Monday 14 October 2013

A column by Mehwish Abbasi in daily awami awaz 15-10-2013 about #Malala #Nobel4Malala and true facts

ملالا خلاف رٿيل عالمي سازشون

ملالا يوسفزئي تي طالبان جي ٿيل حملي کي هڪ سال مڪمل ٿيو آهي ملالا سوات جي شاگردياڻي هئي جنهن تي هن جي ٻن شاگرد ساٿياڻين سميت طالبان حملو ڪيو ، هر سال وانگر هن سال به نوبل انعام جي اميدوارن ۾ ملالا پسنديده قرار ڏني وئي . امن جي نوبل انعام لاءِ پاڪستان جي هي پهرين ننڍي عمر رکندڙ شاگردياڻي هئي جيڪڏهن کيس اهو انعام ملي ها ته اها پهرين مسلمان شاگردياڻي هجي ها جنهن کي امن جو نوبل انعام ملي ها ، ملڪ جي هر ماڻهو جي ان ڳالهه تي نظر هئي پر ملالا کي اهو انعام نه مليو اهو انعام ڪيميائي هٿيارن جي روڪ ٿام ڪندڙ هڪ تنظيم کي ڏنو ويو جنهن تي ملالا چيو ته ان کي افسوس نه آهي ته ان کي انعام نه مليو .

ملالا ان ملڪ جي ڇوڪري آهي جنهن ملڪ ۾ هزارين نياڻيون آهن جيڪي هر روز ڪنهن نه ڪنهن طرح ذيادتي ، ڏاڍائي ۽ ظلم جو شڪار ٿين ٿيون بس فرق ان ڳالهه جو آهي ته اهي اهڙي طرح منظر عام تي نه ٿيون اچن ڇو ته انهن ۾ بين الاقوامي قوتن جا فائدا نه هوندا آهن ، ميڊيا ۽ بين الاقوامي طاقتون جنهن کي چاهن زيرو مان هيرو ٺاهي سگھن ٿيون ۽ جنهن کي چاهن هيرو مان زيرو بس ڳالهه آهي فائدن جي ، اڄ پوري دنيا ۾ اهو سوال آهي ته ملالا کي نوبل انعام ڇو نه مليو ان جو جواب واضع آهي ته جنهن حد تائين اقوام متحده ۽ مغرب کي ملالا جو استعمال ڪرڻو هيو اهي ڪري چڪا آهن جنهن حد تائين ملالا جي ضرورت هئي اها پوري ڪئي پئي وڃي ، جڏهن سندس ضرورت محسوس نه ڪئي وئي ته کيس نوبل انعام کان محروم ڪيو ويو .

