Saturday 5 October 2013

MEHWISH ABBASI COLUMN ON INTERNATIONAL #TEACHER’S DAY 10-5-2013 IN DAILY AWAMI AWAZ

سقراط جهڙو استاد گهرجي – مهوش عباسي
استادن جي عالمي ڏهاڙي کي ملهائڻ جي شروعات اقوام متحده سال 1994 کان ڪئي ان سال 5 آڪٽوبر کي استادن جو عالمي ڏهاڙو ڪري ملهائڻ لاءِ سوچيو ويو ۽ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن اهو ڏهاڙو ملهايو . هن وقت دنيا جا 100 کان وڌيڪ ملڪ هن ڏهاڙي کي ملهائيندا آهن جڏهن ته اقوام متحده جا ڪيترائي ادارا ان ڳالهه جي ڪوشش ۾ آهن ته هي ڏهاڙو پوري دنيا ۾ هر سال هر ملڪ ۾ ملهايو وڃي عالمي تعليمي ادارو پڻ ان سلسلي ۾ انتهائي متحرڪ نظر اچي رهيو آهي جڏهن ته عالمي تعليمي اداري جا 400 کان وڌيڪ ماڻهو ان سلسلي ۾ جدوجهد ۽ ڪوششون پڻ ڪري رهيا آهن ۽ ڪجھه ادارا ان ڏهاڙي کي هر ملڪ ۾ ملهائڻ لاءِ ڪمپين پڻ هلائي رهيا آهن .
هن سال اقوام متحده استادن جي عالمي ڏهاڙي جي نسبت سان 5 آڪٽوبر تي جنهن موضوع کي اجاگر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن اهو آهي استادن جي خاصيت اهميت ۽ اسانجي معاشري ۾ ، شهرين لاءِ استادن جو ڪردار ۽ ان سان گڏ هر دور سماج ، دنيا ۽ تخليقن ۾ استادن جي محنت جي ڪري جيڪي بهتر تبديليون اچن ٿيون ان تي پڻ غور ڪري معاشري ۾ استادن جي اهميت کي اجاگر ڪيو پيو وڃي . مختلف ڪميونٽين جا ماڻهو هن ڏهاڙي کي مختلف طريقن سان ملهائيندا آهن ، اسڪولن ، ڪاليجن ، يونيورسٽين ۽ ٻين ادارن ۾ پروگرام منعقد ڪري استادن کي شاندار ڀيٽا پيش ڪئي ويندي آهي ، خاص تقريبون منعقد ڪري استادن کي ايوارڊ ڏنا ويندا آهن ، سيمينار ڪوٺائي استادن جي اهميت سان معاشري جي فردن کي آگاه ڪيو ويندو آهي ، ڪيترن ئي ملڪن اندر ريليون ڪڍي سماج جي انهن فردن کي اهو احساس ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته تعليم جي اهميت سڀ کان اتم ۽ اعلي آهي ۽ استاد ئي آهن جيڪي ايندڙ نسلن ، نوجوانن ، ٻارن توڙي عورتن کي بهتر تعليم مهيا ڪري انهن کي روشن مستقبل فراهم ڪري ٿو .
استاد انساني وجودن ۾ اهڙو روح آهي جنهن جي سلامتي ۽ مسرت سڄي قوم جي وجود جي سلامتي آهي جن قومن پنهنجي ان روح جي حفاظت نه ڪئي سي ابدي رنج ، ملال ، بي يقيني ، اضطراب ۽ مايوسي جي موت مري وينديون آهن . هن دنيا جي هيڏي ساري ترقي ، علم ۽ فڪر جي دنيا ۾ نت نئين کوجنا دنيا کي خوب کان خوب تر بڻائڻ واري استباه جو ڪارڻ ڪير آهي ؟ جنهن قوم علم جو قدر ڪيو ان استاد کي عزت جو مقام ڏنو جنهن قوم فڪر ، شعور ۽ ڏاهپ جو رستو اختيار ڪيو ۽ پنهنجي استادن ۽ عالمن جو قدر سڃاتو تاريخ تي انهن قومن جي مهر آهي . جن قومن علم جي مقابلي ۾ جهالت کي پنهنجو دوست بڻايو سي ماضي جي کنڊرن ۾ تباهه ۽ برباد ٿي هميشه هميشه لاءِ دفن ٿي ويون . استاد زماني جي ضمير ، سماج جو شعور ۽ انساني وجود ۾ ڌڙڪندڙ دل مثل آهي ، علم ۽ جهالت خير و شر ، روشني ۽ اوندهه، حق ناحق جي ازلي ۽ ابدي ڇڪتاڻ ۾ استاد جي شخصيت روشني جي اها علامت آهي جيڪا زماني کي زندگي جي اثباتي راهن تي هلڻ لاءِ حقيقي رهنمائي ڪري ٿي ڇو ته استاد جي هٿ ۾ علم جي لاٽ آهي .
