Sunday 8 September 2013

Mehwish Abbasi column about INTERNATIONAL LITERACY DAY 8 SEPT 2013 IN DAILY AWAMI AWAZ #PAKISTAN #WORLD #SHARE


خواندگي جي شرح ۾ اضافو ڪيئن آڻجي ؟

Mehwish Abbasi

8 سيپٽمبر تي دنيا اندر خواندگي جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي ان ڏينهن کي ملهائڻ جو خيال( UNESCO (United Nations Educational Scientific and Cultural Organization 17 نومبر 1965 تي ڏنو جڏهن ته خواندگي جو عالمي ڏينهن پهريون ڀيرو 8 سيپٽمبر 1966 تي پوري دنيا ۾ ملهايو ويو جيڪو اڄ تائين هر سال ملهايو ويندو آهي .

ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد هر نسل ، سماج ، معاشري ، اداري ، ماڻهو تائين تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي ، تعليم هڪ بهتر زندگي گذارڻ لاءِ هر ماڻهو جو پهريون حق آهي تعليم ئي آهي جنهن جي ذريعي سماج ۽ معاشري ۾ ترقي ۽ سڌارو پيدا ٿي سگھي ٿو تعليم ان جي واڌاري ۽ بهتري ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ، تعليم جي ميدان ۾ حاصل ٿيندڙ موقعا به خواندگي جي ذريعي حاصل ٿين ٿا . خواندگي ئي آهي جنهن جي ذريعي غربت ۽ ذهني بيمارين ۾ گھٽتائي پيدا ٿئي ٿي ، نسل جي برابري جو احساس ٿئي ٿو ۽ ملڪ جي ترقي ۽ واڌاري جي سوچ پيدا ٿئي ٿي ، غلط کي غلط ۽ صحيح کي صحيح ڪرڻ ۽ سمجھڻ جي سوچ ۽ شعور پيدا ٿئي ٿو . دنيا اندر خواندگي کي تعليم جي جڙ سمجھيو وڃي ٿو ڇو ته خواندگي جي ذريعي امن ۽ جمهوريت قائم ٿئي ٿي .

دنيا ۾ 776 ملين کان وڌيڪ ٻار تعليم جي زيور کان محروم بڻيل آهن اهي اهي ٻار آهن جيڪي پنهنجو نالو به لکي ۽ پڙهي نه ٿا سگھن ، دنيا ۾ 5 نوجوانن ۾ 1 نوجوان اڻ پڙهيل ملي ٿو جن ۾ گھڻو تعداد ڇوڪرين جو شامل آهي ، 60.7 ملين ٻار اسڪول نه وڃي رهيا آهن ۽ ان کان وڏو انگ اهڙن ٻارن جو آهي جن کي تعليم جي دوران اسڪولن مان ڪڍرائي سندن پڙهائي کي رد ڪيو وڃي ٿو .

پاڪستان جي آرٽيڪل A-25 پاڪستان جي آئين مطابق 5 کان 16 جي عمر جي هر ٻار جي تعليم جي حاصلات کي اهم ۽ مڪمل طور مفت بڻايو وڃي ان سان گڏ انهن کي بهتر تعليمي معيار ۽ بهتر ماحول پڻ فراهم ڪيو وڃي . پاڪستان ۾ عام طور تي تعليم 5 حصن ۾ ورهايل هجي ٿي پرائمري ، مڊل ، سيڪنڊري ، ڪاليج ۽ يونيورسٽي . پرائمري اسڪولن ۾ آدمشماري جي لحاظ کان 80 فيصد ٻار اسڪول وڃن ٿا جڏهن ته 20 فيصد ٻار پرائمري تعليم کان محروم رهن ٿا جنهن ۾ 66 کان 70 فيصد هر سال ٻارن جي حاضري رهي ٿي . جيڪڏهن پرائمري اسڪولن ۾ ٻارن جي انرولمينٽ کي ڏسجي ته ان ۾ 84 فيصد ڇوڪرا داخل آهن جڏهن ته ان جي مقابلي ڇوڪريون 60 فيصد هجن ٿيون .

