Sunday 22 September 2013

search of pece Mehwish Abbasi column on 22 sept 2013 in daily awami awaz acc to International day of peace 21 sept

Mehwish Abbasi column in daily awami awaz 22 sept 2013 about peace in #World and #Pakistan #InternationalDayOfPeace 21 sept

امن جي ڳولها

مهوش عباسي

سال 1981 ۾ اقوام متحده  جي جنرل اسيمبلي ۾ امن جو ڏهاڙو ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو جنهن بعد هر سال سيپٽمبر جي ٽئين اڱاري تي امن جو ڏهاڙو ملهايو ويندو رهيو جيڪو سلسلو سال 2001 تائين جاري رهيو . 2001 ع ۾ اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي ۾ امن جي عالمي ڏهاڙي کي ملهائڻ جي قرارداد منظور ڪئي وئي جنهن کان پوءِ اهو ڏهاڙو هر سال 21 سيپٽمبر تي ملهايو وڃي ٿو .

ان ڏهاڙي کي ملهائڻ جو مقصد دنيا اندر امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ ، سماج جي هر ماڻهو کي امن ۽ سک واري زندگي ميسر ڪرڻ ، جنگين ، تشدد ۽ دهشتگردي واري صورتحال جو خاتمو آڻڻ آهي . امن جي عالمي ڏينهن تي دنيا ۾ هر مذهب جا ماڻهو عبادتون ۽ دعائون ڪندا آهن جن جا طريقا ته ضرور الڳ الڳ هوندا آهن پر مقصد هڪ هوندو آهي امن قائم ڪرڻ ، ان ڏس ۾ ڪيترائي ماڻهو ميڻ بتيون ٻاري مارچ پڻ ڪندا آهن ، ڪيترائي پروگرام ، سيمينار ۽ ڪانفرنسون منعقد ڪيون وينديون آهن جنهن جي ذريعي امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو آهي . امن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان اسڪولن ، ڪاليجن ، يونيورسٽين ۽ ڪيترن ئي سرڪاري توڙي نجي ادارن ۾ ڊراما ، ٽيبلوز ۽ ڳائڻ وڄائڻ جا پروگرام پڻ ڪندا آهن ، ان ڏينهن تي هڪ منٽ جي خاموشي پڻ ڪئي ويندي آهي .

هر سال اقوام متحده جي طرفان امن جي عالمي ڏهاڙي تي هڪ خاص موضوع رکيو ويندو آهي هن سال تعليم ۾ امن ۽ امن لاءِ تعليم جو موضوع رکيو ويو آهي جنهن جي بنياد تي پوري دنيا ۾ امن جو ڏهاڙو ملهايو ويندو . ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ نه ٿو ڪري سگھجي ته تعليم جو هر انسان جي زندگي ۾ ڪيترو وڏو ڪردار آهي ۽ هر سماج ۽ ملڪ جي امن امان واري صورتحال جو دارو مدار به بهتر تعليم جي فراهمي تي رهي ٿو ، جيڪڏهن ڪنهن ملڪ جي وڏي آبادي بهتر نموني تعليم يافته هوندي ۽ تعليم لاءِ بهتر موقعا فراهم ڪيا ويندا ته ان ملڪ جا نوجوان ڪڏهن به ڪو غلط رستو اختيار نه ڪندا بلڪه تعليم جي ذريعي پنهنجو ، ملڪ ۽ قوم جو مستقبل سنوارڻ جي ڪوشش ڪندا ڇو ته تعليم ئي آهي جيڪا سٺي ۽ خراب عمل ۾ فرق کي واضع ڪري ٿي .

نائن اليون واري واقعي کانپوءِ پوري دنيا جو امن الائي ته ڪاڏي غائب ٿي ويو ، هر پاسي موت جي راند جاري ٿي وئي مرڻ واسي کي خبر نه ته مون کي ڇو پيو ماريو وڃي جيڪي چوندا هئا ته رياست ماءُ جهڙي هئڻ گھرجي انهن ئي امن جو ڏيوالو ڪڍي رت جون نديون وهايون ڪيترن ملڪن اندر اهڙو گھر موجود نه آهي جتي غير فطري موت آواز نه ڏنو هجي . نائن اليون واري حادثي کانپوءِ آمريڪا کي پوري دنيا اندر ايتري ته آزادي ملي وئي جو هو ڪڏهن به ڪنهن به ملڪ تي جنگ ڪرڻ ۾ دير نه ٿو ڪري ان کان علاوه ڊرون حملا معمول بڻيل آهن ، نائن اليون کانپوءِ دنيا بد امني جو شڪار ٿي چڪي آهي جنهن جي انتها نظر نه پئي اچي . ان واقعي کانپوءِ آمريڪا جي هڪ طرفي ڪارروائي کانپوءِ اقوام متحده جو ڪردار گھٽجي چڪو آهي اقوام متحده جي به اصلاح ٿيڻ گھرجي ، ڪشمير مامري تي اقوام متحده جي قرارداد تي عمل نه پيو ٿئي جڏهن ته پاڪستان طرفان هر طريقي سان هندوستان سان ڪشمير مامري سميت ٻيا معاملا نبيرڻ لاءِ هر طريقي جون ڪوششون ورتيون ويون آهن جنهن جو مثال پاڪستان جي وزير اعظم حلف کڻڻ بعد ئي ڳالهين جي دعوت ڏني جنهن تي ٻنهي طرفن کان سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻ بعد ئي ڳالهيون ٿي سگھن ٿيون . پاڪستان اڄ به اقوام متحده جي قرارداد تحت ڪشمير مسئلو حل ڪرائڻ لاءِ راضي آهي جڏهن ته انساني حقن جي ڪائونسل ۾ به ڪشمير معاملي تي بحث ٿيندو رهي ٿو جيڪي پڻ ڪشمير اندر ٿيندڙ بد امني ۽ زيادتين کي حل ڪرائڻ لاءِ ڪوشان آهن .

