Thursday 5 December 2013

IN DAILY AWAMI AWAZ 2 DECEMBER 2013 BY MEHWISH ABBASI

گم ٿيل ماڻهو وارو مسئلو
مهوش عباسي
اسانجي ملڪ اندر آئين ۽ قانون جي لتاڙ ڪئي وڃي ٿي ۽ ان عمل کي جيترو آسان ورتو وڃي ٿو اهو افسوسناڪ عمل آهي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان گم ٿيل ماڻهن جي مسئلي کي ڪيتري عرصي کان کنيو بيٺي آهي پر تازو بلوچستان کان ڪراچي ڪهي آيل قافلي کي در بدر ٿيندي ڏسي سپريم ڪورٽ جيڪي قدم کنيا آهن سي قابل ستائش آهن . سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس چوڌري افتخار جڏهن وزير دفاع کي پيش ٿي گم ٿيل ماڻهن بابت پچاڻي لاءِ طلب ڪيو ته ان وقت اها وزارت وزير اعظم پاڪستان نواز شريف جي حوالي ٿيل هئي ، سپريم ڪورٽ جي سخت بيان بعد رات و واه اها وزارت خواجه آصف حوالي ڪئي وئي جنهن جو وڏو سبب اهو هو ته ڪاٿي نواز شريف کي نه سپريم ڪورٽ طلب ڪري وٺي جنهن ڪري تڙ تڪڙ م وزير اعظم نواز شريف صاحب وزير دفاع جي وزارت مان هٿ ڪڍيا ، سپريم ڪورٽ جي دٻاءَ بعد خواجه آصف ڪوئٽا کان آيل قافلي جي سرواڻ ماما قدير بلوچ سان ملاقات ڪري گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي جو يقين ڏياريو ۽ کين احتجاج ختم ڪرڻ لاءِ ميڙ منٿ ڪئي مگر ماما قدير بلوچ ۽ سندس ساٿين مٿس اعتماد جو اظهار نه ڪيو ڇو ته ان کان اڳ به ڪيترائي ڀيرا بلوچ قيادت کي گم ٿيل ماڻهو حوالي ڪرڻ جا دلاسا ملندا رهيا آهن مگر افسوس جو سندن ڪارڪردگي زيرو رهي آهي جنهن ڪري ماما قدير بلوچ جو چوڻ هو ته جيسيتائين بلوچستان مان گم ڪيل ماڻهو  پوري طرح بازياب نه ٿيندا تيسيتائين هو سک سان نه ويهندو ۽ سندن احتجاج جو دائرو وڌي اسلام آباد جي ايوانن تائين پهنچندو .
گم ٿيل ماڻهن جو مامرو هن وقت پاڪستان ۾ ايترو ته وڌي چڪو آهي جو هاڻي پاڪستان جي بدنامي ٿي رهي آهي ، هي گم ٿيلن جي وارثن ڏاڍو وڏو الميو آهي ڇو ته ان جي تڪليف ۽ ڏک کي اهي ئي سمجھي سگھن ٿا ڪنهن جو ڪو پيارو خدا نه خواسته دنيا مان وفات ڪري وڃي ته پوءِ به ان ڏک کي برداشت ڪري ويندو آهي پر ڪير پيارو اکين کان پري رهي ڏينهن ، مهينا يا سال ته فڪر ٿيڻ لڳندي آهي ته هو ڪٿي هوندو ڪيئن هوندو ڪهڙي حال ۾ هوندو جيڪي ماڻهو ان ڏک مان گذري رهيا آهن ان جو اسان اندازو به نه ٿا لڳائي سگھون ، اکين ۾ لڙڪ ۽ دل ۾ ڏک کڻندي اڄ به انهن جي وارثن جون اکيون ان آس ۾ آهن ته ڪڏهن انهن جا پيارا واپس ايندا .