ان کان پوءِ پاڪستان اندر مڊل اسڪول جي تعليم جو جائزو وٺجي ته ٻارن جو انگ گھٽجي وڃي ٿو جنهن ۾ آدمشماري جي حساب سان 45 فيصد ڇوڪرا ۽ 30 فيصد ڇوڪريون مڊل اسڪول جي تعليم حاصل ڪن ٿا . ان مان اسان اهو جائزو لڳائي سگھون ٿا ته اسان وٽ خواندگي جي شرح ڪيتري گھٽ آهي اهو ئي سبب آهي جو دنيا جي 120 ملڪن مان پاڪستان خواندگي جا لحاظ کان 113 نمبر تي آهي . مجموعي طور تي پاڪستان جي خواندگي جي شرح 56 فيصد کان به گھٽجي چڪي آهي . جڏهن ته يورپ ، ايشيا ، سريلنڪا ۽ ڀارت جي خواندگي جي شرح 74 کان 97 فيصد آهي . عالمي ادارن جو چوڻ آهي ته ايندڙ وقت ۾ پاڪستان جي خواندگي جي شرح اڃا به گھٽجي سگھي ٿي ڇو ته پاڪستان جي اڌ حصو آبادي عورتن تي مشتمل آهي 51 فيصد عورتن جي آبادي آهي جن ۾ 31 فيصد عورتون تعليم کان محروم آهن . جڏهن ته پاڪستان جي ڳوٺن ۾ 70 فيصد ماڻهو تعليم يافته نه آهن جن ۾ به وڏو تعداد عورتن جو آهي .

عورتن سان تعليم جي ميدان ۾ ويساه گھاتيون سال 1947 کان ئي هلندڙ آهن آزادي حاصل ڪرڻ کان پوءِ ان سال 10 هزار پرائمري اسڪول قائم ڪيا ويا جن مان صرف 17 سئو اسڪول ڇوڪرين لاءِ هئا ، جڏهن تا 17 ڪاليج قائم ڪيا ويا جن مان صرف 2 هن ڪاليج عورتن لاءِ هئا . جيڪڏهن اسان سنڌ جي تعليمي نظام تي نظر ڦيرايون ته هتي 73 سيڪڙو کان وڌيڪ مائرون اڻپڙهيل آهن جڏهن ته 62 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻارڙا ۽ 65 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻارڙيون تعليم جي روشني کان محروم بڻيل آهن . جڏهن ته حڪومت پاران ٻارن جون داخلائون وڌائڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڪوششون ورتيون ويون آهن ان باوجود سنڌ اندر خواندگي جي لحاظ سان ڪي اثرائتا قدم نه کڄي سگھيا آهن هر سال ڪاغذن جو پيٽ ڀرڻ لاءِ ڪوڙيون سچيون داخلائون رکي انگ اکر پورا ڪيا ويا آهن . سنڌ جي پرائمري اسڪولن جي حالت تمام ڳڻتي جوڳي بڻيل آهي ڪيترن اسڪولن اندر پيئڻ جو صاف پاڻي ، باٿروم ، چوديواريون ، راندين جا ميدان موجود نه آهن جڏهن ته پهرين ڪلاس کان وٺي پنجين درجي تائين شاگردن کي هڪ ئي ڪلاس اندر هڪ استاد پڙهائي رهيو آهي جنهن سبب ٻارڙن تي ڌيان نه پيو ڏنو وڃي . اهڙين حالتن سبب ڪيترا شاگرد 5 ڪلاس پاس ڪرڻ کان اڳ ئي اسڪول ڇڏي وڃن ٿا .

تعليم جي تباهي ۾ جتي آفيسر ، والدين ملوث آهن ان جاءِ تي استاد پڻ ان عمل ۾ حصيدار آهن ڪجھ مهينا اڳ سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت سنڌ جي اسڪولن جو سروي ججن کان ڪرايو ويو جنهن سان چند ڏينهن اسڪولن اندر تعليمي سرگرميون ۽ استادن جي حاضري 100 فيصد ٿي وئي پر جيئن ئي جج صاحبان اسڪولن جو دورو ڪري انگ اکر وٺي استادن جي حاضري چيڪ ڪري پٺي ڏني ته ويزا تي ويل استادن پڻ اسڪولن کي الوداع چيو ۽ اسڪولن جون بحال ٿيل رونقون ٻيهر ختم ٿي ويون . هئڻ ايئڻ کپي ها ته جج صاحبان اسڪولن اندر وزٽ جو مقرر وقت نه ڏين ها ۽ اهڙي سروي کي اڻڄاتل وقت تائين جاري رکن ها جنهن سان آفيسر ، استاد ۽ اسڪولن اندر موجود ٻيو عملو ان خوف ۾ ورتل هجي ها ته جج صاحب اسان جو اسڪول الاهي ڪڏهن وزٽ ڪندو .