ملالا کي پوري دنيا آڏو آڻي ان ڳالهه کي ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته پاڪستان اهو ملڪ آهي جنهن ۾ دهشتگردي آهي ، جتي طالبان جيئن چاهن ڪري سگھن ٿا ، عورتن کي حق حاصل نه آهن ، اهي تعليم حاصل نه ٿيون ڪري سگھن اهي پنهنجي ئي معاشري ۾ آزاد نه آهن ، جڏهن ته ان سڀ ۾ پاڪستان جي غلط نمائندگي ٿي رهي آهي ، ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته پاڪستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ عورتن کي ووٽ کان تعليم تائين حق حاصل نه آهي ۽ دهشتگرد ڪارروايون به ٿي رهيون آهن پر ان سڀ کي بين الاقوامي سطح تي جنهن طريقي سان اڀاريو پيو وڃي ان ۾ ملڪ جي بدنامي ٿي رهي آهي. پوري دنيا ۾ اهو ثابت ڪيو پيو وڃي ته هتي امن امان نه آهي جنهن ڪري پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ پنهنجي زندگي داءَ تي لڳائڻ برابر سمجھيو پيو وڃي ، ڪنهن حد تائين انهن ڳالهين ۾ حقيقت به آهي پر جيتري قدر ملڪ کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي اهڙيون حالتون دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عام آهن پوءِ پاڪستان کي ايترو نمايان ڇو پيو ڪيو وڃي ، طالبان دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪارروايون ڪري رهيا آهن ، ڪيترن ئي ملڪن ۾ عورتون اڄ به آزاد نه آهن اڄ به تعليم جي گھٽتائي موجود آهي ، ان صورتحال ۾ پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ گهلڻ ۾ انهن قوتن جا ضرور ڪي فائدا هوندا ڇو ته پاڪستان زميني توڙي سامونڊي خزانن سان مالامال ملڪ آهي ۽ پاڪستان پهريون اسلامي ملڪ آهي جنهن کي ائٽمي طاقت حاصل آهي ، پاڪستان امن ۽ تعليم جو دشمن نه آهي دشمن ته اهي دهشتگرد آهن جيڪي پاڪستان جي عورتن توڙي نوجوانن کان ڊڄن ٿا ته ڪٿي هو تعليم حاصل ڪري ملڪ کي دنيا اندر ڪامياب نه ڪن شايد بين الاقوامي قوتن کي پاڪستان مان وڏا خطرا موجود آهن جنهن جي ڪري هو اهڙيون سازشون سٽي هٿ وٺي نوجوانن کي گمراه ڪري رهيا آهن .

ملالا يوسفزئي تي حملو ان لاءِ نه ٿيو ته هو تعليم حاصل ڪري رهي هئي ان تي حملو ان لاءِ ٿيو ته ان طالبان خلاف هڪ ڊائري لکي جيڪا اڄ به زير بحث آهي ته اها هن لکي يا ٻئي ڪنهن ، ملالا سان گڏ جنهن ٻن شاگردياڻين تي حملو ڪيو ويو اهي ڪنهن کي به نظر نه اچي رهيون آهن جڏهن ته اهي به ان حملي جو شڪار ٿيون ۽ ايتري سڀ جي باوجود اهي اڄ به سوات جي ماحول ۾ طالبان جي پابندين باوجود تعليم حاصل ڪري رهيون آهن جن بابت پاڪستاني ميڊيا سميت بين الاقوامي ميڊيا به خاموش تماشائي وارو ڪردار ادا ڪري رهي آهي جڏهن ته اهي ٻه نياڻيون به ملالا سان گڏ هر ڏک سک ۾ گڏ رهيون انهن نياڻين کي نظر انداز ڪرڻ تي ڪيترائي سوال اڀرن ٿا . سوات اهو علائقو آهي جنهن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ مشڪل آهي تنهن هوندي اتي اڄ به ڪيتريون ئي نياڻيون تعليم حاصل ڪري رهيون آهن طالبان جي پابندين باوجود هو ڪيترن ئي  خطرن کي منهن ڏئي رهيون آهن ڪيترين ئي عورتن تي تشدد ڪيو وڃي ٿو پر اهي سڀ ميڊيا کي نظر نه ٿيون اچن .

اقوام متحده جي تاريخ ڏسجي ته هي اهو ادارو آهي جنهن دنيا اندر دهشتگردي پيدا ڪئي جنهن دنيا اندر دهشتگردن کي پناه ڏني ، اقوام متحده عراق ۽ افغانستان تي حملي جي اجازت ڏني ، 1979 کان وٺي روس خلاف جنگ ڪري جهاد جي نئين ۽ نه کٽندڙ شروعات ڪئي وئي جنهن ۾ پاڪستان جي آءِ ايس آءِ به ساٿ ڏنو ، دنيا اندر عورتن جي تعليم عام ڪرڻ لاءِ تحريڪ هلائي وئي جيڪي ادارا اڄ ملالا کي امن ۽ تعليم جو سفير چئي رهيا آهن اهي ئي ادارا هئا جن عورتن جي تعليم خلاف جهاد کي اڳتي وڌايو، جيڪو اڄ به جاري آهي ، اهي ادارا جيڪي فائدن خاطر معصوم انسانن جون جانيون وٺي سگھن ٿا ، جيڪي ڪيترن ئي ملڪن ۾ دهشتگردن جا محافظ ٿي سگھن ٿا ، جيڪي تعليم جي روڪ ٿام لاءِ جهاد ڪري سگھن ٿا ، اهي پاڪستان لاءِ امن ڪيئن چاهيندا ۽ ملالا کي امن ۽ تعليم جي سفير ڪري پيش ڪرڻ سان اهي ڇا ٿا چاهين ، اصل حقيقتون اڃان به ڳجھيون آهن جن جي واضع ٿيڻ تائين پاڪستان ۽ ان جي نوجوانن کي ايئن ئي گمراه ڪيو ويندو ۽ کين پنهنجو غلام بنائڻ جي پوري ڪوشش ڪئي ويندي .

