Saturday 19 October 2013

#PPP #Bilawal must remember the mission of Shaheeb #Benazir #Bhutto A column by Mehwish Abbasi in daily awami awaz 20-10-2013


بلاول کي شهيد بينظير ڀٽو جو مشن جاري رکڻ گھرجي

مهوش شبير عباسي

شهيد بينظير ڀٽو جي المناڪ شهادت بعد پيپلز پارٽي جون واڳون سندس وصيت مطابق آصف علي زرداري پنهنجي هٿ ۾ کنيون جنهن بعد کيس ملڪ جو صدر ٿيڻ جو اعزاز پڻ حاصل ٿيو سندس فيصلن سبب پيپلز پارٽي جا ڪيترائي سينئر اڳواڻ ساڻس ناراض ٿي ويا جن جي پرواهه ڪرڻ بنا پاڪستان پيپلز پارٽي 5 سال ملڪ تي حڪمراني ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري کي پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بڻايو ويو آهي جنهن کي ڪو خاص سياسي تجربو حاصل نه آهي پر کيس اهو اعزاز حاصل آهي ته هو شهيد بينظير ڀٽو جو فرزند آهي ۽ منزل تي پهچڻ لاءِ کيس ڪيترائي اوکا پنڌ جھاڳڻا پوندا. 18 آڪٽوبر 2007ع تي جڏهن بينظير ڀٽو جلا وطني ختم ڪري ڏيهه پهتي ته ڪراچي ۾ سندس ريلي تي زوردار بم ڌماڪا ڪيا ويا جنهن ۾ سوين ڪارڪن شهيد ۽ زخمي ٿيا .

گزريل ڏينهن 18 آڪٽوبر جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪندي بلاول ڀٽو زرداري جذباتي تقرير ڪندي شينهن جو شڪار ڪرڻ سميت ٻين پارٽين کي پڻ ٽارگيٽ بڻايو، ڏٺو وڃي ته ملڪ اندر اڄ جيڪي حالتون آهن اندر اسانکي ڪنهن کي شڪار ڪرڻ جي بلڪل به ضرورت نه آهي. ضرورت آهي ته سنجيده سياست جي آهي. اڄ جيڪڏهن بلاول ڀٽو زرداري ٻين تي تنقيد ڪرڻ بجاءِ ملڪ جي بگڙيل حالتن کي نظر ۾ رکندي سياسي بيان جاري ڪري ته بهتر رهندو ڇو ته ملڪ جو عوام جنهن بدحالي، بد امني، بيروزگاري، دهشتگردي، لوڊشيڊنگ ۽ ڪرپشن کي منهن ڏئي رهيو آهي اڄ اسان کي انهن مسئلن جو حل ڳولهڻ جي سخت ضرورت آهي باقي جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي گزريل حڪومت ملڪ تي هڪ عذاب هئي جنهن وچ ۾ قوم مٿان جيڪي عذاب مڙهيا ويا انهن کي اڄ به قوم ڀوڳي رهي آهي.

23 مارچ 2013 تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت 5 سال پورا ڪيا پر انهن جي حڪومت ۾ ٿيل جن مسئلن پاڪستان ۾ جاءِ ورتي اهي ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين حل ٿيندي نظر نه اچي رهيا آهن شايد پاڪستان جي عوام کي انهن مسئلن کي ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين منهن ڏيڻو پوندو . پاڪستان پيپلز پارٽي جو دور جمهوري دور هيو پر ان جمهوري دور ۾ جمهوريت پاڻ ئي سواليه نشان بڻيل رهي ۽ ان 5 سالن ۾ جمهوريت کي انتهائي نقصان پڻ رسيو.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومتي دور ۾ مهانگائي سئو سيڪڙو کان به وڌي وئي، ڪرپشن انتهائي چوٽ چڙهي ويا، ميرٽ جي بد ترين لتاڙ ٿي، تعليمي ادارا تباهي ڏانهن وڌڻ لڳا، پاڪستان جي آمدني ، بر آمد توڙي ڪار آمد کي نقصان پهتو، عوامي ادارا تباهي ڏانهن وڌڻ لڳا، فيڪٽرين توڙي انڊسٽرين جو وڏو تعداد بند ٿي ويو جنهن جو وڏو سبب توانائي جو بحران هو. گئس ۽ بجلي جي 12 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ڪئي وئي جنهن سبب ڪيترين ئي فيڪٽرين کي نقصان پڻ پهتو .

مارچ 2008 ۾ جڏهن پيپلز پارٽي حڪومت سنڀالي ته پيٽرول جي قيمت 56 روپيا في لٽر هئي مارچ 2013 تائين 81 سيڪڙو واڌ سبب 103 روپيا في لٽر تي پهتي ، ڊيزل 39 روپيا في ليٽر هيو پيپلز پارٽي جي حڪومت دوران 169 سيڪڙو تائين واڌ سبب 110 روپيا في ليٽر ٿيو جڏهن ته سي اين جي جي قيمت ۾ 30 روپين کان 75 روپيا واڌ ڪئي وئي ان کان علاوه کائڻ پيئڻ جي شين ۾ 100 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ڪيو ويو. چانور 38 روپيا في ڪلو کان وڌي 80 روپيا في ڪلو ٿيا.

