Monday 12 August 2013

my column published in daily awami awaz on 9th august 2013 about terrorism and ‪#‎politicians‬ ‪#‎pakistan‬#
وڌندڙ دهشتگردي ۽ سياستدانن جا رويا
مهوش عباسي
پاڪستان کي وجود ۾ آئي 66 سال ٿيڻ وارا آهن ان عرصي دوران اسانجي ملڪ تي ڊڪٽيٽرن ۽ جمهوريت جي دعويدارن حڪمراني ڪئي آهي وڏين دعوائن باوجود ڊڪٽيٽرن توڙي جمهوريت جي دعويدارن ملڪ کي بحرانن مان ڪڍڻ لاءِ ڪو خاص ڪردار ادا نه ڪيو آهي اسانجي ملڪ کي سڀ کان وڏو نقصان ڊڪٽيٽر جنرل ضياءِ جي دور ۾ ٿيو جنهن جي دور ۾ ملڪ اندر دهشتگردن زور پڪڙيو ملڪ اندر ملين جي تعداد ۾غير قانوني هٿيار آندا ويا . اسلام جي آڙ ۾ ملڪ سان جيڪو حشر ڪيو ويو قوم اڄ ڏينهن تائين سک جو ساهه کڻي نه سگھي آهي مٿان وري رهي سهي ڪسر مها ڊڪٽيٽر جنرل مشرف پوري ڪئي جنهن جي دور ۾ انساني حقن جي لتاڙ ٿي ان ۾ ان وقت وڌيڪ تيزي آئي جڏهن آمريڪي (war on terror) ۾ پاڪستان کي ڌڪڻ کانپوءِ آمريڪا کي گھربل جهادي ڊالرن عيوض وڪرو ڪيا جنهن بعد پاڪستان ۾ خودڪش حملن جي شرح ۾ واڌارو آيو ڊرون حملن کي پڻ ملڪ اندر وڌندڙ خودڪش حملن جو وڏو سبب سمجھيو وڃي ٿو اهي ئي سبب آهن جو اڄ هر پاسي خودڪش بمبار ڦهلجي چڪا آهن جنهن جو شڪار خيبر پختونخواهه ، بلوچستان ۽ سنڌ رهيو آهي . اڌ لک جي ويجھو عام شهري ، مذهبي عالم ، آفيسر ، غير ملڪي ، پوليس ، رينجرز ، حساس ادارن جا اهلڪار ان دهشتگردي جو شڪار ٿي چڪا آهن ايتري تائين جو عورتن کي پڻ ٽارگيٽ بڻايو ويو آهي جڏهن ته اسانجو مذهب عورت کي احترام جي نظر سان ڏسي ٿو بيگناهه عورتن تي اهڙا حملا جاهلانا ڪارروائي آهن .
دهشتگردن رياستي ادارن کي ايترو ته سوڙهو ڪيو آهي جو هاڻي اسلام آباد ، پشاور ، ڪوئٽا ، ڪراچي محفوظ نه رهيا آهن حڪومت جي وڏين ڪوششن ۽ ايجنسين جي رپورٽن باوجود دهشتگرد پنهنجيون ڪارروايون ڪرڻ ۾ ڪڏهن به پوئتي نه رهيا آهن . هن وقت ملڪ اندر طالبان جا ڪيترائي گروپ سرگرم عمل آهن جن ۾ تحريڪ طالبان ، افغان طالبان ، مالاکنڊ طالبان ، پنجابي طالبان ، القائده ، حرڪت المجاهدين ، لشڪر طيبه ۽ ٻيا ڪيترائي گروپ دهشتگرد ڪاررواين ۾ مصروف عمل آهن . ساڻن امن لاءِ ڳالهيون ڪرڻ لاءِ ٻه ڀيرا اي پي سيز گھرايون ويون آهن ان کانسواءِ ڪيترين جاين تي ساڻن پڻ ڳالهيون ٿي چڪيون آهن جن جا ڪي خاطر خواه نتيجا نه ملي سگھيا آهن ، جڏهن ته طالبان جا وڌيڪ گروپ هئڻ سبب آخر ڳالهيون ڪجن ته ڪهڙي ڌر سان ڪجن . ان کان اڳ به طالبان جي ڪجھ گروپن سان سوات ، پئرس ، افغانستان ۾ ڳالهيون ڪيون ويون پر طالبان پاڪستان جي آئين کي مڃڻ کان انڪار ڪيو جڏهن ته ملڪ جا حڪمران پاڪستان جي آئين کان ٻاهر ڳالهين لاءِ تيار نه آهن . ٻئي پاسي اهي به خدشا موجود آهن ته طالبان جي مڙني گروهن جي ذميواري ڪير کڻندو ۽ کين ڳالهين لاءِ ٽيبل تي ڪير آڻيندو ۽ ڪيتري قدر کين ملڪ جي آئين ، فوج ۽ عدالتن جي ڇانو ۾ رهي ڳالهين لاءِ آماده ڪندو .
