Saturday 24 August 2013

sINDHI language Must be officialy teached in all schools of Sindh

نثار کهڙي تي رهيل قرض ۽ اڄ جو فرض

مهوش عباسي (عوامي آواز 25.08.2013)

سنڌ جي سينئر وزيرِ تعليم نثار احمد کهڙي سنڌ جي تعليم کاتي ۾ سنڌ ۾ پڙهائجندڙ سنڌي ۽ اردو نصاب جي سلسلي ۾ تبديلين جي گهرج تي نيون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. ساڳئي وقت موصوف وزير پنهنجي اهم ترين اعلان ۾ اهو پڻ چيو آهي ته سنڌ جي نجي اسڪولن اندر سنڌي ٻولي نه پڙهائيندڙ اسڪولن جا لائسنس ۽ رجسٽريشن ختم ڪئي ويندي. ان ڪم لاءِ اهڙن اسڪولن کي سنڌي ٻولي پڙهائڻ لاءِ پنهنجو رويو درست ڪرڻ لاءِ هڪ مهيني جي مهلت ڏني وئي آهي. ان ڪم لاءِ تعليم کاتي جي ضلعي آفيسرن کي نجي اسڪولن اندر سنڌي پڙهائيندڙ استادن ۽ اسڪولن بابت تڪڙي سروي ڪرائڻ جو پڻ حڪم ڏنو آهي. هڪ مهيني ۾ ڳالهه سامهون اچي ويندي ته ڪٿي ڪٿي سنڌي پڙهائڻ کان لاچار ادارا اسان جي سنڌ ۾ موجود آهن.

پيپلزپارٽي سرڪار ۽ ان جي تعليم لاءِ مقرر وزير جو اهو فيصلو ساراه جوڳو ضرور آهي پر هن کان اڳ به پاڪستان پيپلز پارٽي جي گذريل دور جي وزير پير مظهرالحق سنڌي ٻوليءَ لاءِ هانءُ ڦاڙ رڙيون ڪري ساڳئي قسم جا حڪم جاري ڪيا پر هن ڪيو ڪجهه به نه. هن کان ٿيو ڪجهه به نه. ان ئي دور ۾ آفيسرن ۽ وزيرن ملي ڀڳت ڪري ”سنڌي لينگوئيج ٽيچرز“(SLT) جي نالي ۾ هزارين آرڊر جاري ڪري مبينه طور ڪروڙين رپيا ڪمايا. هاڻي صورتحال هيءَ آهي ته انهن راشي ۽ بدديانت آفيسرن تعليم کاتي جي ڪامورن جي مدد ڪرڻ خاطر سڄو بار سياستدانن، وڏي وزير ۽ ايم پي ايز تي رکيو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ته انهن مبينه راشي ڪامورن اهي لسٽون جاري ڪيون آهن، جيڪي تعليم کاتي جي اعلي عملدارن کانسواءِ ٻيو ڪو ڏئي ئي نه ٿو سگهي. سو ، جناب وزير موصوف نثار کهڙي صاحب تي اڳيون قرض ۽ سندس فرض ٻئي هڪ وزن وانگر آهن، اسان ان سلسلي ۾ ڏسنداسين ته سنڌي ٻولي پڙهائڻ جي سلسلي ۾ پ پ پ جي هيءَ سرڪار ڇا ٿي ڪري؟ هڪ دفعو ٻيهر کهڙي صاحب پڻ سنڌي ٻولي کي بچائڻ جون ڪوششون شروع ڪيون آهن جيڪو مٿس سنڌي هئڻ جي ناتي فرضن ۾ شمار ٿئي ٿو .

