Wednesday 2 October 2013

MEHWISH ABBASI COLUMN PUBLISHED IN DAILY AWAMI AWAZ 2-10-2013 PISHAWAR BLAST & PAK GOV

پشاور جا ڌماڪا ۽ سرڪاري پاليسيون

مهوش عباسي

خيبر پختونخواه جو بدقسمت شهر جيڪو ڪيترن سالن کان دهشتگردي جي ور چڙهيل آهي ان شهر ۾ هڪ هفتي دوران هڪ ٻئي پويان ٿيل بم ڌماڪن ۾ سوين ماڻهو موت جو شڪار بڻجي چڪا آهن سڀ کان پهرئين چرچ ۾ ٿيل ڌماڪن ۾ 100 جي لڳ ڀڳ ماڻهو فوت ٿيا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا جڏهن ته سيڪريٽريٽ جي سرڪاري ملازمن جي بس تي ٿيل حملي ۾ ڪيترا ماڻهو موت جي منهن ۾ هليا ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا . جنهن بعد ٽيون ڌماڪو آچر ڏينهن قصا خواني بازار ۾ ڪيو ويو جنهن ۾ ڪيترائي بيگناه انسان جن ۾ مرد عورتون ۽ ٻارڙا شامل آهن جن کي اها به ڄاڻ نه آهي ته آخر انهن کي ڪهڙي ڏوه جي سزا ڏئي ماريو پيو وڃي .

ليڊي ريڊنگ اسپتال پشاور ڪيتري عرصي کان اهڙا هنياءُ ڏاريندڙ منظر ڏسي رهي آهي جيڪي شايد ملڪ جي ٻين اسپتالن ۾ نظر نه آيا آهن ليڊي ريڊنگ اسپتال پشاور لاشن ۽ زخمين سان سينگارجندي رهي آهي اهڙين حالتن اندر فوتين جو تعداد وڌيڪ ٿيندو رهيو آهي جڏهن ته تابوت گھٽ پئجي ويا آهن . قصا خواني بازار ۾ ٿيل ڌماڪي اندر 40 کان وڌيڪ فوت ۽ 80 کان وڌيڪ زخمي ڄاڻايا پيا وڃن جڏهن ته قصا خواني بازار جا ڪيترائي دڪان تباه ڪيا ويا آهن ان سان گڏ مسجد ، ٿاڻي سميت ڪيترين ئي گاڏين کي پڻ نقصان پهتو آهي ڌماڪن وقت هر طرف افرا تفري ڦهليل هئي ان جاءِ تي افسوس جي ڳالهه اها سامهون آئي ته جتي اسان کي فوتين ۽ زخمين جي مدد ڪرڻ گھرجي ان جاءِ تي اسان جا اڳواڻ سياسي بيان جاري ڪري ويتر حالتون خراب ڪري رهيا آهن جن کي اهڙي عمل کان پاسو ڪرڻ گھرجي اهڙن واقعن تي سياست ڪرڻ شرم جوڳو عمل آهي اسانکي ٻين تي تنقيد ڪرڻ بجاءِ مثبت سوچ سان اڳتي اچڻ گھرجي ڇو ته اهڙا بيان ۽ اهڙا عمل ملڪ ۽ قوم لاءِ نهايت ئي نقصانڪار ثابت ٿيندا آهن . پنهنجي سياست بچائڻ ۽ چمڪائڻ لاءِ اسانجي سياستدانن کي اهڙن واقعن جو سهارو وٺڻ نه گھرجي اسانکي گڏجي دهشتگردي جو خاتمو آڻڻ لاءِ قدم کڻڻ گھرجن هڪ قوم ٿي اسانکي شر پسند عنصرن سان مقابلو ڪرڻ گھرجي جيڪڏهن قوم وکريل ۽ ورهايل هوندي ته ان جو فائدو دشمن کي ٿيندو جنهن سان هو وڌيڪ مضبوط ٿيندو ۽ کيس دهشتگرد ڪارروايون ڪرڻ جو آزادي سان موقعو حاصل ٿيندو .