اهي ئي سبب آهن بدقسمي سان هن سائنس ۽ ٽئڪنالاجي جي دور ۾ به اسين ٻين ملڪن جي نسبت ۾ تعليم جي ميدان ۾ گھڻو پوئتي آهيون اسانجا شاگرد ذهني صلاحيتن ۾ ٻين شاگردن کان گھٽ نه آهن پر اسانجي بنيادي تعليم جو ڍانچو بگڙيل آهي جنهن ڪري اسانجا ڪيترائي شاگرد اعلي تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم آهن . جڏهن ته تعليم جو ٻٽو معيار هئڻ سبب تعليم امير ۽ غريب وچ ۾ مقابلي جو سبب بڻجي چڪي آهي . سرڪاري اسڪولن جي غير معياري نصاب ۽ بي توجهي سبب ماڻهن جو رجحان خانگي ادارن ڏانهن وڌي چڪو آهي جڏهن ته تعليم تي زور ڏيندڙ ڪامورن ، آفيسرن ، وزيرن ، مشيرن جو اولاد پڻ ملڪ جي وڏن خانگي اسڪولن يا ٻاهرين ملڪن ۾ پڙهي ٿو جيڪڏهن ماهر تعليم دان وزير مشير نيڪ نيتي جو ثبوت ڏين ته سرڪاري اسڪولن جومعيار بهتر بڻجي سگھي ٿو . سنڌ صوبي کي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ نظر انداز پڻ ڪيو وڃي ٿو پنجاب حڪومت صوبي اندر ليپ ٽاپ اسڪيم سان گڏ نوجوان شاگردن لاءِ ڪيتريون ئي اسڪيمون متاثر ڪرايون آهن جڏهن ته آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان اندر 35 هزار شاگردن کي اسڪالرشپس سان نوازيو ويو ۽ اسانجي وزيرن تعليم لاءِ درد رکڻ باوجود شاگردن جي بهتري لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن .

هن وقت خواندگي جي شرح کي وڌائڻ لاءِ ملڪ اندر تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ اپاءَ وٺندي تعليم لاءِ مقرر ڪيل بجٽ جو بهتر نموني استعمال ڪيو وڃي خاص طور تي پٺ تي پيل علائقن جا بند پيل اسڪول کولرايا وڃن ، استادن ۽ شاگردن جي حاضري کي يقيني بڻايو وڃي ، سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ استادن جي پذيرائي ڪندي کين انعام ، سرٽيفڪيٽ ۽ ايوارڊن سان نوازيو وڃي ۽ ان عمل ۾ پنهنجا نوازي کان پاسو ڪيو وڃي ، سمورن تعليمي ادارن مان قبضا ختم ڪرائي استادن کي پنهنجي فرض ۽ ذميداري جو احساس ڏياري تعليمي ماحول کي بهتر بنائڻ لاءِ سڄاڻ ، علم دوست ، ماهرن ، تعليم دانن ۽ اديبن جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن ۽ معصوم ٻارڙن کي پورهئي کان آجو ڪرائي سندن هٿن ۾ ڪتاب ۽ قلم ڏنا وڃن . باقي جيڪڏهن خواندگي جي اڄوڪي عالمي ڏهاڙي تي صرف دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ سيمينار ، ڪانفرنسون ، ميٽنگون ۽ ريليون ڪڍي وقت گذاريو ويو ته اسين خواندگي جي عمل کي بهتر بڻائي نه سگھنداسين .

مهوش عباسي

chemist_mehwish@yahoo.com

No comments:

Post a Comment