سنڌي ٻولي سنڌو سڀيتا جي ٻولي ۽ دنيا جي پنجن قديم تهذيبن مان هڪ ٻولي آهي. اسانجي بدنصيبي آهي جو اڄ ڏينهن تائين اسين سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ته ڏياري نه سگھيا آهيون پر سنڌ جي وڏن شهرن جي اسڪولن اندر سنڌي ٻولي جو هڪڙو سبجيڪٽ به رائج نه ڪرائي سگھيا آهيون، جنهن سبب تعليمي ادا رن مان سنڌي ٻولي ڪجهه بي دخل ٿي چڪي آهي، باقي ڪناري تي آهي. سائنس اسان کي سيکاريو آهي ته ڪوبه ٻار پنجن سالن کان پندرنهن سالن تائين گهٽ ۾ گهٽ پنجن ٻولين سکڻ جي اهليت رکي ٿو. ڀارت ۾ ٽي ٻوليون سيکاريون وڃن ٿيون. هڪ مادري ٻولي، ٻين انگريزي ۽ ٽين ان صوبي يا رياست جي ٻولي. ان حساب سان ڀارت ۾ رهندڙ هر ٻار پنهنجي گهر جي ٻولي، پنهنجي رياست جي ٻولي ۽ انگريزي ٻولي سکي ٿو. ان جي ترقيءَ اسان جي سامهون آهي. سنڌ ۾ هر ٻار کي مادري ٻولي، سنڌي، انگريزي ، اردو ۽ چيني ٻوليون پڙهائڻ جي شروعات ٿيڻ گهرجي. انگريزي ۽ چيني اسان کي دنيا ۾ جتي ڪٿي وٺي ويندا. سنڌي اسان جي عزت آهي ۽ اردو اسان جي ملڪ ۾ رابظي جو ڪم ڪندي. صدر آصف علي زرداري جي محنت سان پاڪستان ۽ چين جي دوستي کي وڌيڪ گهرو بنائڻ لاءِ سنڌ جي سرڪاري توڙي نجي اسڪولن ۾ چيني ٻولي کي آپشنل سبجيڪٽ طور پڙهائڻ جا حڪم جاري ٿي چڪا آهن . اسانجي حڪمرانن کي ٻين ملڪن سان تعلقات وڌائڻ لاءِ ٻين ٻولين جي سهاري جي ضرورت محسوس ٿي رهي آهي مگر اسان اهو بلڪل وساري چڪا آهيون ته سنڌي ٻولي ڪيئن ۽ ڪٿي پڙهائي پئي وڃي.

گڏيل قومن جي اداري جو چوڻ آهي ته دنيا اندر جتي ڪيتريو ٻوليون ترقيون ڪري رهيون آهن اتي دنيا جون 5 هزار ٻوليون اهڙيون آهن جن جي وجود کي سخت خطرو آهي ، دنيا جي ڪنهن به علائقي ۾ جيڪڏهن ڪنهن ٻولي کي سندس ئي ڳالهائيندڙن جڏهن نظر انداز ڪيو آهي ته ان ٻولي جو وجود آهستي آهستي ختم ٿيندو رهيو آهي افسوس جو اسان سنڌ اندر رهي سنڌي ٻولي کي خاتمي ڏانهن وٺي وڃي رهيا آهيون اسانجي مادري سنڌي ٻولي پنهنجي جيئاپي جي جنگ وڙهي رهي آهي، سنڌ جي وڏن شهرن اندر سنڌي ٻولي پڙهائيندڙ ادارن جو تعداد اٽي ۾ لوڻ برابر آهي . اسين سنڌ ڌرتي جا رهواسي آهيون اسان تي سڀني ٻولين کان وڌيڪ سنڌي ٻولي جو حق آهي. پر اسڪولن جا استاد اسانجي ٻارن کي چون ٿا ته گهر ۾ سنڌي نه ڳالهايو. سنڌ جي تعليم واري وزير کي اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته سنڌي ٻولي جي ترقي آئيني حق آهي. ان کي نه پڙهائڻ وارا لازمي ادارا، يا ان کي بهتر ڪندڙ لازمي ادارا ( سنڌي ٻولي اختياري ۽ ٻيا) جي اهو ڪم نه ڪندا ته اها سندن رڳو غيرذميداري ناهي، اها سندن غيرآئيني حرڪت آهي. جي آئين کي ڪنهن قوم جي وجود ۽ ڪنهن ٻوليءَ جي بچاءَ ۾ استعمال نه ٿو ڪري سگهجي ته پوءِ اهي آئين اسان ڪيڏانهن ڪنداسين؟