اهڙي صورتحال ۾ ملڪ اندر سنجيده حڪمراني جي ضرورت آهي سياستدانن پاران ملڪ اندر ٿيندڙ دهشتگردي ۽ انساني جانين جي ضياءَ تي بيان بازيون ۽ مذمتون ته ڪيون پيون وڃن پر اهي ان عمل ۾ سنجيده نظر نه اچي رهيا آهن ملڪ اندر ادارن جي سخت ناڪامي نظر اچي رهي آهي . اڄ ملڪ جي سياستدانن جو اهو حال آهي ته هو هڪ ٻئي تي الزام تراشين کانسواءِ ٻئي ڪنهن مسئلي ڏانهن ڌيان گھٽ ڏئي رهيا آهن صرف ۽ صرف پنهنجي آقائن جي تحفظ لاءِ BLAME GAME کيڏي رهيا آهن هڪ پاسي اهي سياستدان آهن جيڪي هن وقت سياست ۾ سرگرم آهن ته ٻئي پاسي اهي جيڪي سياست ۾ پنهنجو وقت گذاري ويا . اسان وٽ ماضي ۾ اهڙي صورتحال رهي چڪي آهي ماضي مان سکڻ جي بجاءِ اسان اهي غلطيون ٻيهر دهرائي پنهنجو حال ۽ مستقبل تباهي ڏانهن وٺي پيا وڃون . پاڪستان جي موجوده صورتحال ۾ تباهي کان سواءِ ڪجھ به نظر نه اچي رهيو آهي سندن اهڙن روين سبب ڪڏهن ڪڏهن مونکي ايئن محسوس ٿيندو آهي ته ملڪ جا حڪمران قوم کي دهشتگردن جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ملڪ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ پويان رڌل آهن ڇو ته انهن کي ملڪ ۽ عوام سان ڪا به همدردي ۽ پيار نه آهي انهن کي پنهنجيون اعلي وزارتون ۽ عهدا عزيز آهن .
اهڙي صورتحال ۾ ذهن ۾ اهو سوال اچي ٿو ته پاڪستان جا سڀ کان وڏا دشمن طالبان آهن يا اسانجا سياستدان جيڪي مفادن جي سياست ڪري ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي رهيا آهن. موجوده وزير اعظم کي ڏسي ايئن لڳي رهيو آهي ڄڻ هو پاڪستان جو نه بلڪه لاهور جو وزير اعظم هجي انهن کي پنجاب جا مسئلا ته حل ڪرڻ ۾ وڏي دلچسپي آهي پر ملڪ جي مسئلن جي حل لاءِ آخر ايتري دلچسپي ڇو نه آهي ڇا صرف پنجاب ئي پاڪستان آهي .
