Sunday 8 September 2013

My Column in awami awaz about increase in no of kidnappings in #Sindh 7 sept 2013 #Pakistan #Share


اغوا جي وارداتن ۾ ٿيندڙ اضافو ۽ سنڌ پوليس

مهوش عباسي

سنڌ جي گادي جي شهر ڪراچي جون حالتون ڪجھ ڏهاڪن کان مسلسل خراب آهن جنهن تي ملڪ جي حڪمرانن ۽ ادارن جا هٿ مٿي ته اچي ويا آهن جنهن سبب سخت پريشاني ۾ ورتل آهن جيڪو مسئلو واقعي پريشاني جوڳو آهي پر حڪمرانن کي سنڌ جي ٻين ضلعن اندرٿيندڙ بد امني ، ڦر لٽ ، عورتن سان ڏاڍايون ۽ اغوائن طرف به توجهه ڏيڻ گھرجي مگر اسانجا حڪمران ۽ هر حڪومت صرف ڪراچي اندر بد امني جو راڳ ڳائي هر ڀيري پنهنجو وقت پورو ڪندا رهيا آهن هن جاءِ تي منهنجو مقصد اهو هر گز نه آهي ته اسان کي ڪراچي جي باري ۾ سوچڻ نه گھرجي پر سنڌ جي ٻين ضلعن اندر به انسان ئي رهن ٿا جن کي به جيئڻ جو حق ملڻ گھرجي ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي ته اسان وٽ جڏهن به جمهوريت قائم ٿيندي آهي ته اهڙن واقعن ۾ اضافو ٿيندو رهيو آهي ۽ جڏهن ڊڪٽيٽر ايندا آهن ته اهڙيون ڪارروايون ڪندڙ ٻرن اندر لڪي ويندا آهن اسان کي جمهوريت جو ناجائز فائدو نه وٺڻ گھرجي ڇو ته جمهوريت وڏين قربانين بعد حاصل ٿيندي آهي پر اسان هر دور ۾ عوامي دور جي نفي ڪئي آهي جنهن جو مثال سنڌ جي ضلعن اندر هڪ دفعو وري بد امني ، ڦر لٽ ، عورتن سان ذيادتيون ۽ اغوائن جي وارداتن ۾ اضافو ٿي چڪو آهي جنهن سبب عام ماڻهون پريشانين ۾ وڪوڙجي چڪو آهي ڏينهن و ڏينهن ٻارن ، عورتن ۽ نوجوانن جو اغوا هاڻي معمول بڻجندو پيو وڃي جنهن تي ضابطو آڻڻ ۾ پوليس انتظاميا ناڪام ڏسڻ ۾ پئي اچي يا هميشه جيان بي ڌياني جو شڪار آهي ، مغوي ٻارن ، عورتن ۽ نوجوانن جي وڌندڙ انگ حڪومتي حلقن ۽ سڄاڻ ڌرين کي پاڻ ڏانهن متوجهه ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿو پوءِ به ان جو حل ايترو جلد سامهون ايندي نظر نه ٿو اچي ان کان اڳ جو ڏوهارين تائين پهچ ٿئي ايتري تائين ڪنهن مغوي جو لاش سندس وارثن تائين پهچي وڃي ٿو پوءِ پوليس جون نه کٽندڙ انڪوائريون مقتول جي عزيزن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ جو ڪم ڏينديون رهن ٿيون جنهن تي جيترو به ا فسوس ڪجي گھٽ آهي اهڙي قسم جا واقعا هر روز اخبارن جي زينت بڻيل آهن جنهن جاءِ تي انسان آزادي سان رهي نه سگھي پنهنجي نياڻين کي تعليم جي زيور سان آراسته نه ڪري سگھي ، جتي عورتن ٻارڙن جون زندگيون داءَ تي لڳل هجن ، بيگناه نوجوانن کي ڀنگ خاطر اغوا ڪيو وڃي اتي عام ماڻهو زندگي ڪيئن گذاريندو . انتظاميا ، چونڊيل ايم اين ايز ، ايم پي ايز ، وزير ، مشير ۽ پوليس انصاف ڏيڻ بدران ڪميٽيون ٺاهڻ ۾ رڌل هجن ۽ ٿيندڙ ڪاررواين کي روڪڻ لاءِ ڪي به مناسب اپاءَ نه ورتا وڃن ۽ ٿيندڙ ڏاڍاين پويان سردارن ، جاگيردارن ، ڀوتارن ، پوليس وارن ۽ سندن ساٿارين جا هٿ ملوث هجن

اڌ مهيني کان وڌيڪ عرصو ٿي چڪو آهي ته نوابشاه جي پروفيسرشمس الدين شيخ جو اغوا ٿيل پٽ شجاع شيخ جو ڪو به پتو نه پئجي سگھيو آهي جنهن سبب ڊاڪٽرن طرفان سرڪاري توڙي خانگي اسپتالن اندر مريض تپاسڻ جو سلسلو بند ڪيو ويو ايتري تائين جو ڪنهن ميڊيڪل اسٽور تي ڊسپرين جي گوري به ملڻ محال بڻجي وئي ۽ هزارين مريض بي يارو مددگار پيل رهيا .

اهڙين حالتن بعد شهيد بينظير آباد ضلعي جي ايم پي ايز غلام قادر چانڊيو ، سليم رضا جلباڻي ، ڊاڪٽر بهادر ڏاهري ۽ ٻين ڊاڪٽرن سان ملاقات ڪندي مريضن جو علاج شروع ڪرڻ لاءِ چيو ۽ اغوا ٿيل شاگرد جي بازيابي لاءِ چند ڏينهن جي مهلت گھري ورتي اهڙي مهلت کي پڻ ڪيترا ڏينهن ٿي چڪا آهن مگر هن وقت تائين معصوم شاگرد جو ڪو پتو نه پئجي چڪو آهي جڏهن ته پوليس ڪيترن ئي ڳوٺن تي چڙهايون ڪري چڪي آهي پر هن وقت تائين اغوا ٿيل جي باري ۾ ڪا به ڄاڻ نه ملي رهي آهي جنهن سبب ڊاڪٽرن پاران احتجاجي تحريڪ جو دائرو وڌائڻ جون تياريون شروع ٿي چڪيون آهن .