سپريم ڪورٽ جي کنيل قدمن جي ڪري هاڻي ادارا تحرڪ م اچي ويا آهن  جنرل مشرف جي حڪومتي دور ۾ گم ٿيل ماڻهن جو معامرو وڌي ويو ۽ ان وقت گم ٿيل ماڻهو لاشن ۾ تبديل ٿيڻ لڳا ، تشدد ۽ چچريل لاش معمول بڻيل لڳا ، سال 2005 ۾ پاڪستان جي چيف جسٽس سوموٽو نوٽيس وررتو جنهن کان پوءِ اڄ تائين سڀ ڪيس ان تحت هلي رهيا آهن ، حڪومت جي جاري ڪيل انگ اکرن مطابق پاڪستان ۾ 1000 ماڻهو لاپتا آهن جن مان 735 کي حڪومت declared ڪيو آهي مطلب ته اهي 738 ماڻهو پاڪستان جي ڳجھن علائقن ۾ موجود آهن جيڪي ڳجھن ادارن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن سپريم ڪورٽ خواجه آصف کي 35 گم ٿيل ماڻهن کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي جنهن تي پريشاني جو شڪار ضرور هوندو ڇو ته حقيقت ۾ گم ٿيل ماڻهن جو تاعداد ان کان به گھڻو آهي پر جيڪڏهن ڪجھ ماڻهو ڳجھن ادارن ۾ ڪم ڪري به رهيا آهن ته انهن کي پنهنجن پيارن کان ڇو پري ڪيو ويو آهي ، در حقيقت حڪومتي ادارا پنهنجي ناڪامين جو اعتراف نه ڪري رهيا آهن نه وري حقيقت کي قبول ڪري رهيا آهن بي گناه بي قصور ماڻهن کي گم ڪري قتل ڪيو پيو وڃي رياستي ادارا ناڪام نظر اچي رهيا آهن .
حزب اختلاف ۾ هئڻ دوران پيپلز پارٽي جي حڪومت تي گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ وڏو دٻاءُ وڌو ويندو هو ۽ اليڪشن مهم جي دوران سياستدان وڏا وڏا واعدا ۽ دعوى ڪندي نظر اچن ٿا پر اقتدار ۾ ايندي ئي اهي واعدا وفا نه ٿا ٿين ، اليڪشن مهم دوران نواز شريف صاحب ۽ عمران خان جلسن دوران گم ٿيل ماڻهن جي وارثن سان همدردري ڪرڻ سان گڏ وڏيون دعوائون پڻ ڪيون ان کان علاوه هيومن رائٽس آف پاڪستان جي دفتر تي وڃي اهو يقين ڏياريو ته اقتدار ۾ ايندي ئي ان مسئلي کي حل ڪيو ويندو مگر 7 مهينا گذرڻ باوجود ڪا به اڳ ڀرائي نه ٿي سگھي آهي .
پي ٽي آئي جيڪا پاڻ کي ملڪ جو ٻيون نمبر وڏي پارٽي سڏرائيندي ٿڪجي نه ٿي اها ڊرون حملن جي روڪ ٿام لاءِ نيٽو سپلاءِ جي آمدرفت کي روڪي آمريڪا سان ڪاوڙ ۽ دشمني جو اظهار ته ڪري رهي آهي پر ملڪ جي سڀ کان وڏي مسئلي تي چپ جو روزو رکي ويٺل آهي جڏهن ته گم ٿيل ماڻهن جو انگ ڪي پي ڪي ۾ ٻين صوبن جي نسبت گھڻو آهي .