گذريل هفتي ٿيل ڌماڪا اهڙي وقت ڪيا ويا جڏهن وزير اعظم آمريڪا وڃي رهيو هو ته چرچ تي حملو ڪيو ويو ، آچر جي ڏينهن جڏهن ڀارت جي وزير اعظم سان ملاقات رٿيل هئي ته ان ڏينهن قصا خواني بازار ۾ ڌماڪو ڪيو ويو . ان کان اڳ جڏهن پاڪستان جو وزير اعظم نواز شريف چين جي دوري تي ويل هيو ته انهن ڏينهن اندر گلگت ۾ چين ۽ ٻين ملڪن سان سلهاڙيل ملڪن جي سياحن کي قتل ڪيو ويو ، آخر اهڙن موقعن جي چونڊ ڇو ٿي ڪئي وڃي جيڪو هڪ سواليه نشان آهي ؟ ان مان لڳي ايئن رهيو آهي ته طالبان پاڪستان جو ٻين ملڪن سان رابطو نه ٿا چاهين نه وري ٻين ملڪن جو پاڪستان سان رابطو ٿئي . ڇا اسان کي جيڪڏهن ڪنهن ملڪ سان رابطا وڌائڻا آهن ته اسان کي طالبان کان اجازت وٺي پوءِ رابطو ڪرڻ گھرجي . پاڪستانين کي پاڪستان تائين محدود ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي ته جيئن پاڪستان شرعي نظام تائين قائم رهي سگھي ۽ ٻين ملڪن جي تهذيب اثر انداز نه ٿئي جنهن ۾ طالبان جو وڏو مقصد نظر اچي رهيو آهي جنهن جي ڪري هو اهڙن موقعن جي تلاش ۾ رهندا آهن جڏهن اسانجا ٻين ملڪن سان واسطا بهتر ٿي رهيا هوندا آهن . پاڪستان کي يا وري ٻين ملڪن جي ماڻهن کي پاڪستان ۾ نشانو بڻائي ملڪ کي بدنام ڪري ٻين ملڪن کان پري ڪرڻ جي سازش رٿي پئي وڃي جيڪا حڪومت جي ناڪامي جي ڪري شر پسند عناصر ڪنهن حد تائين ڪامياب ٿي چڪا آهن جنهن سبب پاڪستان ٻين ملڪن  ۾ حقارت جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو ۽ ٻين ملڪن جا عام ماڻهو توڙي سياستدان پاڪستان اچڻ کان ڪيٻائين ٿا . مسئلا اسان پاڻ پيدا ڪيا آهن غير قانوني قوتون ملڪ اندر موجود آهن ڪيترن گرفتار ڪيل دهشتگردن کي هٿ سان آزادي ڏني پئي وڃي جيڪي واپس وڃي وڌيڪ متحرڪ ٿي حملي ڪري رهيا آهن ان جاءِ تي افغانستان جو ڪردار به مشڪوڪ نظر اچي رهيو آهي . طالبان جو چوڻ آهي ته ڳالهين جو اختيار اي پي سي ۾ شريڪ سياستدانن ۽ اڳواڻن کي نه ڏنو ويو آهي ڳالهين جا اختيار فوج ۽ آمريڪا حوالي ٿيل آهن .

وزير اعظم جي تازن آيل بيانن تي طالبان ڌريون کانئس ناراض آهن جنهن بعد سندن ڪاررواين ۾ تيزي اچي وئي آهي جڏهن ته حڪومت طرفان ڪوٺايل اي پي سي ۾ طئي ٿيل ڳالهين تي عمل در آمد ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺي رهي آهي ته ٻئي پاسي اهڙين ڪاررواين بعد آپريشن کي به نظر انداز نه ٿو ڪري سگھجي ڇو ته حڪومت اهڙي عمل کان بچڻ لاءِ ڳالهين جو دڳ اختيار ڪيو پر طالبان طرفان سنجيدگي جو مظاهرو نه ڪري ڊيڊ لاڪ پيدا ڪيو ويو آهي جنهن  لاءِ حڪومت کي گھرجي ته جيڪڏهن طالبان سان ڳالهيون ڪرڻيون آهن ته جلد از جلد ان عمل کي اڪلايو وڃي ٻي صورت ۾ قوم کي ان عذاب مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ دهشتگرد ڌرين خلاف جلد آپريشن شروع ڪيو وڃي. ڇو ته جيڪي ڌريون آئين قانون کي مڃڻ لاءِ تيار نه آهن ۽ هڪ آزاد جمهوري رياست ۾ پنهنجو قانون نافذ ڪرڻ چاهين انهن سان ڳالهيون ڪيئن ٿي سگھنديون ۽ ڪهڙن بنيادن تي ٿينديون طالبان پنهنجا مطالبا واضع ڪري چڪا آهن انهن پنهنجي پاليسي ۽ اصليت ظاهر رکي آهي پر ڇا حڪومت جي ڪا پاليسي آهي حڪومت جا طالبان سان پنهنجي عوام جي ڀلائي ۽ حفاظت جا مطالبا آهن ؟ ۽ وري جيڪڏهن طالبان سان ڳالهيون ڪامياب نه ٿين ته پوءِ پاڪستان جي حڪومت جي پاليسي ڇا هوندي ؟ ان جي ڪري حڪومت کي طالبان سان ڳالهين جو انجام سوچڻ گھرجي ۽ پاڪستان جي هر ننڍي توڙي وڏي شهر ۾ طالبان سان مقابلو ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار هجڻ گھرجي ته جيئن پاڪستان ۾ مصر جهڙي صورتحال پيدا نه ٿئي .

chemist_mehwish@yahoo.com

No comments:

Post a Comment