Monday 16 December 2013

My column published in daily awami awaz 16 December 2013 about politicians in #Parliament @AbbasiMehwish



پارليامينٽ جو ڪردار ڪڏهن بدلبو؟

مهوش عباسي

پاڪستان ۾ جنهن قسم جي سياست ڏسڻ لاءِ اسان کي ملي رهي آهي شايد ئي ايئن دنيا جي ٻئي ڪنهن ملڪ ۾ ٿيندو هجي . اليڪشن هجي ته چونڊن کي صاف ۽ شفاف بنائڻ لاءِ عدالتن کان وٺي هر ماڻهو ڪوشش ڪندو آهي پر موجود سياست ان کي صاف ۽ شفاف بنائڻ نه ڏيندي آهي ، چونڊن کانپوءِ عوام جا چونڊيل نمائندا اقتدار ۽ پارليامينٽ ۾ اچي پنهنجون سيٽون سنڀاليندا آهن اهي پاڻ کي عوام جا حقيقي نمائندا سڏائيندا آهن ، اليڪشن کان پارليامينٽ تائين جو سفر اهي نمائندا عوام جي مليل ووٽن سان ئي طئي ڪندا آهن عوام انهن کي اختيار ڏئي اسيمبلين تائين پهچائيندي آهي . پارليامينٽ اها جڳهه آهي جتي عوام ۽ ملڪ جا فيصلا ٿيندا آهن ، بل پاس ٿيندا آهن ، قانون سازي ڪرائي ويندي آهي ، عوام جي ڀلائي لاءِ آواز اٿاريو ويندو آهي پر شايد پارليامينٽ جو اهو مقصد پاڪستان ۾ گھٽ رهيو آهي جيڪڏهن ايئن ٿئي به ٿو ته مخالف جماعت جي پارٽي جي طرفان يا وري موجوده حڪومتي پارٽي صرف پنهنجو اقتدار ۽ وزارتون بچائڻ لاءِ عوام کي گمراه ڪندي آهي ، ڪڏهن ته وري نوجوانن کي مختلف اسڪيمن جا آسرا ڏئي انهن جو ووٽ بئنڪ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي .
اهي نمائندا پارليامينٽ ۾ اچي عوام جا حقيقي نمائندا ثابت ٿيڻ ۾ ناڪام ٿيندا آهن ڇو ته اقتدار ملڻ کانپوءِ هو پنهنجو ضمير پنهنجي پارٽي جي اصولن تي هلي کپائي ڇڏيندا آهن ، اڄ جيڪڏهن پارليامينٽ تي نظر وجھون ته اسان کي ڪيترائي اهڙا سياستدان ملندا جيڪي پارليامينٽ کي تباه ڪري رهيا آهن ، موجوده حڪومتي پارٽي کي قائم ٿئي 7 مهينا گزرڻ وارا آهن ان عرصي دوران ملڪ جو وزير اعظم صرف 2 دفعا پارليامينٽ ويو موجوده حڪومتي پارٽي جا ڪيترائي وزير ، مشير ، نمائندا پارليامينٽ ۽ اسيمبلين مان غير حاضر رهن ٿا جنهن جو کانئن ڪو به پڇاڻو ڪرڻ وارو نه آهي .
اهي نمائندا ، وزير ، مشير حلف ته کڻندا آهن ته خلوص ۽ نيت سان پاڪستان جا حامي ۽ وفادار رهنداسين ، پنهنجا فرض ايمانداري ۽ وفاداري سان پورا ڪنداسين اسلامي جمهوريه پاڪستان جي قانون ، آئين ۽ دستور کي نظر ۾ رکي هر عمل خوشي سان سرانجام ڏينداسين . پر پارليامينٽ ۾ اچي هو پنهنجا حلف ۽ فرض وساري ويهندا آهن ۽ پارٽي جي سربراه جي جاري ڪيل حڪمن تي هلندا آهن ، آئين ۾ ڪيل 18 ترميم آرٽيڪل 63 جي مطابق جيڪڏهن ڪو به نمائندو پنهنجي پارٽي جي سربراه جي حڪم تي عمل نه ڪندو يا وري ان جي مرضي جي خلاف ڪو ڪم ڪندو ته ان کي فوري طور پارليامينٽ ۽ پارٽي مان خارج ڪري سگھجي ٿو ، مطلب ته پارليامينٽ ۾ اچي ضمير کي وساري پارٽي ليڊر جي حڪم تي هلڻو پوندو پوءِ ڪٿان جي عوام ، ڇا جا حق ، ڇا جا مسئلا ۽ ڪهڙا ووٽ .
ملڪ جي سياست جي صورتحال جيڪڏهن ايئن آهي ته پوءِ جمهوريت ڪٿي آهي ، بلدياتي چونڊن کان سياسي پارٽيون ڀڄي رهيون آهن ڇو ته ايم اين ايز ، سينيٽرن ، ايم پي ايز ، وزيرن مشيرن جا اختيار محدود ٿي ويندا جنهن سبب ئي مرڪزي اڳواڻ بلدياتي چونڊن کان ڀڄڻ جي ڪوششن ۾ مصروف آهن ڇو ته سندن اختيار هيٺين سطح تي منتقل ٿي ويندا .
