Sunday 27 October 2013

A column by Mehwish Abbasi in daily awami awaz 17-10-2013 about politics in #Sindh by #ppp and #MQM

سنڌ ۾ مفادن جي سياست

مهوش شبير عباسي

ايم ڪيوا يم جڏهن کان سياست ۾ پير پاتو آهي تڏهن کان وفاقي حڪومت کي ايم ڪيو ايم جي ضرورت محسوس ٿيندي رهي آهي جڏهن ته ان کان وڌيڪ ايم ڪيو ايم جي اهميت سنڌ حڪومت لاءِ ضروري رهي آهي ڇو ته ايم ڪيو ايم جو ڪراچي ۽ حيدرآباد تي سياسي ڪنٽرول رهيو آهي جيڪي سنڌ جا وڏا شهر هئڻ سبب سندن ڪنٽرول ۾ آهن ۽ حڪومتون ان نقطي تي سندن محتاج رهنديون آيون آهن

2013 ع ۾ چونڊون ٿيڻ بعد سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي اڪثريت سان حڪومت قائم ٿي مگر پيپلز پارٽي تي مفاهمت جو ڀوت سوار رهندو آيو آهي تن هن ڀيري به سنڌ اندر ٻين پارٽين کي ڇڏي صرف ايم ڪيو ايم سان اتحادي ٿيڻ لاءِ ڳالهيون شروع ڪيون آهن پر هر ڀيري ايم ڪيو ايم پنهنجا ايترا ته مطالبا پي پي پي اڳيان رکيا آهن جو هن ڀيري پيپلز پارٽي سندن مطالبا مڃڻ کان قاصر آهي جنهن ڪري سندن ڳالهيون لاڀائتيون ثابت نه ٿي رهيون آهن .

ٻئي پاسي پيپلز پارٽي هن وقت سنڌي ماڻهن جي سخت دٻاءُ جو شڪار آهي ڇو ته 2013ع جي چونڊن ۾ وفاق ۾ پيپلز پارٽي کي ملڪ اندر مليل شڪست نه وسرندي جيڪڏهن پيپلز پارٽي جو ڳاٽ اوچو رکيو ته ان ۾ سنڌ جي ماڻهن جو اهم ڪردار رهيو، جن پيپلز پارٽي جي ڪريل ساک کي بچائي کين سنڌ جو اقتدار ڏنو جنهن ڪري هن ڀيري پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم سان مفاهمت سوچي سمجھي ڪندي . جيڪڏهن هن وقت ايم ڪيو ايم جا مطالبا مڃيا ويا ته سنڌ اندر پيپلز پارٽي جي ساک کي سخت نقصان پهچندو ڇو ته ان کان اڳ به پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم سان مفادن خاطر اتحاد ڪري زهر جو ڍڪ پي چڪي آهي ، ان باوجود ايم ڪيو ايم مٿن الزام مڙهي رهي آهي ته پيپلز پارٽي گذريل پنجن سالن دوران اسان کي ڇا ڏنو.

