عوام توڙي ادارن کي ان طرف راغب ئي نه پيو ڪيو وڃي نه وري اسانجي نوجوانن کي اهڙي سوچ کان محروم رکيو پيو وڃي .

بحرحال ان سڀ جي پاڙ ڇاهي ؟ وجهه ڇا آهي ؟ وجهه آهي تباهي، بربادي، انتها پسندي، مذهبي ويڙهه ۽ ملڪ جي سياست جنهن کي سياست گھٽ مفاهمت گھڻي چئي سگھجي ٿو. هن وقت پاڪستان انتهائي خطرناڪ رستي طرف وڌي رهيو آهي اهڙي رستي ڏانهن جتي سياست صرف نالي جي هوندي باقي حقيقت ۾ مذهبي انتها پسندي هوندي، دنيا اندر پاڪستان اهو واحد ملڪ آهي جنهن ۾ مقامي انتظاميا ختم ٿي رهي آهي، پارليامينٽ جو ڪردار ختم ٿي رهيو آهي، ڪاميٽيون ڪم جون ناهن رهيون، ملڪ اندر سول سوسائٽي ۽ رياستي ادارن جو خاتمو ٿي رهيو آهي. ملڪ جي سياست صرف عالمي ادارن تي هلي رهي آهي، جيڪي ماڻهو سياست ۾ پرجوش ۽ ڀرپور نظر ايندا هئا اهي آفيسن ۽ گھرن تائين محدود ٿي سياست ڪري رهيا آهن، محنت پسند ۽ سچن ماڻهن جي سياست ۾ کوٽ ٿي رهي آهي، پارليامينٽ اندر ٿيندڙ روز روز جا تماشا ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻجي رهيا آهن ۽ ملڪ جو نالو خراب ڪري رهيا آهن، عام ماڻهن جي مسئلن تي اسيمبليون خاموش آهن اوگرا جا مسئلا پارليامينٽ خاموش، بجلي جي قيمتن ۾ اضافو، گئس جي بندش تي به پارليامينٽ خاموش اسيمبليون ۽ پارليامينٽ ڳالهائن ٿيون ته غير ضروري معاملن تي، جيڪڏهن بحث ۽ تماشا ٿين به ٿا ته غير ضروري معاملن تي . ڪنهن وقت هاري، مزدور ۽ شاگردن جي سياست هوندي هئي ملڪ ۾ انهن جون يونين قائم هونديون هيون هاڻي اهي به محدود ڪيا ويا آهن معذرت سان ته شاگرد يونين سپريم ڪورٽ جي حڪم سان ئي ختم ڪيون ويون ڪورٽ جو چوڻ هو ته شاگرد پڙهائي ڪن سياست نه، پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته شاگردن کان بهتر سياست ڪير ڪندو ؟ ڇا اهي ڪندا جيڪي ڪوڙيون ڊگريون وٺي اقتدار حاصل ڪري عوام کي لٽن ۽ ڦرن ٿا ؟

ڪو وقت هوندو هو ته فلم، شعرن ۽ ادب ذريعي سياست ڪئي ويندي هئي، مزاحمتي ۽ انقلابي شاعري ڪئي ويندي هئي، پر هاڻي صورتحال ان جي ابتڙ نظر اچي رهي آهي. هاڻي بندوقن ۽ گولين جي سياست ٿي رهي آهي، مذهب، رنگ، نسل، ذات ۽ زبان تي سياست ٿي رهي آهي، هڪ ملڪ پاڪستان ۽ ان ۾ 4 صوبا! پر لڳي ائين رهيو آهي ته هاڻي 18 کان 20 ڪروڙ عوام هزارين فرقن ۾ ورهائجي چڪو آهي، جنهن جي ڪري ٻڌي نه رهي آهي ۽ ملڪ مزور ٿي چڪو آهي، جيڪا انتهائي خطرناڪ صورتحال آهي، پر هي سڄو فصل 20 کان 30 سالن تائين پوکيل ٻج جو نتيجو آهي، سياڻن سچ چيو آهي ته جيڪو پوکبو اهو ئي لڻبو. اڄ اهو فصل ملڪ ۾ پنهنجون پاڙون مضبوط ڪري بيٺو آهي، جنهن جو فائدو صرف سياسي ماڻهن کي ملي رهيو آهي.

ملڪ ۾ ڪرپشن چوٽ چڙهيل آهي ان ڳالهه تي اسانجي سياستدانن جي هڪ راءِ ناهي، ملڪ ۾ ميرٽ جي لتاڙ آهي ان ڳالهه تي به سياسي رهنمائن جي هڪ راءِ ناهي، جمهوريت جو حال ڇا ٿي رهيو آهي، دهشتگردي آهي، مهانگائي آهي، بيروزگاري آهي سڀ سامهون هوندي ان تي سياستدان هڪ پيج تي نه آهن مختلف پارٽين جا اڳواڻ پارليامينٽ ۾ هئڻ باوجود عوام کي روڊن تي گهلي احتجاج ڪرائي رهيا آهن ته پوءِ سندن پارليامينٽ ۾ موجود هئڻ سواليه نشان آهي؟ دهشتگرد قتل ٿين ٿا ته کين شهيد سڏيو وڃي ٿو اهي شهيد آهن يا نه ان تي به سياستدان توڙي مذهبي ڌريون متفق نه آهن، پوءِ جڏهن اسان جا رهنما ۽ سياسي پارٽيون ئي ڪنهن هڪ راءِ تي قائم نه آهن ته عوام ڪيئن پاڻ ۾ ايڪو ۽ ٻڌي آڻيندي ملڪ ڪيئن طاقتور ٿيندو ۽ ملڪ ۾ ترقي ڪيئن ايندي؟

پر پوءِ به اميد نه ٿي ختم ڪري سگھجي ڇو ته اميدن سان ئي دنيا قائم آهي ڪا ننڍڙي اميد ڪا روشني جي ننڍڙي ڪرڻ ملڪ کي ٻيهر امن، ڪاميابي ۽ ترقي ڏانهن گامزن ڪري سگھي ٿي، رياستي نظام ۾ بهتر تبديلي جي ضرورت آهي اسانجي عوام ۽ نوجوان ملڪ کان باغي ٿي چڪا آهن جن کي اهڙي سوچ مان ڪڍڻ گھرجي. ملڪ کي سخت محنت جي ضرورت سان گڏ ايماندري ۽ ٻڌي جي ضرورت آهي، ملڪ جي ادارن کي ترقي ڏانهن وڌائڻ گھرجي، ملڪ جي اڪانامي کي وڌائڻ سان گڏ اسان جي نوجوانن کي مسئلن مان نڪري سائنس، آرٽس ۽ ٻين شعبن ۾ پاڻ کي مڃرائڻ گھرجي ته جيئن پاڪستان به ترقي يافته ملڪن ۾ شامل ٿئي، اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن پاڪستان جا نوجوان پاڻ کي هر ميدان ۾ مڃرائيندا ۽ بهتر سياسي، مذهبي، سماجي ۽ تعليمي ماحول پيدا ڪندا.

No comments:

Post a Comment