کهڙي صاحب نجي تعليمي ادارن ۾ سنڌي ٻولي پڙهائڻ جو چئي ڄڻ سنڌين ۾ نئون روح ڦوڪيو آهي اڄ جڏهن اسين سنڌي پاڻ کي غير محفوظ ۽ پٺ تي سمجھي رهيا آهيون اسان جي نجي اسڪولن جي نصاب ۾ سنڌي ٻولي نه هجڻ برابر آهي سنڌ حڪومت کي گھرجي ته تعليمي ماهرن ، شاعرن ، اديبن ۽ ليکڪن سان گڏجاڻيون ڪري نصاب ۾ پڻ تبديليون آنديون وڃن ڇو ته هن وقت پڙهايو ويندڙ سنڌي نصاب ۾ سنڌي ٻولي سميت ٻين ٻولين جا لفظ استعمال ٿي رهيا آهن، جيڪو عمل پڻ سنڌي ٻولي لاءِ هاڃيڪار آهي. نصاب ۾ سنڌ جي تاريخي ماڳن ، بهادر اڳواڻن ، سياستدانن ، درويشن ، صوفين سميت سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت ۽ تاريخ کي وڌيڪ جاءِ ڏني وڃي ڇو ته بنيادي طور تي سنڌي ٻولي هڪ لئي واري ۽ سريلي زبان آهي . جيڪڏهن اسان ٻولي جي قاعدن تي عمل نه ڪيو ته موجوده سنڌي ٻولي به بدلجي چڪي هوندي .

دنيا جا ترقي يافته ملڪ جاپان ، ڪوريا ، ملائيشيا ۽ چين پنهنجي مادري ٻولي جي بقا سان گڏ واڌاري لاءِ قدم کڻي رهيا آهن انهن ملڪن اندر مادري ٻولين ۾ تعليم حاصل ڪرڻ لازمي بڻايو ويو آهي، جڏهن ته ڪنهن به ملڪ جو شاگرد اتي وڃي تعليم حاصل ڪرڻ چاهي ٿو ته سڀ کان پهريان ان کي ان ملڪ جي ٻولي سيکاري وڃي ٿي. خلاف ورزي ڪندڙن لاءِ سخت سزائون مقرر ڪيون ويون آهن جيڪو ڪنهن به ملڪ جي ٻولي جي بقا لاءِ بهترين قدم آهي . سنڌي ٻولي کي نقصان رسائڻ ۾ غير سنڌي استاد، انتظاميا ۽ والدين پڻ ملوث آهن جيڪي اهڙن عملن خلاف آواز اٿاريندي نظر نه ٿا اچن. جڏهن ته ورهاڱي کان وٺي اڄ تائين حڪمرانن سنڌ ۽ سنڌي ٻولي سان ڪو سڄڻائپ وارو ڪردار ادا نه ڪيو آهي. سنڌ اڄ به ڪٺور دور مان گذري رهي آهي، جنهن ۾ جاڳرتا واري مهم جي ذريعي ئي سنڌي ٻولي کي ترقي وٺرائي سگھجي ٿي ۽ سنڌي ٻولي خلاف ٿيندڙ سازشن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ اڻ ٿڪ جدوجهد ڪري سگهجي ٿي. ان جدوجهد ۾ تعليمي ادارن اندر سنڌي ٻولي پڙهائي اهم ڪردار ادا ڪري سگھجي ٿو. اسان سنڌ جي تعليم واري وزير ۽ سنڌ سرڪار مان اميدون رکئون ٿا. ڳالهين کان عمل ڪرڻ پاسي وڌڻ جون تاريخي اميدون ئي اسان کي بچاي سگهن ٿيون.
chemist_mehwish@yahoo.com

No comments:

Post a Comment