سوچڻ جي ڳالهه آهي ته پيرين پنڌ ڦرون ۽ اغوائون ڪندڙن جو پيڇو ڪندي آخر ڪار پوليس جون موبائيلون خالي هٿين واپس ڇو ٿيون اچن ان پويان ڪهڙا ڳجھا هٿ آهن جيڪي ڏوهارين جي سرپرستي ڪن ٿا جن کي پوليس هٿ لڳائڻ کان لنوائي ٿي جنهن ۾ وڏو هٿ سياسي پوسٽون ماڻيندڙ پوليس اهلڪارن جو آهي جيڪي پنهنجيون پوسٽون بچائڻ خاطر سنڌ کي بدنام ڪرڻ ۽ ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي رهيا آهن .

ڳالهه رڳو اتي دنگ نه ٿي ڪري ڪراچي کان ويندي ٺٽي ، حيدرآباد ، دادو ، نوابشاه ، سکر ، گھوٽڪي ، جيڪب آباد ، ڪنڌ ڪوٽ ، شڪارپور ، لاڙڪاڻو ضلعن اندر اهڙي قسم جون اڻ کٽ ڪارروايون جاري آهن ڪيترائي ڊاڪٽر ، انجنيئر ، واپاري ، صحافي ، وڪيل ، شاگرد روڊن تي ڦرجن ۽ اغوا ٿيندا رهن ٿا پر اسانجا حڪمران ڪراچي لاءِ ايترو فڪرمند آهن جو کانئن سنڌ جا ٻيا ضلعا وسري ويا آهن .

وزير اعلي سنڌ ڪراچي کان ٻاهر نه نڪرڻ جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته گورنر صاحب جنهن کي ملڪي تاريخ ۾ گھڻو عرصو گورنر رهڻ جو اعزاز حاصل آهي ان جا ڪراچي کان سواءِ سنڌ جي ٻين شهرن جا دورا اٽي ۾ لوڻ برابر آهن

سندن اهڙي ڪارڪردگي سبب ڪيترائي هندو خاندان لڏ پلاڻ ڪري ملڪ ڇڏي چڪا آهن جڏهن ته ڪيترائي ڊاڪٽر ، انجنيئر ، استاد ، ڪاروباري ماڻهو ملڪ کي الوداع چئي ٻاهرين ملڪن اندر وڃي پنهنجيون زندگيون گذاري رهيا آهن .

نوابشاه جي پوليس اغوا ٿيل شاگرد کي بازياب ناهي ڪرائي سگھي ٿورو باريڪ بيني سان ويچار ڪيو وڃي ته پوليس ڇا پئي ڪري ؟ پوليس جو ڪم آهي ماڻهن کي تحفظ مهيا ڪرڻ ، عوام جي حفاظت ڪرڻ ، پر پوليس جيڪڏهن پاڻ ئي ننڊ ۾ ستل هجي ته پوءِ ظاهري ڳالهه آهي اهڙي قسم جون وارداتون ٿينديون .

ماڻهون به اغوا ٿيندا ، ڦرون به ٿينديون ، عورتن جو سک چين به ڦٽندو آخر ڪيسيتائين عورتن کي ڪاري ڪري پيٽ سان پٿر ٻڌي ڪئنالن اندر لوڙهيو ويندو .

حقيقت ۾ پوليس کاتي ۾ ڪوتاهيون نه هجن ته ڪو ڏوه نه ٿئي پر افسوس جوڳي ڳالهه آهي جو پوليس ڏوهارين يا ڌاڙيلن خلاف ڪا به سخت ڪارروائي نه ٿي ڪري ، هاڻي ڌاڙيل فيڪٽر ته ڪنهن حد تائين گھٽ ٿي ويو آهي پر ذاتي بنيادن تي ڏوهاري ماڻهو مخالفن کي اغوا ڪرائين ٿا جنهن لاءِ ڏوهارين جا ڪيترائي گرووپ ملوث آهن تنهن ڪري اهڙن گروپن ۽ ڏوهارين کي روڪڻ جي سخت ضرورت آهي ٻي صورت ۾ اهي ڏوهاري وڌيڪ مضبوط ٿيندا ۽ بد امني ۾ اضافو ٿي ويندو ان کان اڳي جو ڏوهن ۾ وڏو اضافو اچي ۽ ماڻهن جي اغوا ٿيڻ جا واقعا زور وٺي وڃن انتظاميا کي ڏوهارين خلاف قدم کڻڻ گھرجن ، حڪومت کي ان ڏس ۾ اهڙا اپاءَ وٺڻ گھرجن جهڙي طرح هو ڪراچي جي امن بابت سوچي رهيا آهن .

مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪ ٿام لاءِ جيڪڏهن اپاءِ نه ورتا ويا ته بد امني جو راڪاس اسانجي معاشري جو امن تباه ڪري ڇڏيندو ۽ روز ماڻهو اغوا پيا ٿيندا جنهن لاءِ سنڌ حڪومت کي تڪڙا قدم کڻي اغوا ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرايو وڃي ، بد امني ، ڦر لٽ سميت اڻ وڻندڙ واقعن جي روڪ ٿام لاءِ پڻ ڀرپور قدم کنيا وڃن.

مهوش عباسي

No comments:

Post a Comment