Friday 20 September 2013

INCREASE IN WOMEN VIOLANCE AND RAP CASES IN #PAKISTAN #SINDH @MehwishAbbasi Columnist


My column published in daily awami awaz 20-09-2013 about violance on women and increase in rap cases
MEHWISH ABBASI
عورتن ۽ ٻارڙن سان زيادتين جو نه کٽندڙ سلسلو

پاڪستان دنيا ۾ عورتن جي آبادي جي حساب سان ڇهون وڏو ملڪ آهي جنهن ۾ عورتن جي آبادي ڏهن ڪروڙن کان به وڌيڪ آهي پاڪستان ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جي حقن لاءِ 23 کان وڌيڪ پاليسيون، منصوبا، آئين ۽ قانون پاس ٿي چڪا آهن، مگر انهن معاملن تي اڄ ڏينهن تائين حقيقي طور تي عمل نه ٿي سگھيو آهي جنهن ڪري ملڪ اندر اڄ به عورتن ۽ معصوم ٻارڙن کي سنگين مسئلا درپيش آهن جن کي عورت منهن ڏيندي پئي اچي. جنس جي فرق جي ڪري عورتن جي حقن لاءِ قانون جا بل پاس ڪرائيندڙ  عورتن جا محافظ سڏرائيندڙ اسانجا حڪمران عورتن سان ٿيندڙ ڏاڍاين تي نوٽيس وٺڻ بجاءِ عورتن تي ٿيندڙ ظلم تي پنهنجا چپ به چورڻ جي ضرورت محسوس نه ٿا ڪن، سندن اهڙي ڪردار سبب پوري ملڪ سميت خاص طور تي سنڌ ۽ پنجاب اندر اهڙن واقعن جا ڪيس داخل نه ڪرڻ ۽ قانون تي عمل نه ڪرائڻ سبب ڪيتري وقت کان معصوم ٻارڙين سان ذيادتين جي سلسلي ۾ گھٽتائي اچڻ بجاءِ واڌارو ٿيندو پيو وڃي جيڪو اسانجي معاشري لاءِ هڪ شرمناڪ عمل آهي .

تازو ٿر ۾ موتان ڀيل سان روح ڏڪائيندڙ ذيادتي جو واقعو پيش آيو جنهن ۾ موتان ڀيل کي ان جي ڏير جي ڪيل ڏوه جي سزا ڏني وئي، ان واقعي جو پسمنظر ڏسجي ته ڪجھ وقت اڳ ڪنهن ماڻهو کي سندن گھر کان ويندي ڏٺو ويو جنهن جي نتيجي ۾ غيرت ڏيکاريندي موتان ڀيل جي ڏير ان ڌر جي هڪ نياڻي سان ڏاڍائي ڪري سندس وڊيو رڪارڊ ڪري ٻين کي ڏيکاري جنهن تي ان ڌر جي ماڻهن غيرت جو مظاهرو ڪندي موتان ڀيل سان ان جي ٻارڙن ۽ گھر واري اڳيان ڏاڍائي ڪئي شايد ان وقت انهن کي اهو احساس نه هيو ته ٿر جي ماروئڙن جي زمين جتي ڪڏهن مارئي جي لوئي ۽ لڄ کي نقصان نه  پهتو هجي اتي اڄ جي مارئي سان اهڙو ظلم ڪيو ويو ڪيترو نه تڙپي هوندي ماروئڙن جي سرزمين، ٿر جي ڌرتي سالن تائين موتان ڀيل سان ٿيندڙ غير اخلاقي رويي کي نه وساري سگھندي. جنهن جي گھر جي ڀت اورانگھي وئي اها به هڪ عورت جنهن جي وڊيو رڪارڊ ڪئي وئي اها به عورت ۽ جنهن سان ڏاڍائي ڪئي وئي اها به عورت.

ان واقعي کانپوءِ 8 ڏوهارين کي اڃان تائين سزا نه ڏني وئي آهي جنهن جو سبب انهن جو سياسي ڌرين سان وابسطا هجڻ ۽ ٿر ۾ ٿيل جرڳو آهي. سنڌ اندر پيش ايندڙ اهڙي قسم جو هي پهريون واقعو نه آهي هر روز اهڙي قسم جا غير اخلاقي غير انساني واقعا پيش اچن ٿا جيڪي وڏيرن ۽ ڀوتارن جي مداخلت جي ڪري رپورٽ به نه ٿا ٿين. ڪيترا شريف خاندان خواري کان بچڻ خاطر چپ جو روزو رکن ٿا .