يونان جو مشهور مفڪر سقراط ، افلاطون ، ارسطو ، حڪمت ۽ ڏاهپ جو بادشاهه لقمان حڪيم ڪير هئا ؟ استاد ئي هئا . ابن سينا ، البيروني ، امام غزالي ، روسو ، ابراهيم لنڪن ، راڌا ڪرشن ، راءِ گوپال ، آچاريا ، علامه آءِ آءِ قاضي، امام انقلاب مولانا عبيد الله سنڌي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي اهڙيون شخصيتون جن جو تصور ايندي ئي احترام وچان اسان جو ڪنڌ جھڪي پوندو آهي جن جي بي مثال قابليت ، علم ، ڏاهپ ۽ حڪمت جو دنيا تي ڌاڪو ڄميل آهي جن جي تعليم ۽ تربيت ، فڪر ۽ نظر ، سوچ ۽ ويچار جي ڀٽڪندڙ قافلن کي ارتقا جي راهن تي لڳايو آهي ، اهي سڀ استاد هئا .
حقيقت ۾ استاد هڪ اهڙي علامت آهي جو قومن جي آئيندي جي نشاندهي ڪري ٿو استاد هڪ اهڙي آرسي آهي جنهن ۾ ان قوم جي اجتماعي ، نفسيات ، مزاج ۽ مستقبل جو عڪس ڏسي سگھجي ٿو . غلام قومون پنهنجي استادن کي بک ، ڏک ، افلاس ۽ غربت جي گھاڻي ۾ پيڙينديون آهن ، جڏهن ته سڌريل ۽ آزاد قومون استادن کي جيءَ ۾ جايون ڏينديو آهن ، سڌريل قومن جا حڪمران ۽ عملدار استاد کي پنهنجي سامهون ايندي ڏسي بيحد احترام وچان کيس سلام ڪندا آهن .
چيو ويندو آهي ته ٻار آئيندي جا ابا آهن ، ٻار مستقبل جا معمار آهن ، ٻار قومي امانت آهن ، اڄ جو ٻار سڀاڻي جو ليڊر آهي ، سياستدان به آهي ۽ وطن جو محافظ آهي ۽ اسان جي آئيندي جي علامت ۽ عڪس آهي . ٻار اهو ڪورو ڪاغذ آهي جنهن جي ذهن تي اڄ استاد جيڪو لکندو سو ئي هو ورجائيندو آهي ، مستقبل جي ٻار تي اڄ جو استاد جيڪي چٽ چٽيندو سو ئي اڻ مٽ نقش آهي . ٻار جي روحاني تربيت ، تعليم ، ذهني اوسر ۽ شعور جي ارتقا جو مدار استاد جي محنت ، لياقت ۽ سکيا تي آهي ،ا ستاد اهو ڪاريگر آهي جيڪو هن جي دماغ کي جيڏانهن به گھمائي مشين اوڏانهن ڦرندي ، استاد اهو مالهي آهي جيڪو ننڍڙين ، ڪچين ۽ ڪومل مکڙين کي خوشبو وکيريندڙ گل بڻائي ٿو جيڪي پنهنجي خوشبو سان مستقبل جا معمار ٿي سماج ۽ دنيا جي بهتري لاءِ قدم کڻن ٿا ، استاد هر قدم تي انهن جي حفاظت ۽ صحيح تربيت جي ذميواري کڻي ٿو . انهي لحاظ کان استاد جيڪڏهن پنهنجي سماج آڏو جوابدار آهي ته پوءِ ذميوار فردن تي به اهو ئي فرض عائد ٿئي ٿو ته جيڪڏهن هو انهن مکڙين جي صحيح تربيت ڪرڻ ٿا چاهين ۽ کين نئين ٽهي کان جيڪڏهن ڪي اميدون ۽ آسرا آهن ، پنهنجي قوم ۽ ملڪ سان سچا همدرد آهن ته انهن لاءِ ضروري آهي ته هو استادن کي اصل مقام ڏين .