ڏٺو وڃي ته دنيا اندر پاڻ کي امن جو علمبردار سمجھندڙ آمريڪا عراق تي حملي وقت به اقوام متحده کي باءِ پاس ڪيو هن وقت شام تي حملي جون تياريون ڪري رهيو آهي جنهن سان دنيا اندر هڪ نئين جنگ شروع ٿيڻ جا امڪان وڌي رهيا آهن آمريڪا کي گھرجي ته سلامتي ڪائونسل جي راءِ سان اختلاف ختم ڪرايا وڃن ، شام جي خودمختياري ۽ آزادي جو خيال رکڻ گھرجي جيئن چارٽر تحت طئه ٿيل آهي . شامين جي قتل غاري گاري هرگز نه ٿيڻ گھرجي معصوم ٻارڙن ، عورتن ۽ مردن جون جانيون داءَ تي نه لڳايون وڃن .

ڪيترن ملڪن طرفان آمريڪا جي اهڙي امڪاني حملي جي مخالفت ڪئي وئي آهي ڇو ته اهڙيون جنگيون عالمي جنگيون بڻجي وينديون آهن هڪ پاسي جمهوريت ، انساني حقن ۽ امن امان جون ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون ته ٻئي پاسي جمهوريت کي بدنام ڪيو پيو وڃي . سعودي عرب ۽ ان جا اتحادي شام جا نظرياتي مخالف آهن . شام جي ڪري روس آمريڪا جي سامهون اچي رهيو آهي جنهن سان پڻ خطي ۾ حالتون جنگ جي صورتحال اختيار ڪري سگھن ٿيون پاڪستان تي پڻ اهڙي جنگ جا برا اثر پوندا تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيندو ان لاءِ اسانکي امن ڀائيچاري ۽ اتحاد جي ڳالهه ڪرڻ گھرجي جڏهن ته ڊرون حملا ڪري پڻ ڪيترن بيگناه انسانن جون جانيون ورتيون پيون وڃن جنهن تي پڻ اقوام متحده هڪ رپورٽ تيار ڪري رهيو آهي جيڪا هن سال تائين پيش ٿيڻ بعد طئه ڪرڻ لاءِ اقوام متحده جو ڪردار واضع ٿي ويندو .

پاڪستان ڪيترن ئي سالن کان دهشتگردي جو شڪار رهيو آهي سڀ کان وڏو سرگرم گروه تحريڪ طالبان آهي جيڪو رياست سان گڏ ماڻهن کي نقصان پهچائي رهيو آهي هاڻي امن لاءِ طالبان سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ ويچاريو ويو آهي حڪومت کي اهو سوچڻ گھرجي ته هو ڳالهيون ڪن ته برابري جي بنياد تي ڪن ملڪ ۽ آئين جي دشمنن اڳيان ڪنڌ جھڪائي ڳالهيون هرگز نه ڪيون وڃن هن وقت طالبان فوجين کي شهيد ڪري رهيا آهن ۽ ڳالهيون شروع ڪرڻ کان اڳ ئي پنهنجن ڪيترن ئي قيدين جي آزادي جو مطالبو پڻ ڪري رهيا آهن .

جنگ ڪرڻ جيڪڏهن مسئلن جو حل هجي ها يا جنگين ۽ ويڙه سان مسئلا حل ٿين ها ته پاڪستان ، ڪشمير ، روس ، شام ، عراق ، افغانستان ، فلسطين سميت پوري دنيا جا مسئلا ڪافي وقت پهريان ئي حل ٿي چڪا هجن ها . پاڪستان جي حڪومت امن قائم ڪرڻ لاءِ عوام سان ڪيترا ئي وعدا ۽ دعوائون ڪيون آهن جن تي هن وقت تائين عمل ٿيندي نظر نه اچي رهيو آهي پر هاڻي انهن واعدن کي عملي صورت ڏيڻ جو وقت اچي ويو آهي ڪٿي بد امني ۽ طالبان جي قوت ايتري نه وڌي وڃي جو انهن تي ضابطو آڻڻ حڪومتن جي وس ۾ ئي نه هجي . دنيا اندر اهي ملڪ ترقي جي راهن ۾ گامزن آهن جن ۾ امن امان ، ڀائيچاري ۽ برابري واري صورتحال قائم آهي ، ان ملڪ جي هر فرد کي اظهار ۽ راءِ جي آزادي هجي ٿي ، ترقي ۽ امن يافته ملڪن جا ماڻهو تعليم يافته هجن ٿا جنهن جي ڪري رنگ ، نسل ، ذات پات جو فرق ختم ٿي وڃي ٿو ، پاڪستان جي صورتحال ان سڀ جي بر عڪس نظر اچي رهي آهي ڇو ته هتي مذهبي جنگ ، جهاد کان وٺي سياسي ويڙه جاري آهي جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جو امن تباه ٿي رهيو آهي .

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت سان گڏ تمام سياسي توڙي مذهبي جماعتون پاڪستان جي امن امان واري صورتحال تي سنجيدگي سان غور ويچار ڪري عوام کي پريشاني مان آزاد ڪن ته جيئن هو پر امن زندگي گذاري ملڪ توڙي قوم جو مستقبل بچائي ۽ سنواري سگھن . اميد ته جلد ئي پاڪستان جو نالو دنيا جي بدامني وارن ملڪن کان الڳ ٿي امن امان ۾ شامل ڪيو ويندو جنهن جي لاءِ اسان سڀني کي بهتر قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.

No comments:

Post a Comment