Saturday 21 December 2013

My Column in Daily Awami awaz 22-12-2013 #Karachi crisis #Targeted operation #POlice #Pakistan

ڪراچي مسئلو ۽ رياست جي ذميداري

مهوش شبير عباسي

گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب ۽ ڳڻتي جوڳي نظر اچي رهي آهي بم ڌماڪا ، ٽارگيٽ ڪلنگ ، مذهبي انتها پسندي ، سياسي ٽارگيٽ ڪلنگ ، فرقا واريت ، ڀتا خوري ، اسٽريٽ ڪرائم ، بئنڪن مان ڦر لٽ ڪراچي ۾ معمول بڻيل آهن . قانون لاڳو ڪندڙ ايجنسيون، سياسي توڙي مذهبي جماعتون هن وقت گڏ ٿي ڪراچي جي مسئلن جو حل ڪڍڻ چاهين ٿيون جنهن کانپوءِ وزير اعظم نواز شريف امن جو خواب کڻي ڪراچي پهتو ۽ آل پارٽيز ڪانفرنس گھرائي وئي جنهن ۾ ڪراچي جي معاملن تي ڳالهايو ويو. آل پارٽيز ڪانفرنس ته ٿي وئي پر سڀ سياسي جماعتون هڪ پيج تي گڏ نه ٿي سگھيون ڪنهن کي اجلاس ۾ شرڪت تي اعتراض هيو ته ڪنهن گورنر هائوس وڃڻ کان انڪار ڪيو .

ڪراچي ۾ هن وقت امن جي نالي تي شروع ٿيل ٽارگيٽڊ آپريشن جو ٽيون مرحلو هلي رهيو آهي ، ٽارگيٽڊ آپريشن 5 سيپٽمبر 2013 ع کان شروع ڪيو ويو هن وقت تائين 513 مقابلا ڪيا ويا جنهن ۾ 76 ملزم ماريا ويا ۽ 13،000 کان وڌيڪ گرفتار ڪيا ويا جن مان 11،000 لاپتا آهن ، 72 مشين گنز ، 2475 پستول ، 116 دستي بم ۽ ٻيا ڪيترائي هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن پر ان سڀ جي باوجود به ڪا واضع تبديلي نظر نه اچي رهي آهي ڏوهه تڏهن به ٿي رهيا هئا هاڻي به ٿي رهيا آهن. ان ٽارگيٽڊ آپريشن دوران ڏوهارين هٿان 2500 بيگناه ماڻهو قتل ٿيا ۽ 25 بئنڪ ڊڪيتيون ٿيون آهن جن ۾ ڪيترائي گارڊ ۽ پوليس اهلڪار هٿيار بندن هٿان شهيد ٿي چڪا آهن . هن آپريشن ۾ پوليس جي اوليت ٽارگيٽ ڪلنگ کي روڪڻ جي آهي ته جيئن بيگناهه قتل روڪيا وڃن ۽ قاتلن کي پڪڙيو وڃي. ان آپريشن شروع ٿيڻ تي سياسي پارٽين ايترو ته شور مچايو جو ڪراچي اندر موجود ڏوهاري ۽ قاتل هوشيار ٿي ويا ۽ انهن مان ڪيترائي نام نهاد ڏوهاري ڪراچي مان فرار ٿي ٻين ملڪن ۽ شهرن ڏانهن منتقل ٿي ويا جڏهن ته آپريشن جو ٻڌي ڪراچي اندر غير قانوني اڏن سان گڏ ڪيترائي مافيا ۽ هٿيارن جا اڏا بند ڪيا ويا جنهن جي ڪري اتي ڪم ڪندڙ ماڻهو بيروزگار ٿي ويا ۽ اهي اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث ٿيڻ لڳا جنهن جي ڪري هن وقت ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائم ۾ واڌ اچي چڪي آهي اهڙن ڏوهن ۾ واڌ جو وڏو سبب بي روزگاري ، بک ۽ افلاس آهي ڪيترائي ماڻهو بک ، بدحالي ۽ بيروزگاري جي ڪري ڏوهن ۾ ملوث ٿي وڃن ٿا ۽ پوءِ انهن کي اهڙي صورتحال مان ڪڍڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو .

پوليس مطابق 12،000 ٽارگيٽ ڪلرز کي گرفتار ڪيو ويو آهي جيڪڏهن واقعي ايتريون گرفتاريون ٿيون آهن ۽ هن وقت تائين اهي ڏوهاري پوليس جي حراست ۾ آهن ته پوءِ ڪراچي ۾ اڃان تائين ٽارگيٽ ڪلنگ ڇو هلندڙ آهي سڄو شهر ته ٽارگيٽ ڪلر نه آهي ، حقيقت اها آهي ته پوليس ڪارروايون ڪري ڏوهارين کي پڪڙي ته ڏوهاري جيلن کي منهن به ڏين ٿا پر انهن مان ڪيترائي جلد آزاد ٿي وڃن ٿا ڪيترن ڏوهارين کي سياسي پارٽين جي حمايت حاصل آهي ته ڪن کي وري عدالت گھٽ ثبوت هجڻ ڪري آزاد ڪري ڇڏي ٿي ، اهي ڏوهاري جيڪي ثبوت نه هجڻ ڪري آزاد ٿين ٿا اهي ٻيهر اسان جي شهرن ۾ اچي ان کان وڌيڪ طوفان مچائيندا ۽ پهريان کان وڌيڪ ڏوهه ڪندا ، ان ڪري پوليس جي زندگين کي به خطرو آهي ڇو ته ڪيترائي ڏوهاري پوليس تي پڻ حملا ڪري بدلو وٺڻ چاهين ٿا ۽ انهن کي اهڙا آپريشن ڪرڻ کان روڪڻ چاهين ٿا ، اهڙن آپريشن دوران پوليس آفيسر به ماريا وڃن ٿا انهن سان به وارداتون ٿين ٿيون انهن کي به لٽيو ۽ ڦريو وڃي ٿو سندس معصوم ٻارڙن ۽ گھر ڀاتين جون حياتيون پڻ داءَ تي لڳل رهن ٿيون .