ان سان گڏ نادرا سان فسوسناڪ ورتاءُ ٿي رهيو آهي 18 کان 19 ڪروڙ عوام سان ڇا ٿي رهيو آهي انهن جي راءِ ۽ جذبات جي ڪا قدر نه رهي آهي ، اهڙي صورتحال ۾ ملڪ کي فوري طور ڪنهن حڪمت عملي جي ضرورت آهي ، ملڪ ۽ قوم سان وفاداري ، محبت ۽ سچائي کي سياستدان وساري ويٺا آهن عمل نالي جي ڪا اهميت ناهي رهي ، پارٽي سربراه مفادن خاطر مرضي جا فيصلا ڪري رهيا آهن جيڪڏهن پارليامينٽ ۾ موجود نمائندن کي پارٽي سربراه جي حڪمن تي هلڻو آهي ته پوءِ پارليامينٽ ۾ انهن نمائندن جي ڪهڙي ضرورت جيڪي پاڻ کي عوام جا نمائندا سڏرائين ٿا ان جاءِ تي سربراهن کي اچي ويهڻ گھرجي . پاڪستان جي سياسي ورڪرن جي واقعي ۾ ڇا تربيت ايتري خراب آهي جو هو پنهنجي علائقن ۽ عوام جو آواز به مرضي مطابق نه ٿا کڻي سگھن ، جمهوريت جي مضبوطي لاءِ آئين ۾ ترميم آڻڻ ضروري آهي پر 1973 جي آئين مطابق اها ترميم ڪئي وئي آهي ڪو به نمائندو پارٽي ليڊر کان مخالف ٿي فيصلو نه ٿو ڪري سگھي پوءِ اهڙي ترميم ۾ ملڪ جي 18 ڪروڙ عوام جو ڇا ٿيندو ، عوام جي نمائندگي ختم ٿي رهي آهي آرٽيڪل 239 جي مطابق آئين ۾ ترميم جي اجازت آهي پر آئين جي بنيادي بناوت کي تبديل ڪرڻ جو حق ڪنهن کي به حاصل نه آهي .
اسان وٽ سياسي نظام معاشري جي عڪاسي ڪري ٿو شهرن ۾ اسان وٽ سرمائيدارن ، ڀتا خورن ۽ ٽارگيٽ ڪلرز جو نظام آهي ڳوٺن ۾ وڏيرن ۽ جاگيردارن ، سردارن ۽ ڀوتارن جي زور تي عام ماڻهو جو استحصال ٿي رهيو آهي جنهن عمل کي روڪڻ لاءِ عام ماڻهو ۾ اڃا تائين ايتري جراءِت پيدا نه ٿي سگھي آهي جو هو ساڻن مهاڏو اٽڪائي ٿورو ٿڪو جيڪڏهن وچولي طبقي جو ڪو ماڻهو اڀري اچي ٿو ته اڳتي هلي ٿو ته سندس آواز کي دٻائي کيس ناڪام بڻايو وڃي ٿو ، پاڪستان ۾ 66 سالن کان خانداني ۽ مخصوص ماڻهن جي سياست هلندي آئي آهي ان کان وڌيڪ ڪجھ ناهي هڪ عام ماڻهو اليڪشن ۾ اچڻ جو سوچي به نه ٿو سوچي سگھي ته پوءِ ڇا اهڙي نظام کي جمهوريت بجاءِ چونڊيل ڊڪٽيٽرشپ نه چئجي ، عوام تعليم ٿي گھري ، روڊن رستن جي تعمير ٿي گھري ، صاف پاڻي ، ڪاروبار ، ميرٽ تي نوڪريون ، سٺا ادارا ، اسڪول ۽ اسپتالون ٿي گھري ان جو اختيار پارليامينٽ ۾ موجود نمائندن کي حاصل آهي پر هو به اقتدار حاصل ڪري محدود ٿي وڃن ٿا . پاڪستان جون سياسي پارٽيون خاندان ۽ مخصوص طبقن جي نمائندگي ڪري رهيون آهن عوام مضبوط خاندانن کي ڏسي ووٽ ڏئي رهيو آهي جيڪا سندن مجبوري آهي يا وري سياسي پارٽين کان ڊڄي انهن کي ووٽ ڏنو وڃي ٿو . سياسي پارٽيون جتي ليڊرن جي نالن تي رجسٽرڊ هجن اتي عام ماڻهن جي نمائندگي ڪهڙي ٿيندي عوام جي بنيادي ضرورتن کي پورو نه ٿو ڪيو وڃي .
اڄ پاڪستان جي موجود پارليامينٽ پنهنجو اثر وڃائي رهي آهي وزير ، مشير ۽ نمائندا پارليامينٽ کي ڪچهري ڪرڻ ۽ ٽائيم پاس ڪرڻ جي جڳهه کان وڌيڪ ڪجھ نه ٿا سمجھن ان کان علاوه گھٽ حاضري هجڻ جي ڪري ملڪ جي سياست تباه ٿي رهي آهي . پاڪستان پيپلز پارٽي جو حڪومتي دور ڀلي ڪيترو ئي خراب رهيو هجي پر ان دور جو وزير اعظم يوسف رضا گيلاني پارليامينٽ ۾ باقاعده طور حاضر رهيو ان کان علاوه وزير ، مشير به حاضر رهيا ان دور ۾ اسيمبلين ۾ ڪيترائي بل پاس ڪيا ويا ، ڪيترا ئي بحث مباحثا ٿيا پارليامينٽ جو حقيقي طور استعمال ڪيو ويو .
جڏهن ته موجوده حڪومت ان جي ابتڙ هلي رهي آهي جڏهن کانئن ان باري ۾ سوال ڪيو وڃي ٿو ته سندن چوڻ آهي ته اسين پارليامينٽ ۽ عوام آڏو تڏهن اينداسين جڏهن اسين ڪجھ ڪري عوام کي منهن ڏيکارڻ قابل رهنداسين قوم کي 66 سالن تائين ڪجھ پلئه نه پئجي سگھيو آهي مگر قوم اڄ به ان اوسيئڙي ۾ آهي ته اسانجا حڪمران عوام جا حقيقي نمائندا ٿي سامهون اچن نه ڪي پارٽين جا نمائندا .

No comments:

Post a Comment