Tuesday 24 September 2013

PeshawarChurchBlast attack on minorities attack on #Pakistan #Taliban #Peace talk By Mehwish Abbasi


اقليتن تي حملو امن جي ڳالهين تي حملو !

مهوش عباسي

آچر ڏينهن عيسائين جي عبادت ڪرڻ جو وجهه وٺي پشاور اندر ڪوهاٽي گرجا گھر ۾ دهشتگردن پاران ٿيل بم ڌماڪن ۾ 80  جي لڳ ڀڳ مرد، عورتون ۽ ٻارڙا فوت ٿي چڪا آهن ۽ 150 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن ان ڌماڪن کي طالبان جي جند الله گروه قبول ڪيو آهي . اهي ڌماڪا ملڪ جي سالميت کي نقصان پهچائڻ لاءِ اهڙي وقت ڪرايا ويا آهن جڏهن ملڪ جو وزير اعظم اقوام متحده جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ وڃي رهيو هيو  اقليتن کي ان لاءِ ٽارگيٽ بڻايو ويو آهي ته جيئن پاڪستان جي وزير اعظم کان اجلاسن دوران سوالن جي بوڇاڙ  ڪري ملڪ کي بدنام ڪري سگھجي . هي واقعو ان وقت ڪيو ويو آهي جڏهن حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهين جي لاءِ سوچيو پيو وڃي اهو واقعو ڪري حڪومت ۽ خيبر پختونخواه جي حڪومت جن جي ايجنڊا امن امان جي صورتحال قائم ڪرڻ ۽ طالبان سان ڳالهيون ڪرڻ آهي تن کي طالبان اهو پيغام ڏئي رهيا آهن ته هو ڇا چاهي رهيا آهن انهن کي انساني جانين جي ڪا به پرواه نه آهي ڳالهيون ڀلي ٿين پر هو پنهنجيون ڪارروايون جاري رکندا اهي دهشتگرد انسان ۽ مذهب دوست نه آهن اهي درندا آهن جيڪي پنهنجي اصليت ڏيکاريندا رهيا آهن تنهن هوندي به اسان ملڪ دشمنن کي سڃاڻي نه سگھيا آهيون.

پشاور اندر موجود پر امن مسيحي برادري تي خوفناڪ حملو ڪيو ويو آهي خيبر پختونخواه اندر 5 سالن ۾ 210 وڏا حملا ڪيا ويا آهن جنهن بعد ايمرجنسي واري صورتحال نظر آئي انهن حملن ۾ هي حملو سڀ کان وڏو حملو نظر اچي رهيو آهي . عوام پنهنجي لاءِ امن جي گھر ڪري رهيو آهي پنهنجي جان ۽ مال جو تحفظ گھري رهيو آهي اڄ مسيحي برادري سميت سڀني اقليتي برادرين جو حڪومت کان اهو ئي سوال ٿئي ٿو ته پاڪستان جي آئين ۾ هر اقليتي برادري کي تحفظ ڏيڻو آهي . اها ڳالهه انساني فطرت ۾ شامل آهي ته جڏهن نا انصافيون وڌي وينديون آهن ته پنهنجن جذبات تي ضابطو آڻڻ مشڪل ٿي پوندو آهي جنهن جي رد عمل کان پوءِ نقصان ملڪ جو ئي ٿيندو آهي . پاڪستان جا مسلمان مسيحي برادري تي ٿيل حملن کي پاڻ تي حملو سمجھندي انهن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن . هي هڪ غير انساني واقعو آهي پاڪستان جو هر ماڻهو ڏک ۽ رنج جو شڪار آهي اهڙن واقعن جي جيتري مذمت ڪجي گھٽ آهي.