ڪيترن بزرگن کي نئين نسل کان بي راهه روي جون شڪايتون آهن ڪنهن حد تائين اها ڳالهه صحيح به آهي اڄ جو نوجوان هڪ عجيب قسم جي بي يقيني ، نفسياتي مونجھاري ، ذهني اضطراب جي زهريلي فضا ۾ پلجي نپجي رهيو آهي ، ڪٿي ان جو ڪارڻ خود استاد جي پنهنجي بي يقيني ۽ ذاتي الجھن ته ناهي ؟ جيڪا کيس احساس محرومي کان پيدا ٿي هجي ، ساڳئي وقت اسان کي حضرت مسيح جو اهو قول وسارڻ نه گھرجي ته وڻ جي سڃاڻپ ان جي ميوي مان ٿيندي آهي ۽ مٺو وڻ مٺو ڦل ڏيندو آهي ۽ ڪوڙو وڻ ڪوڙو ڦل .
تاريخ اسانکي اهو به ٻڌائي ٿي ته جڏهن ۽ جتي به علم جي روشني جرڪي آهي ، جهالت جي علمبردارن ۽ خير جي مقابلي ۾ شر جي منحوس علامتن گڏجي ان روشني کي وسائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي . طاقت جي نشي ۾ چور استبداد جي انڌي گھوڙي تي سوار طاغوتي طاقتن هميشه سڀ کان پهرين استاد کي نظريي جو نشانو بڻايو آهي ڇو ته کين ڄاڻ هئي ته علم جي طاقت جي آڏو سندن وقتي دهشت ۽ ٺٺ ٺانگر ڪا به حيثيت نه ٿا رکن . جڏهن به ڪنهن قوم کي غلام بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان قوم جي استادن جو مقام ڦريو ويو ، ڏاهن دانشورن ، فيلسوفن ۽ باشعور انسانن کي چٿي چيڀاٽي ، چيچلائي ماريو جيئن علم جي روشني نئين نسل تائين نه پهچي سگھي .
روم ۾ جڏهن شهنشاه آيا ته هنن پنهنجي شهنشاهيت قائم رکڻ لاءِ سڀ کان پهرين استادن کي ختم ڪيو . اسپين مسلمانن جي زماني ۾ يورپ جو درسگاهه هو جنهن کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ جو مکيه ڪارڻ استادن جو قتل عام هو . هلاڪو بغداد جا ڪتب خانه ۽ مدرسا ساڙيا . پورچو گيزن ، ڊچن ۽ انگريزن جتي به حڪومت ڪئي وڪالت کي همٿايائون پرا ستاد پيدا ٿيڻ نه ڏنائون . مطلب ته هر دور ۾ آمريت ۽ سامراجيت جو پهريون نشانو استاد ئي بڻبا رهيا آهن . هنن استادن کي بکيو ، ننگو رکيو ، تعزير ڏنا ، ڦاهيون ڏنيون ۽ غربت جي گھاڻي ۾ پيڙي استادن جو رت نپوڙي ڇڏيو . ايترين سختين ۽ سنگين مسئلن جي ٻرندڙ مچ ۾ استاد اڄ به مرڪي رهيو آهي ، ٽانڊن کان وڌيڪ ٽهڪندڙ ڌرتي تي ان جا پير آهن پوءِ به هو علم ۽ ڏات جا هيرا پنهنجي هٿن ۾ کنيو ورهائي رهيو آهي .
اڄ جو استاد پنهنجي زماني جو هڪ سقراط آهي جنهن جي چپن تي زندگي جي ڪوڙن ، ڪسارن مسئلن جي زهر جو پيالو آهي پوءِ به اڃايل روح لاءِ وٽس علم ۽ شعور جو آب حيات آهي . استاد جيڪا علم ۽ فڪر جي مشعل پنهنجي هٿن ۾ کنئي آهي سا طوفانن ۾ به ٽمڪي پئي ، روشن آهي ۽ انشا الله روشن رهندي .

No comments:

Post a Comment