پاڪستان اندر هر روز ڪيتريون ئي نياڻيون ڏاڍاين جو شڪار ٿين ٿيون ڪيترين جا لاش ڪچري جي ڍيرن مان ملن ٿا ڪيترين کي تعليم کان روڪيو وڃي ٿو اهي سڀ پاڪستان جي ميڊيا کي نظر نه ٿيون اچن ، پاڪستان ۾ عبدالستار ايڌي جون ڪوششتون ۽ ڪاوشون ڪنهن کان لڪل نه آهن پاڪستان ۾ ڪيترا ئي ادارا آهن جيڪي انساني حقن لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن جيڪي تعليم لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن انهن کي بين الاقوامي سطح تي ڇو نه ٿو ساراهيو وڃي، ڇو ته انهن ۾ مغرب کي ڪي به فائدا نه آهن اهي انهن ادارن کي پنهنجي فائدن خاطر استعمال نه ٿا ڪري سگھن .  تنهن هوندي به پاڪستان جا ڪيترائي ادارا ڪيترائي نوجوان جدوجهد ڪري رهيا آهن پريشانين ، مشڪلاتن ۽ رڪاوٽن باوجود هو محنت ۽ جدوجهد ۾ رڌل آهن ڇو ته انهن کي ڪنهن انعام يا ايوارڊ جي ضروررت نه آهي، اهي ملڪ ۽ معاشري جي بهتري لاءِ قدم کڻي رهيا آهن جيڪي ملڪ جا اصل هيرو آهن جن کي تاريخ هميشه ياد رکندي ۽ انهن کي به بين الا قوامي قوتون استعمال نه ٿيون ڪري سگھن ، اسان کي پنهنجن ارادن ۾ مضبوط ٿيڻ گھرجي اسان کي خود مختيار ٿيڻ گھرجي ، پنهنجي مقصد ۾ نمايان ۽ مضبوط رهڻ گھرجي ته جيئن ڪي به نام نهاد ادارا يا تنظيمون اسان کي پنهنجن فائدن خاطر استعمال نه ڪري سگھن .

پاڪستان توڙي دنيا اندر ڪيترائي نالا ٿي گذريا آهن جن اڻ کٽ جدوجهد ڪئي ۽ معاشري ۾ حقيقي تبديلي ۽ بهتري آندي جن کي اڄ به قوم فخر وچان ياد ڪندي آهي سندن ڪيل ڪاوشن تي کين ڀيٽا ڏني ويندي آهي جنهن لاءِ کين ڪنهن به ايوارڊ يا انعام جي ضرورت محسوس نه ٿي آهي ڇو ته انهن جو حقيقي انعام معاشري ۾ ڪيل خدمتون ۽ بهتر تبديلي آهي .  وقت اڃان اسان جي هٿن مان نه ويو آهي اسان جي بهتري ان ۾ آهي ته ايوارڊن ۽ انعامن پويان ڀڄڻ بجاءِ ملڪ ۽ قوم جي بهتري لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي .

مهوش شبير عباسي

No comments:

Post a Comment