اندروني طورڏٺو وڃي ته ايم ڪيو ايم هڪ پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي سان ڳالهيون ڪري رهي آهي ته ٻئي پاسي سندن لاڙو نواز ليگ ڏانهن پڻ آهي جنهن جو واضح اشارو ن ليگ جي صدارتي اميدوار ممنون حسين کي ووٽ ڪرڻ آهي . پر ايم ڪيو ايم جي مجبوري اها آهي ته سنڌ ۾ ن ليگ جي حڪومت نه آهي جنهن سبب ن ليگ سان سندن اتحاد کين وفاق ۾ ته فائدو ڏيندو پر سنڌ اندر کين سخت تحفظات موجود آهن جنهن سبب ايم ڪيو ايم هن وقت ٻه واٽي تي بيٺل آهي جنهن ڪري فيصلو ڪرڻ ۾ دير ڪري رهي آهي . ن ليگ خيبر پختونخواه ۾ پي ٽي آءِ ۽ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي کي صوبائي حڪومتون هلائڻ لاءِ آزاد ڇڏيو آهي ته ٻئي پاسي سنڌ اندر پي پي کي ٽوڙڻ لاءِ پڻ حربا هلائي رهيا آهن جيئن پي پي ۾ فارورڊ بلاڪ ٺاهي ايم ڪيو ايم ، فنڪشنل مسلم ليگ ، ن ليگ ۽ ٻين پارٽين کي گڏائي پي پي جي حڪومت ختم ڪئي وڃي پر ن ليگ کي هن وقت وفاقي حڪومت ۽ پنجاب حڪومت ۾ وڌيڪ دلچسپي آهي جنهن ڪري هو ٻين کي في الحال ڇيڙڻ نه ٿا . باقي ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي ته جڏهن سندن مسئلا گھٽيا ته پوءِ سندن ٻيو مشغلو صوبائي حڪومتن ۾ ڀڃ ڊاه هوندي جنهن لاءِ ذهني طور تيار آهن جنهن ڪري ايم ڪيو ايم پڻ ان انتظار ۾ آهي ته ساڻن ڪير سٺو سودو ڪندو ۽ سندن شرط مڃيندو ته هي ان جا ساٿاري ٿي ويندا.هنن مختلف حڪمرانن جو ساٿ ڏنو آهي اهو ئي سبب آهي جو هر ڀيري حڪمرانن ايم ڪيو ايم آڏو گوڏا کوڙيا آهن . جڏهن ته پي پي کي جڏهن به ايم ڪيو ايم جو لاچار هوندو آهي ته رحمان ملڪ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪندو آهي ۽ جڏهن ايم ڪيو ايم کي ناراض ڪرڻ مقصود هوندو آهي ته سنڌ جا وزير ايم ڪيو ايم خلاف سخت بيان بازي جاري ڪري کين ڳالهين لاءِ مجبور ڪندا آهن.

جڏهن ته اسانجا حڪمران ايترين ڏاڍاين ۽ زيادتين باوجود به ساڻن اتحاد لاءِ سِڪي رهيا آهن شايد کين خوف ورائي ويو آهي ته جيڪڏهن ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم جو پاڻ ۾ اتحاد ٿي ويو ته شايد سندن اقتدار جا ڏينهن پورا نه ٿي وڃن ان لاءِ ڪجھ ڏئي وٺي ايم ڪيو ايم کي راضي ڪري ن ليگ کان پري رکجي . هن جاءِ تي اها ڳالهه به سوچڻ لائق آهي ته پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم سان ڳالهيون ڪنهن جي هدايتن تي ڪري رهي آهي ڇو ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ته اهڙين ملاقاتن کان لاتعلق ۽ لاعلم بڻيل آهي. ايئن به چئي سگهجي ٿو ته کيس اڃا اهڙن فيصلن جا اختيار نه ڏنا ويا آهن کيس صرف سياسي بيان جاري ڪرڻ جا اختيار ڏنا ويا آهن ڇو ته ايم ڪيو ايم سان دوستي لاءِ مقرر رحمان ملڪ بلاول ڀٽو زرداري جي لغڙ ڪاٽا ڪرڻ واري بيان کي به سياسي بيان چئي رهيو آهي ، حالانڪه اسان کي سياسي مصلحتن ۽ مفادن خاطر پنهنجا نظريا قربان ڪرڻ نه گھرجن ، مفادن خاطر قوم جو سودو نه ڪرڻ گھرجي اهڙي حڪمراني کان بهتر آهي ته مخالف ڌر جو ڪردار ادا ڪري قومي مفادن پٽاندڙ فيصلا ڪري عوام جون دليون کٽي سگھجن ٿيون.

ان لاءِ ضروري آهي ته پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم پنهنجي رويي ۾ تبديلي آڻي سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان گڏجي ڌرتي جي ماڻهن لاءِ گڏيل فيصلا ڪري جيڪو بهتر عمل آهي باقي پنهنجا پنهنجا سياسي مفاد ماڻي ، سياسي بيان جاري ڪري عوام کي وڌيڪ گمراه نه ڪيو وڃي ۽ پيپلز پارٽي جي پوري قيادت کي اعتماد ۾ وٺي فيصلا ڪيا وڃن ڪنهن هڪ يا ٻن ماڻهن جي منشا مطابق فيصلا نه ڪيا وڃن.

No comments:

Post a Comment