اسان جي ملڪ جو قانوني نظام ايترو ته پوئتي ۽ سست آهي جو هڪ ڪيس کي ختم ٿيڻ لاءِ سال لڳي وڃن ٿا جنهن سبب ڪيترائي فريادي عدالتن جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پوڻ سبب ڪيسن تان هٿ کڻي وڃن ٿا ، عام ماڻهن جا لکين ڪيس عدالتن ۾ پيڊ آهن، روز روز شنواين جون نيون تاريخون ڏنيون وڃن ٿيون ، ڏوهارين جا ڪيس جلد نه ختم ٿيڻ سبب ڏوهن جي وارداتن ۾ گھٽتائي نه اچي رهي آهي ٻين ملڪن ۾ اهڙن ڪيسن لاءِ الڳ قانون ۽ عدالتون آهن جن اندر ڏوهارين کي جلد کان جلد سزا ڏئي ڪيس ختم ڪيا وڃن ٿا ان جي لاءِ پاڪستان ۾ به بهتر نموني ان صورتحال کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن ڏوهاري ٻيهر معاشري ۾ اچي تباهي نه پکيڙن ۽ بيگناه ماڻهن جو قتل عام نه ٿئي جهڙي محنت سان ڪراچي آپريشن جاري آهي ايتري ئي ايمانداري سان ان کي انجام تائين پهچائڻ گھرجي ته جيئن امن امان جي فضا حقيقت ۾ قائم ڪري سگھجي ۽ سياسي پارٽيون اهڙن آپريشن جو نالو کڻي مفاد حاصل نه ڪري سگھن ڇو ته ڏوهارين خلاف ڪارروايون ڪرڻ پوليس جو فرض آهي اهڙن عملن کي مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ اسان جي رهنمائن کي جڳائي نه ٿو اقتدار ۽ سياسي پارٽين جا جملا تبديل ٿيندا رهندا آهن انهن جي مفادن جي جنگ به جاري هوندي آهي ۽ ڪيترائي دفعا پنهنجو اقتدار بچائڻ لاءِ اهڙين ڳالهين جو سهارو به وٺندا آهن . حڪومتون ته اينديون ۽ وينديون پر سياسي پارٽين ۾ ٻڌي نه هجڻ جي ڪري ملڪ تباهه ٿي رهيو آهي. آپريشن جو شروع ٿيڻ سڀني سياسي پارٽين جي فرمائش هئي پر ان جو ساٿ ڪير نه ڏئي رهيو آهي ، 13،000 ڏوهاري گرفتار ته ٿيا آهن پر ملڪ جي فرسوده نظام ۽ سياسي نظام جي ڪري ان ڳالهه جي يقين دهاني نه ٿي ڪرائي سگھجي ته هاڻي ڪراچي جي عوام انهن ڏوهارين کان آجي ٿي وئي آهي ؟

سياسي پارٽين جي مداخلت سبب پوليس ۽ عوام ۾ وڇورٽيون پيدا ٿي چڪيون آهن جڏهن ته پوليس تي اعتماد ڪرڻ جي ضرورت آهي انهن جو ساٿ ڏيڻ جي ضرورت آهي پوليس کي يقين ۽ اعتماد ڏيارڻ گھرجي ۽ پوليس جي ذهن ۾ انهن جا فرض ويهارڻ گھرجن ته جيئن هو ڪڏهن به گمراهه نه ٿين ۽ عوام کي به مٿن اعتماد ڪرڻ گھرجي . اڄ جي صورتحال اها آهي ته ڏوهاري پوليس کان ڪنهن ريت به نٿا ڊڄن هو بي خوف ٿي پوليس تي حملا ڪري رهيا آهن.

حڪومت کي گھرجي ته پوليس ۽ ڪراچي جي عوام جو ساٿ ڏئي انهن سان ذيادتين کي روڪي ۽ انهن کي سک جو ساهه کڻڻ ڏئي پوليس کي فري هينڊ ڏنو وڃي ته جيئن هو ڏوهارين کي سزا تائين پهچائن ، ڏوهن ۾ ڪمي تڏهن ئي ٿيندي جڏهن پوليس جي ڪيل ڪاررواين جو عدالتون ، سياسي پارٽيون ۽ حڪومت ساٿ ڏيندي ۽ ڪراچي آپريشن کي ڪنهن به صورت ۾ نه روڪيو وڃي جيڪڏهن ايئن ٿيو ته پوءِ ڪراچي جي صورتحال وزيرستان جهڙي ٿيڻ ۾ دير نه لڳندي .

No comments:

Post a Comment