پاڪستان پيپلز پارٽي جيڪا پاڻ کي جمهوريت جي دعويدار سڏائيندي نه ٿي ٿڪجي ان پنهنجي حڪومتي دور ۾ جمهوريت جي ٻيڙي ٻوڙڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي، عدالتن کي حق نه ڏنا ويا، ججن کي تنگ ڪيو ويو ، انهن جي ڪيل فيصلن تي عمل نه ڪيو ويو .

پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ 5 وڏا بحران سامهون آيا جن ۾ سي اين جي جو بحران، توانائي جو بحران، ڪار آمد جو مسئلو، کنڊ جو بحران ۽ پاڪستان جي آمدني جو بحران. پاڪستان پيپلز پارٽي جي دور ۾ انتهائي ڪرپشن ڪئي وئي ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل رپورٽ مطابق پيپلز پارٽي جي مقرر ڪيل نيب جي چيئرمين هر روز 7 بلين روپين بجاءِ 12 ارب روپيا کڻندو رهيو .

پيپلز پارٽي جي حڪومتي دور ۾ دهشتگردي تي نظر وجھجي ته رڳو ڪراچي اندر 5 سالن دوران مرندڙ ماڻهن جو تعدادا 9 هزار کان وڌيڪ آهي جيڪي صرف ايم ڪيو ايم ۽ پي پي پي جي جھيڙن ۾ مرندڙ ماڻهن جو تعداد آهي. جڏهن ته 3000 کان وڌيڪ دهشتگرد حملا ٿيا جن ۾ 6500 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا ۽ 12 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا. پيپلز پارٽي جي 5 سالن جي حڪومت ۾ 330 ڊرون حملا ٿيا جن ۾ 400 ماڻهو فوت ٿيا. ملڪ مان ڪيترا ئي هندو برادري جا ماڻهو تحفظ نه ملڻ سبب پاڪستان کان لڏ پلاڻ ڪري ڀارت ۽ ٻين ملڪن ڏانهن روانا ٿيا، عورتن ۽ ٻارڙن سان ڏاڍاين جو سلسلو پڻ عروج تي رهيو جنهن ۾ سندن پارٽي سان تعلق رکندڙ با اثر ڌريون ملوث رهيون، ڪيترا جرڳا سندن وزيرن مشيرن ۽ پوليس انتظاميا جي سرپرستي ۾ ٿيا، پيپلز پارٽي قانون ۽ امن جي دعوي ڪندي رهي پر انهن جي ئي حڪومتي دور ۾ سندن بلوچستان جو وزير اعلي اسلم رئيساڻي ڪوئٽا ۾ هڪ مهيني ۾ هڪ هفتو به نه پئي رهي سگھيو ، ڪيترن وزيرن ۽ اعلي آفيسرن ڪرپشن سبب جيل ڀوڳيو ، ڪيترا عدالتن کان فرار ٿي ٻاهرين ملڪن ڏانهن هليا ويا . 5 سالا دور حڪومت دوران شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي قتل ڪيس جا جوابدار هٿ نه ڪري سگھيا، شهيد مير مرتضي ڀٽو جا قاتل گرفتار ته نه ڪري سگھيا پر قاتلن کي اعلي عهدن تي ترقيون ڏئي نوازيو ويو ، 18 آڪٽوبر جي ڪارساز سانحي جي شهيدن کي انصاف پلئه نه پيو.

سنڌ ڌرتي جي ماڻهن جا فيصلا رحمان ملڪ ۽ بابر اعواڻ جي حوالي ڪيا ويا جن کي جنهن وقت جيئن ٿي وڻيو سنڌ اندر مداخلت ڪري سنڌي ماڻهن مٿان ڌارين جي چوڻ تي اڻ وڻندڙ فيصلا مڙهيا ويا جنهن تي ڪيترا ڀيرا سنڌ جا ماڻهو سراپا احتجاج بڻيا .

هن وقت جيڪڏهن بلاول ڀٽو زرداري کي سياست ۾ سرگرم ٿيڻو آهي ته کيس زميني حقيقتن کان منهن نه موڙڻ گھرجي، گذريل دور حڪومت دوران کانئن جيڪي غلطيون ٿيون آهن انهن کي نظر ۾ رکندي اصولي ۽ نظرياتي سياست ڪرڻ گھرجي جيڪو عوام چاهي رهي آهي هن وقت عوام جذباتي نعرن ۽ جذباتي تقريرن بجاءِ سنجيده سوچ ڏانهن وڃي رهي آهي ڇو ته اسانجي ملڪ اندر عوام کي بيوقوف بنائڻ لاءِ پارٽين ۽ سياسي بيان جاري ڪندڙ اڳواڻن جي کوٽ نه آهي اسين پر اميد آهيون ته بلاول ڀٽو زرداري، محترمه بينظير ڀٽو جي نقش قدم تي هلندي سٺي سوچ سان اڳتي وڌندو.

No comments:

Post a Comment