Tuesday 6 August 2013

COLUMN ABOUTH PRISON ATTACK AND TERRORISM IN PAKISTAN BY MEHWISH ABBASI

MY COLUMN PUBLISHED IN DAILY AWAMI AWAZ #PPP #MQM #PMLN #PTI #PAKISTAN #WORLD @BBCWORLD 0N 2 AUGUST 2013 ABOUT #DIKHAN #PRISONATTACK
ڏوهارين جا جيلن تي ٿيندڙ حملا ؟ !

پاڪستان اندر ڪيترن ئي ادارن تي حملا ٿي چڪا آهن جنهن وقت دهشتگردن چاهيو آهي هنن پنهنجا گھربل مقصد ماڻڻ خاطر پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کان سواءِ مختلف مرحلن تي حملا ڪري پنهنجا مقصد ماڻيا آهن . تازو ڊيرا اسماعيل خان جيل تي 150 هٿيار بندن رات جي اونداهي ۾ حملو ڪري پنهنجا 200 کان 300 ساٿي ڇڏائي آزادي سان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا جنهن سان اسانجي ملڪ جي وڏي بدنامي ٿي آهي . ڳجهين  ايجنسين طرفان حملي جي اطلاع باوجود اسانجي سرڪار سڳوري ۽ ادارا ننڊ ستل رهيا  اسانجي ملڪ اندر اهڙي قسم جو هي ڪو نئون واقعو نه آهي ان کان اڳ به جيلن ، ايجنسين ، ايئر بيسز ، ايئر پورٽن، چيڪ پوسٽن ۽ حساس ادارن مٿان حملا ٿي چڪا آهن جن ۾  هزارين بيگناهه انسانن سان گڏ پوليس ، فوج ۽ رينجرز جا اهلڪار پڻ پنهنجين جانين جا نظرانا ڏئي چڪا آهن .

ڊيرا اسماعيل خان جيل ۾ 5000 قيدي آهن جن مان ڪيترن تي دهشتگردي ۽ بم ڌماڪن جا ڪيس داخل آهن جن مان گھڻن جو تعلق طالبان سان آهي ، طالبان ڊيرا اسماعيل خان جيل تي حملو ڪيو انهن جي دعوي آهي ته ان حملي ۾ سندن هڪ ڪروڙ روپيا خرچ ٿيا آهن ڪيترين ئي گاڏين جو استعمال ڪيو ويو ، 50 کان 60 ڌماڪا ڪيا ويا . هي ڪارروائي اهڙي طرح سان ڪئي وئي جيئن ٽن ڪلاڪن جي انگلش ۽ هندوستاني فلمن ۾ ٿيندو آهي . اهي دهشتگرد ملڪ اندر ڪٿي به ڪنهن به جڳهه تي دبنگ انداز ۾ اچن ٿا ۽ پنهنجو ٽارگيٽ پورو ڪن ٿا جنهن جو ثبوت ڊيرا اسماعيل خان جيل آهي ، دهشتگرد جيل اندر داخل ٿي پنهنجي من ماني هلائڻ لڳا مائيڪ تي اعلان ڪري ڪري پنهنجي قيدي ساٿين کي سڏيندا رهيا ۽ انهن جي آزادي جو جشن ملهائيندا رهيا ڄڻ ته هي جيل نه انهن جو گھر يا پڪنڪ جي جڳهه هجي ۽ پنهنجي 243 کان وڌيڪ قيدي ساٿين کي ساڻ ڪري هليا ويا .

اسان گذريل ڪيتري ئي عرصي کان اهو تماشو ڏسي رهيا آهيون نه ئي طالبان سان ڳالهيون ٿين ٿيون نه وري انهن خلاف ڪارروائي ، گذريل حڪومت ته ڪُجھه نه ڪيو پر عوام کي موجوده حڪومت مان اميد هئي ، اهو واقعو جيڪڏهن ٻئي ملڪ ۾ ٿئي ها ته اتي قيامت اچي وڃي ها پر اسانجي رياست اسانجا ادارا مفلوج ٿي چڪا آهن . هن وقت اسان سرڪار جي رحم ۽ ڪرم تي نه بلڪه طالبان ۽ ٻوري بند لاش ڏيڻ وارن جي رحم ڪرم تي آهيون، جيڪي جڏهن چاهن اسانکي جيارن يا مارن . اهڙو ئي واقعو بنون ۾ به پيش آيو جنهن ۾ 350 قيدي فرار ڪرايا ويا، ان واقعي جي به خبر حڪومت کي اڳ ۾ ڏني وئي هئي پر ٿيو اهو جيڪو طالبان چيو اسان جا حڪمران ۽ عوام دهشتگردن جي رحم ڪرم تي آهن .

اهڙا ڪيترائي واقعا ملڪ ۾ پيش آيا آهن ، ڪراچي مهراڻ بيس ، پشاور ۾ حملا ، آئي ايس آئي ادارن تي حملا ، ميرٽ هوٽل تي حملو ٿيو ان سان گڏ تازو سکر ۾ آئي ايس آئي جي هيڊ ڪوارٽر تي حملو ڪيو ويو سکر جو حملو ان سڀ جي شروعات آهي ته  ان جي اطلاع هوندي به ڪي قدم نه کنيا ويا ، سڪيورٽي جا انتظام سخت نه ڪيا ويا . رياست جي اهڙي غير سنجيده رويي سبب اسانجي ملڪ ۾ دهشتگرد ايترا ته آزاد آهن جو ڪٿي به ڪارروائي ڪري سگھن ٿا. هاڻي ته ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ته مستقبل ۾ اسلام آباد ، لاهور ۽ ڪراچي ۾ به اهڙا حملا ڪري دهشتگرد پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪندي، اهو ثابت ڪندا ته هو رياست کان وڌيڪ طاقتور آهن ۽ جنهن وقت جيئن چاهين ڪري سگھن ٿا . پهريان دهشتگردي بم ڌماڪن سان ڪئي ويندي هئي هاڻي پوري تياري ۽ سوين ساٿين سان حملا ڪيا پيا وڃن ، انهن وٽ ايترو پئسو ۽ اسلحو آخر ڪٿان ٿو اچي ۽ اهي ملڪ اندر ايتري آساني سان داخل ڪيئن ٿين ٿا ۽ رهن ٿا اها سڀ اسانجي ادارن جي سخت ناڪامي آهي .

