Saturday 28 December 2013

my column in daily awami awaz 29-12-2013 #MehwishAbbasi #Aman jo khwab


امن جو خواب ڪڏهن پورو ٿيندو !؟

مهوش شبير عباسي

گذريل ڪيترن ئي سالن کان پاڪستان ۾ خوف جي فضا قائم آهي. سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ان خوف مان نڪرڻ جو ڪهڙو رستو آهي، پاڪستان ۾ ماڻهو پنهنجي مذهب ۽ فرقي ۾ رهندي به خوف ۾ مبتلا آهن. هن سال عاشوري تي راولپنڊي ۾ مذهبي ويڙهه جو خوفناڪ منظر سامهون آيو جنهن سبب شهر ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا، مدرسن ، امام بارگاهن ۽ مذهبي ڪتابن کي شهيد ڪيو ويو. مطلب ته هاڻي ملڪ جون حالتون ايتريون ته خراب ٿيڻ لڳيون آهن جو ڪرفيو لڳائڻ ۾ به دير نه ٿي ڪئي وڃي، هن ملڪ ۾ هاڻي نماز به نه ٿي پڙهي سگھي، مغربي وزيرستان ۾ نماز پڙهندڙ فوجين تي فائرنگ ڪري کين شهيد ڪيو ويو . دنيا اندر موجود اسلامي ملڪن ۾ فرقيواريت يا مذهبي بنيادن تي فساد ضرور ٿين ٿا پر ڪٿي به مسجدن، امام بارگاهن، جمعي نماز، جنازي نماز، عيد نماز يا محرم جي جلسن ۾ اهڙي طرح فائرنگ، بم ڌماڪا يا دهشتگرد حملا نه ٿا ٿين ڇو ته ٻين ملڪن ۾ صورتحال ضابطي ۾ آهي پر اسان وٽ رياست مذهبي ڇڪتاڻ کي روڪڻ ۾ ناڪام وئي آهي، جڏهن ته رياست تي ذميداري عائد ٿئي ٿي ته هو هر ماڻهو جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪري ۽ انهن کي سياسي ، سماجي توڙي مذهبي آزادي مُهيا ڪري پر رياست توڙي حڪومتي ادارا ان سڀ ۾ ناڪام آهن.

طالبان ، انتها پسند ماڻهن ۽ دهشتگردن پاڪستان جي عوام کي محدود بڻائي ڇڏيو آهي ، ماڻهن کي ڊيڄاري ، ڌمڪائي ، خوفزده ڪري رکيو وڃي ٿو ، انهن جو مقصد ادارن ، پوليس اسٽيشنن ، بازارن ، اسڪولن توڙي عبادت گاهن کي ويران ڪرڻ آهي جنهن سبب هو اهڙين جڳهن تي حملا ڪري رهيا آهن ، دهشتگرد هر ڳالهه کي سڪيورٽي جو مسئلو بڻائڻ چاهن ٿا پوءِ اها ڪرڪيٽ هجا يا وري مسجدن ۾ عبادت . ملڪ ۾ هينئر تائين فرقا واريت جي فسادن ۾ هزارين ماڻهو قتل ٿيا آهن ملڪ ۾ هر طرف ننڍا ننڍا وزيرستان قائم ڪيا ويا آهن اهڙا ادارا جن ۾ نوجوانن کي انتها پسندي جي تربيت ڏني وڃي ٿي ۽ جهاد جي نالي تي معصومن جون زندگيون ورتيون وڃن ٿيون ، پاڪستان جو عوام اڄ مذهبي انتها پسندي جي خوف ۾ ورتل آهي جڏهن ته ملڪ ۽ مذهب دشمن بنا ڪنهن خوف جي هٿيارن جي بنياد تي پنهنجا مقصد ماڻي رهيا آهن جنهن سبب انهن جي دلين مان قانون جو خوف ختم ٿيڻ آهي ۽ رياست پنهنجي رٽ قائم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي رهي آهي ، جيڪڏهن شروع کان ان طرف ڌيان ڏني وڃي ها ته اڄ مسئلو ايترو نه وڌي ها ، انهن سڀن مسئلن کي حل ڪرڻ جي زميواري حڪومت تي لاڳو ٿئي ٿي ان سان گڏ مذهبي عالمن تي به فرض آهي ته ملڪ کي اهڙي صورتحال مان نجات ڏيارن ، اهڙن واقعن ۾ ڪجھه مصنوعي مولوي ۽ عالم شامل آهن انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي ڇو ته اهي به رياست جو حصو آهن ۽ انهن جا ڏوهه عوام آڏو آندا وڃن .

حڪومت ۽ رياستي ادارن کي گھرجي ته ملڪ ۽ عوام کي مذهبي انتها پسندي ۽ فرقا واريت جي فسادن مان نجات ڏئي ۽ امن امان جي فضا قائم ڪري ماڻهن کي خوف ۽ حراس مان نجات ڏئي ڇو ته هن وقت ملڪ مذهبي انتها پسندي جي ور چڙهي چڪو آهي، ماڻهن ۾ جهاد ۽ فرقا واريت جون سوچون منتقل ڪيون پيون وڃن ڪو به ماڻهو پنهنجي عقيدي مطابق آزادي سان عبادت به نه ٿو ڪري سگھي جيڪا هڪ افسوسناڪ ۽ پريشاني واري صورتحال آهي. اسلام امن ڀائيچاري ۽ سلامتي وارو مذهب آهي اسلام ڪٿي به جنگ، ويڙهه، انتها پسندي جو درس نه ٿو ڏئي اسانجو مذهب سلامتي وارو مذهب آهي. اميد ته اسانجي ملڪ کي جلد کان جلد اهڙن فسادن مان آجو ڪيو ويندو جيڪو فرض مذهبي اسڪالرن، عالمن توڙي حڪمرانن جو آهي .

No comments:

Post a Comment