ان کان علاوه پنجاب ۾ به اهڙي قسم جي واقعن جو زور وڌي رهيو آهي جتي سرڪار جي نوٽيس وٺڻ باوجود به واقعن ۾ گھٽتائي نه اچي رهي آهي شايد ڀارت کانپوءِ هاڻي پاڪستان به اهڙن غير اخلاقي غير انساني واقعن جي ڊوڙ کٽڻ وارو آهي، ڀارت دنيا ۾ اهڙن واقعن ۾ سر فهرست آهي جنهن ۾ ڀارتي شهرين سان گڏ سير و تفريح لاءِ آيل غير ملڪي عورتن کي به تحفظ فراهم نه آهي انهن جي حڪومت ڀارتي شهرين ۽ انساني حقن جي تنظيمن جي ٿيندڙ پرجوش احتجاجن تي جاڳي ضرور ٿي جنهن جي نتيجي ۾ ڀارتي ڇوڪري سان ڏاڍائي ڪندڙ 3 ڏوهارين کي موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي پر ان جاءِ تي موتان ڀيل جي فرياد ڪير ڪندو ۽ ڪير ٻڌندو اسان وٽ موجود نام نهاد سياسي ۽ سماجي ڌريون ڇو ان کي انصاف ميسر ڪرڻ لاءِ جدوجهد نه ڪري رهيون آهن موتان ڀيل ۽ ان جي معصوم ٻارڙن جا ڏوهاري اڄ به آزاد آهن.

ملڪ جي آئين ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جي حقن جي ادائگيءَ جا واضع حڪم آهن پر فرسوده ريتن رسمن جي ور چڙهيل معاشري جوڙيل قانون کي به ٿڏي ڇڏيو آهي جنهن سبب اسانجي ملڪ ۾ عورتن تي تشدد، ڪارو ڪري جي الزام ۾ قتل، غيرت ۽ عزت جي نالي تي عورتن کي قتل ڪرڻ کانپوءِ هن وقت معصوم ابهم ٻارڙين کي ڏاڍاين جو نشانو بڻايو پيو وڃي جنهن ۾ روز بروز اضافو ٿيندو پيو وڃي. ڪمپيوٽر جي دور ۽ ميڊيا جي طاقت باوجود اسان وٽ اهڙن شرمناڪ واقعن جو خاتمو ناممڪن بڻجي چڪو آهي اسلام ۾ عورت کي جيڪو اعلي مقام، مان ۽ مرتبو حاصل آهي اهو دنيا جي ڪنهن به مذهب ۽ تهذيب ۾ نه ٿو ملي ان باوجود اسان اسلامي قانونن کي پٺي ڏيندي پاڻ کي داغدار بڻائي رهيا آهيون. 2004 ع ۾ ڪاروڪاري خلاف قومي اسيمبلي ۾ قرارداد پيش ڪئي وئي پر جرڳا سسٽم جي پيداوار وڏيرن ۽ سردارن اهڙي قرارداد کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

پاڪستان جي 48 سيڪڙو آبادي ٻارڙن تي مشتمل آهي هڪ رپورٽ مطابق 2000ع کان 2010 تائين 7213 ٻارڙا قتل ٿي چڪا آهن 3411 ٻارڙن سان ذيادتيون ٿي چڪيون آهن، 3832 ٻارڙن تي تشدد، 3854 عورتن ۽ ٻارڙن جون خودڪشيون، 10176 اغوا، 9867 زبردستي شاديون، 882 وني ۽ 577 ڪارو ڪاري جهڙا واقعا پيش آيا آهن، 10 سالن اندر ايترن ٻارڙن ۽ عورتن کي اجل جو شڪار بڻايو ويو آهي جيڪي ڪنهن به جمهوري قانون ۽ آئين جي دعوي ڪندڙ ملڪ لاءِ سواليا نشان آهن؟ ان کان علاوه غربت سبب ٻارڙن کي وڪرو ڪرڻ، عورتن ۽ ٻارڙن کي جبري پورهيو وٺڻ عام ڳالهه بڻيل آهي جنهن سبب معصوم ٻار تعليم حاصل نه ٿا ڪري سگھن ۽ تعليم جي گھٽتائي ڪري هو آساني سان اهڙن واقعن جو شڪار ٿين ٿا ان لاءِ قانون کي سخت ڪرڻ سان گڏ حڪومت کي گھرجي ته اسڪولن سان گڏ ٻين تعليمي ادارن ۾ ٻارڙن ۽ عورتن کي اهڙن واقعن بابت آگاه ڪيو وڃي ۽ ان کان بچاءَ جا طريقا ۽ اهڙن واقعن ۾ ملوث ڏوهارين جي سزا کان پڻ آگاه ڪيو وڃي ته جيئن اهي ٻارڙا وڏا ٿي اهڙو ڏوه نه ڪري سگھن.