پوري قوم دهشتگردي ۽ انتها پسندي جو شڪار ٿي چڪي آهي ڳالهين جي نالي تي انساني جانيون مذاق ٿي رهجي ويون آهن . طالبان پاڻ کي طاقتور ۽ جهادي سڏائي رهيا آهن پر هو عورتن، ٻارڙن ۽ پوڙهن تي حملا ڪري بزدلي جو مظاهرو ڪري رهيا آهن اسلام ۽ مذهب جي نالي تي جهاد ڪرڻ وارا انسانن جو ڪو خيال نه رکي رهيا آهن  طالبان پاڪستان اندر اسلامي نظام لاڳو ڪرڻ چاهين ٿا جنهن جي ڪري هو هي سڀ ڪري رهيا آهن شايد انهن کان وسري ويو آهي ته احترام ۽ انسانيت جو نالو اسلام آهي ڪو به دين يا مذهب اهڙي قسم جي جهاد کي بهتر نظر سان نه ٿو ڏسي . پاڪستان کي اسلام جي نالي تي ٺاهيو ويو هن ملڪ کي مسلمانن ٺاهيو آهي شايد ان ڪري هتي اقليتن لاءِ تنگ نظري سبب ڪا به گنجائش موجود نه آهي اهڙي مذهبي جنونيت ۽ ذهنيت جي ڪري اقليتن خلاف جھيڙا ٿين ٿا سندن عبادتگاهن کي ساڙيو ۽ بمن سان تباهه ڪيو وڃي ٿو مردن، عورتن ۽ ٻارڙن کي قتل ڪرڻ سان گڏ ڊيڄاريو وڃي ٿو، ڪيترين جاين تي نفرت ۽ دشمني ايتري وڌي وڃي ٿي جو مرڻ ۽ مارڻ جي نوبت اچي وڃي ٿي  جڏهن ته اسلام اهڙي تعليم ڪڏهن نه ڏني آهي اسلام ته امن ڀائيچاري ۽ برابري جو درس ڏيڻ سان ڪنهن کي به ڪنهن تي برتري نه ٿو ڏئي ۽ اسلام چئي ٿو هڪ انسان جو قتل پوري انسانيت جو قتل آهي، اسلام توڙي هر مذهب ۾ امن ۽ ڀائيچاري جو درس آهي . مذهبن کي رياستي معاملن جي ور چاڙهيو پيو وڃي، اهڙن حملن سان پوري دنيا جي مسلمانن کي نقصان پهچندو.

ان کان وڌيڪ ڪهڙو ظلم هوندو ته هڪ آزاد ۽ جمهوري رياست ۾ ماڻهو پنهنجي عبادتگاهن ۾ عبادت به نه ڪري سگھن. مندر هجي مسجد، گرجا گھر، مدرسا يا امام بارگاهون پاڪستان اندر محفوظ نه رهيون آهن پشاور گرجا گھر حملو اقليتن تي سڀ کان خوفناڪ حملو آهي، هي اها رياست آهي جنهن اندر نه عورتون محفوظ آهن نه وري ٻار ڪير به چاهي ڪيئن به ڪڏهن به ڪنهن به وقت حملو ڪري سگھي ٿو ڇو ته پاڪستان اندر سڪيورٽي تمام گھڻي ڪمزور ٿي چڪي آهي جنهن جي ڪري طالبان جيلن، اسپتالن توڙي عبادتگاهن کي نشانو بڻائي رهيا آهن.

اهڙن حملن جي نتيجي ۾ ملڪ جي بدنامي ٿي رهي آهي، بين الاقوامي خبرن جي توجهه پاڪستان ۾ ٿيندڙ اقليتن تي حملا آهن. پاڪستان کي دنيا اندر بدنام ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اي پي سيز ته گھرايون وڃن ٿيون پر ان جو فائدو اڃان تائين عوام کي نه مليو آهي جنهن جي ابتڙ عوام طالبان ۽ حڪومت جي جنگ جي ور چڙهي رهيو آهي. حڪمران هر روز عوام کي سڀاڻي جو آسرو ڏين ٿا پر اهو صبح الائي ته ڪڏهن ايندو جو عوام سک جو ساهه کڻندو.

دهشتگرد پاڪستان جي عوام جا قاتل آهن انهن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪرڻ گھرجي انهن کي گرفتار ڪرڻ گھرجي. انهن جي قيدين کي آزاد  نه ڪيو وڃي. پشاور توڙي پوري ملڪ ۾ رت جي راند کيڏڻ وارن سان اڃا به حڪومت ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿي! ڳالهيون ڪجن ته انهن سان جيڪي معصوم جانين جا قاتل نه هجن جيڪي انسانن جا ڏوهاري نه هجن ۽ ملڪ جي آئين ۽ قانون جون محافظ هجن. ڳالهين جو فيصلو ته ڪيو وڃي ٿو طالبان به حامي ڀرن ٿا پر امن خراب ڪري ملڪ ۽ عوام کي پريشاني ۽ خوف ۾ وڌو پيو وڃي.

جڏهن به طالبان ۽ حڪومت وچ ۾ امن لاءِ ڳالهين کي اڳتي وڌايو وڃي ٿو اهڙي صورتحال پيدا ڪئي وڃي ٿي پر ملڪ جي تحفظ ۽ امن لاءِ ڪنهن به قسم جو سمجھوتو نه ڪرڻ گھرجي طالبان جا قيدي آزاد ڪري، پنهنجا فوجي شهيد ڪرائي، معصوم ٻارڙن ۽ عورتن جون جانيون وڃائي حڪومت پنهنجي ڪمزوري، بيوسي ۽ ناڪامي جو صاف مظاهرو ڪري رهي آهي. حڪومت کي طالبان خلاف واضح پاليسي ٺاهڻ گھرجي ڇو ته هاڻي عوام جي برداشت واري سهپ جي سگهه ختم ٿي رهي آهي.

No comments:

Post a Comment