بلوچستان هميشه کان ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيندو آيو آهي جنهن جو اصل سبب حقيقي قيادت جو نه هجڻ آهي ، بلوچستان صوبي جي حقيقي ليڊرن کي ملڪ کان ٻاهر رکيو ويو آهي جن کي صوبي جي مسئلن ۾ مداخلت به نه پئي ڪرڻ ڏني وڃي ، اليڪشن مهم دوران سندن رستا روڪي ملڪ اندر داخل ٿيڻ کان روڪيو وڃي ٿو ، صوبي اندر اليڪشن دوران خفيا ادارن جي مداخلت سبب ماڻهن ۾ خوف و حراس پيدا ڪيو ويو ۽ من پسند نتيجا ڏئي بلوچن جي ووٽن جي توهين ڪئي وئي ايترو ڪجھ ڪرڻ بعد به خفيا ادارن جو پيٽ نه ڀريو ۽ ظلم جي انتها ڪندي کين پنهنجن پيارن کان جدا ڪيو پيو وڃي ، بلوچن مٿان خوف ۽ وحشت جي تلوار هر وقت لٽڪيل رهي ٿي .

جڏهن ته وزير اعلى بلوچستان بلوچن کي جيڪي حق ڏيارڻ جا واعدا وچن ڪيا هئا سي سندس وس ۾ نه رهيا آهن سندس چوڻ آهي ته وڏين ڪوششن باوجود هو گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي يقيني بڻائي نه سگھيو آهي .
ان سان رياستي ادارن جي ناڪامي جو اعتراف ٿي رهيو آهي جيڪڏهن حڪومت جا سربراه ۽ ادارا ناڪامي جو اعتراف ڪن ته ان ملڪ جو الله هي حافظ آهي ، الائي ڪڏهن ملڪ کي حقيقي ليڊرشپ ملندي ، موروثي  ۽ مفاهمت پرست سياست مان عوام جي جان آجي ٿيندي ۽ عوام کي مسئلن جي ڌٻڻ مان ڪڍيو ويندو جيڪو هن وقت ته ناممڪن نظر اچي رهيو آهي ۽ ملڪ وڌيڪ مسئلن جو شڪار ٿيندو پيو وڃي .
پاڪستان ۾ هن وقت اها صورتحال آهي جيڪا فلسطيني ماڻهن سان ڪجھ وقت پهريان اسرائيل ڪري رهيو هو انهن جا به ڪيترائي نوجوان گم ڪيا ويا پر ان وقت نواز شريف صاحب کي فلسطينين سان انتهائي همدردي هئي جنهن جو اظهار نواز شريف هڪ جلسي ۾ پڻ ڪيو سندن نظرون ٻاهرين ملڪن تائين ته پهچن ٿيون پر پنهنجي ملڪ اندر موجود ساڳين مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪري رهيا آهن يا وري خفيا ادارن اڳيان بي وس ٻڻيل آهن .  
هن وقت گم ٿيلن جي وارثن وٽ ڏک جي لهر ڇانيل آهي سندن چوڻ آهي ته اسانجا پيارا ڪيتري عرصي کان کنڀي گم ڪيا ويا آهن جن بابت کين ڪا به ڄاڻ نه آهي ته اسانجا پيارا زنده به آهن يا سندن حياتيون کسيون ويون آهن آخر ايف سي ، آءِ ايس آءِ ۽ ٻين ادارن کي ايترا اختيار ڪنهن ڏنا آهن جو هو آئين ۽ قانون جي لتاڙ ڪندي بيگناه ماڻهن کي کنڀي گم ڪيو ويٺا آهن يا سندن چچريل لاش سندن وارثن جي گھرن ٻاهران ڦٽا ڪيا پيا وڃن ، گھڙي پل جي لاءِ جيڪڏهن اها ڳالهه ذهن نشين ڪجي ته گم ڪيل ماڻهو ڏوهاري آهن ۽ مختلف ڪيسن ۾ گھربل آهن تڏهن به کين کنڀي گم ڪرڻ ۽ مارڻ جو اختيار ايف سي ، آءِ ايس آءِ ۽ ٻين ادارن کي هرگز حاصل نه آهي . ملڪ اندر آئين ، قانون ، عدالتون ۽ ٻيا ادارا موجود آهن جيڪي ڏوهاري ۽ بيگناه ماڻهن بابت فيصلن جو اختيار رکندڙ آهن آخر ڇو ؟ ۽ ڇا جي لاءِ ايف سي ، آءِ ايس آءِ ۽ ٻيا ادارا ڪنهن جي چوڻ تي ايڏيون وڏيون ڪارروايون پاڻمرادو ڪري رهيا آهن جيڪو عمل ملڪ جي آئين ۽ قانون جي برعڪس آهي جنهن لاءِ حڪومت کي اپاءَ وٺڻ گھرجن ، گم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪري عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي  ، ڌوهارين کي سزا ڏني وڃي ۽ بيگناه ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي . جيڪڏهن اسان کي ملڪ بچائڻو آهي ته رياستي ادارن کي مضبوط ڪرڻو پوندو نه ته اڄ پيسن عيوض ماڻهن کي گم ڪري ٻين ملڪن ۾ کپايو ۽ مفادن خاطر ماريو پيو ته ڪٿي هڪ ڏينهن ملڪ کي کپائي نه ويهي رهن ۽ کين آئين ۽ قانون تحت پنهنجيون ذميواريون نڀائڻيون پونديون ، ياد رکڻ گھرجي ته خفيا ادارا قانون ۽ آئين کان مٿاهان هرگز نه آهن .


No comments:

Post a Comment