پاڪستان اندر عورتن ۽ ٻارڙن جي حقن لاءِ سوين اين جي اوز ڪم ڪري رهيون آهن جيڪي عورتن ۽ ٻارڙن جي ترقي ۽ حقن کي اهميت ڏيڻ، حالات جو تجزيو ڪرڻ، عورتن جي حقن لاءِ ڪانفرنسون ڪرڻ، عورتن جي ترقي، بهتري ۽ تعليم لاءِ قدم کڻڻ شامل آهن. افسوس آهي ته عورتن ۽ ٻارڙن لاءِ ڪم ڪندڙ اين جي اوز کي عورتن ۽ ٻارڙن جي نالي تي وڏيون رقمون ڏنيون وڃن ٿيون مگر افسوس اهي ادارا ان رقم جو اڌ حصو به عورتن ۽ ٻارڙن جي ڀلائي لاءِ خرچ نه ٿا ڪن .

اهڙي طرح سماج ۾ ڪجھ اهڙن انسانن پنهنجي اندر ۾ جانور جو وجود ويهاري ڇڏيو آهي جيڪو آپي مان نڪري وڃڻ بعد وڙهڻ شروع ڪندو آهي ان جو سبب اسان وٽ تعليم جي گھٽتائي آهي جنهن ڪري انسان اخلاقيات کان نڪري قدم کڻن ٿا، جيڪڏهن ملڪ اندر قتل عام، معصوم نياڻين کي اغوا ڪري انهن سان ذيادتي ڪرڻ جو سلسلو ايئن ئي هلندو رهيو ته پوءِ ملڪ اندر اها تبديلي ايندي ته هڪ انسان ٻئي انسان کي پنهنجي فائدي خاطر نقصان پهچائڻ ۾ دير نه ڪندو ان ڪري پاڪستان اندر اهڙين حالتن کي ختم ڪيو وڃي.

جنهن ملڪ اندر عورتن جي لڄ ۽ لوئي محفوظ نه هجي جتي انسان حوس جو شڪار ٿي معصوم ٻارڙن جي معصوميت کسين اتان جي انسان کي انسان ته نه سڏي سگھبو اهو انسان جي روپ ۾ لڪيل اهڙو جانور آهي جيڪو پنهنجي بک مٽائڻ خاطر آزادي سان ڪڏهن به ڪنهن کي به ڪجھ به ڪري سگھي ٿو .

اساناج چونڊيل نمائندا عورتن کي حق ڏيارڻ لاءِ وڏيون دعوائون ڪندا آهن پر وقت پوڻ تي وڏيرن ۽ ڀوتارن جون ونگارون وهندي پاڻ ئي جرڳن اندر ويهي سرپرستي ڪندي ڪارن قانونن کي عملي جامو پهرائيندا آهن جڏهن ته ڪيتريون ئي عورت ميمبر لکڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ عورتن جون حامي هونديون آهن پر ڪڏهن به ڪنهن جرڳي اندر عورتن کان شاهدي وٺڻ ۽ عورتن جي حمايت ڪندي نظر نه اينديون آهن جڏهن ته انساني حقن جون تنظيمون به ڏاڍن اڳيان ڪمزور ٿي پونديون آهن، پوليس ۽ انتظاميا به سردارن ۽ جاگيردارن جي حڪم جي تابع رهندي آئي آهي اهڙين حالتن اندر عورتن ۽ ٻارڙن جي حقن جا قانون ته جوڙي سگھجن ٿا پر انهن تي عمل ڪرائڻ ناممڪن بڻجي چڪو آهي اڄ اهي ملڪ ترقي جي راهن تي گامزن ٿي چڪا آهن جن عورتن کي مردن برابر آڻي برابري جي بنيان تي حق ڏنا آهن ڇو ته جيسيتائين مرد ۽ عورتون برابري جي بنياد تي نه گڏبا تيسيتائين اسان جي سماج ۾ سڌارو اچڻ ممڪن نه آهي اسان کي پنهنجيون ذميوايون سمجھڻ گھرجن جن کي پوري ايمانداري سان بجا آڻي عورتن ۽ ٻارڙن جي حقن ۽ بهتري لاءِ ڪم ڪجي ان ۾ ئي اسانجي معاشري جو بهتري ۽ ترقي جو راز سمايل آهي .

مهوش عباسي

chemist_mehwish@yahoo.com

No comments:

Post a Comment