اسانجا حڪمران ، گورنر ۽ صدر ته ملڪ جو پورو دورو به نه ٿا ڪن، اڄ تائين لاهور جا ڪيترا دورا ڪيا ويا ، ڪراچي ۽ بلوچستان جي حالتن  تي ڪيتري نظر رکي وئي ، فاٽا جي دوري جي ته ڳالهه پري اسانجا حڪمران پشاور جو ئي دورو نه ٿا ڪري سگھن . افغانستان جي صورتحال ايتري خراب آهي، تنهن هوندي به اتان جو صدر ڪرزئي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ جو دورو ڪري چڪو آهي . صوبائي ۽ وفاقي حڪومت اهڙن واقعن کي روڪڻ ۾ سخت ناڪام ٿي چڪي آهي فوج ، رينجرز ۽ انٽيليجنس جا ادارا سڀ وفاق جي نگراني ۾ آهن . انهن سڀني ادارن جي ناڪامي ۽ غيرسنجيدگي ڏسي عوام پنهنجو تحفظ ڪنهن کان گھري. جڏهن اسانجا ادارا ، جيلون ، آفيسون ۽ عبادت گاهون ئي محفوظ نه آهن ته عام ماڻهن جا گھر ۽ حياتيون ڪيئن محفوظ رهنديون .

دهشتگردن جون اهڙيون ڪارروايون ڪلاڪن جا ڪلاڪن جاري رهن ٿيون ، واقعي جي جاءِ تي موجود ماڻهن کي يرغمال بڻايو وڃي ٿو ، اسانجي فوج ۽ پوليس ايتري ته ناڪام آهي جو مقابلي جي دوران به انهن کان کٽي نه ٿي سگھي ۽ اهي دهشتگرد وڏي رعبدار انداز سان ڪارروائي مڪمل ڪري هليا وڃن ٿا . پوري ملڪ ۾ دهشتگرديءَ جي حڪمراني آهي پوءِ رياست ڪهڙي نالي ۾ باقي رهيل آهي، ان جا  ادارا ڇو آهن، جيڪي اسانجي حفاظت نه ٿا ڪري سگھن. ڏسجي ته  انهن جي اسانکي ڪهڙي ضرورت آهي جو  پوليس ، فوج ۽ رينجرز تي اربين روپيا خرچ ڪيا وڃن ٿا ملڪ ۽ قوم جو تحفظ يقيني نه آهي . ڏينهن و ڏينهن دهشتگرد مضبوط ٿيندا پيا وڃن ۽ حڪومت ڪمزور پئي ٿئي. جيڪڏهن ڪا حڪمت عملي جوڙي سخت قدم نه کنيا ويا ته اهو وقت پري نه آهي جو اهي عنصر اسانجي ملڪ جي ڪنهن به اداري کي آساني سان نشانو بڻائي سگھندا . اڄ به وقت آهي حڪومت پنهنجيون اکيون پٽي ۽ طالبان خلاف سخت قدم کڻي روزاني ٿيندڙ واقعن ۽ انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪرڻ ۽ مذمت ڪرڻ کان اهو بهتر آهي ته رياست جي ادارن ، سڪيورٽي ، پوليس ۽ رينجرز کي مضبوط ڪيو وڃي، انهن کي جديد اسلحو ۽ جديد سهولتون مهيا ڪيون وڃن ته جيئن هو بهادريءَ سان دهشتگردن جو مقابلو ڪن ته جيئن اهي پاڪستان جو رستو ئي وساري ڇڏين . ياد رهي ته دهشتگردن سان ڪڏهن به ڳالهيون نه ڪيون وينديون آهن ، ڏوهارين وٽ هلي نه وڃبو آهي، انهن خلاف ڪارروايون ڪيون وينديو آهن . رياست جا ادارا ايترا ته مضبوط هجن جو ڪو به دهشتگرد اسانجي ملڪ کي ڪنهن به طريقي سان نشانو نه بڻائي سگھي . ملڪ اندر وڌندڙ دهشتگردي کي چٿڻ لاءِ سياستدانن پاران اي پي سي سڏائڻ تي زور ڏنو پيو وڃي، جڏهن ته ان کان اڳ سڏايل اي پي سيز تي ڪهڙو عمل ٿيو آهي جو هن وقت ٽيهر اي پي سي سڏائڻ جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، ان سڄي عمل کان بهتر ٿيندو ته رياست پنهنجيون ذميواريون نيڪ نيتيءَ سان ادا ڪري ادارن کي متحرڪ ڪري عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪيو وڃي، جيڪڏهن اهڙي آزادي سان جيل ٽوڙي ڏوهارين کي آزاد ڪرائڻ  جي راهه کان نه روڪيو ويندو ته اسانجي ملڪ مان دهشتگردي ۽ بد امني جو راڄ ختم ٿيڻ ناممڪن آهي.

مهوش عباسي

No comments:

Post a Comment