ملڪ ۾ جيڪو ڪجھ ٿي رهيو آهي اهو سڀ ايجنسين جي نظر ۾ آهي پر هاڻي ايجنسين ۾ به سرد جنگ شروع ٿي چڪي آهي جنهن جي ڪري هو ڪيتريون ئي ڳالهيون لڪائي رهيا آهن جنهن جو فائدو دهشتگردن کي حاصل ٿي رهيو آهي . اڄ ڏينهن تائين ملڪ ۾ ڪا اهڙي پاليسي نه جوڙي وئي آهي جنهن جي اندر سڀ ايجنسيون ، ادارا ، پوليس ، رينجرز هڪ ٿي ڪم ڪن جن جي نگراني بهتر نموني سان ڪئي وڃي . اسان وٽ اهڙي پاليسي جي ضرورت آهي جيڪا هر سياستدان پارٽي ، مذهبي توڙي عام ماڻهو قبول ڪري ۽ ان تحت عمل ڪري . هتي مسئلن جو حل لفظن جي جادوگري سان نه بلڪه عمل سان ممڪن آهي . ملڪ ۾ دهشتگردي وڌي رهي آهي ان کي روڪڻ لاءِ ڪي به مثبت قدم نه پيا کنيا وڃن بس خاموشي سان تماشو ۽ بيگناهه ماڻهن جو قتل ڏٺو پيو وڃي ، اڄ دهشتگردن جي ايتري همت وڌي وئي آهي جو هو ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ ڪٿي به ڪنهن به وقت جيئن چاهن تيئن حملو ڪري ڪارروائي پوري ڪري سگھن ٿا ۽ پنهنجا مطالبا مڃرائي سگھن ٿا . دهشتگردن کي روڪڻ وارن کان وڌيڪ مضبوط دهشتگردن جو ساٿ ڏيڻ وارا ٿي چڪا آهن . اسانجا ادارا ، سياستدان پنهنجيون ذميرواريون صحيح نموني ادا نه ڪري رهيا آهن جنهن جي جيڪا ذميواري آهي ان کي اها نيڪ نيتي سان پوري ڪرڻ گھرجي .
جيڪڏهن انسانيت واري اک سان ڏسجي ته دهشتگردي ڪري بيگناهه ماڻهن کي مارڻ سان نه ته مذهب جي خدمت ڪري سگھجي ٿي نه ئي اهڙن عملن سان عوام کي ڪو فائدو رسائي سگھجي ٿو ، جبلن ۽ شهرن اندر پنهنجا ٺڪاڻا ٺاهي بيگناهه انسانن کي رت ۾ وهنجاريندڙن کي ٿورو اهو به سوچڻ گھرجي ته سندن اهڙن عملن سان سندن ناپاڪ ارادا ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا نه ئي اهڙي طريقي سان پنهنجا مقصد ماڻي سگھجن ٿا جيڪڏهن ان ئي طريقي سان هٿيارن جي راند جاري رکي وئي ته ان سان نقصان ٻئي ڪنهن جو نه پر پنهنجو ئي ٿيندو جيڪو سڀ اڄ ٿي رهيو آهي . گذريل ڪجھ ڏهاڪن کان وٺي پاڪستان ۾ آپگھاتي حملا ڪندڙن ۽ دهشتگردي ڪندڙن جو جيڪو زور وڌيو آهي جنهن دوران هزارين بيگناهه انسان مارجي چڪا آهن ۽ ان کان وڌيڪ انگ اپاهج ۽ معذور ماڻهن جو موجود آهي جيڪي پنهنجيون اڌوريون زندگيون گذاري رهيا آهن جڏهن ايترين ڪاررواين باوجود دهشتگردن ۽ سندن ساٿارين کي ڪجھ به هڙ حاصل نه ٿيو آهي ته آئنده کين ڇا حاصل ٿيندو . ان لاءِ کين هٿيار ڦٽا ڪري محبت ، امن ، ڀائيچاري ۽ ترقي ڏانهن قدم وڌائي عوام جي حقن لاءِ حقيقي ۽ جمهوري انداز ۾ جدوجهد ڪرڻ گھرجي ڇو ته اهو طئي آهي ته ٻئي جي جان وٺندڙ پاڻ به محفوظ نه رهندو آهي . جيڪڏهن ايترين اپيلن ۽ درخواستن باوجود به دهشتگردن جو هنياءُ ٿڌو نه ٿو ٿئي ته حڪومت کي گھرجي ته ساڻن ڳالهين ڪرڻ بجاءِ سندن رستا سوڙها ڪري سندن ڪاررواين تي نظر رکي سختي سان منهن ڏنو وڃي ڇو ته اسين ڳالهين جي آڙ ۾ ڪيترين ئي جانين جا نظرانا ڏئي چڪا آهيون ان لاءِ ضروري آهي ته دهشتگردن جو ساهه مٺ ۾ آڻي سندن خاتمو ڪرڻ گھرجي ۽ هاڻي ڳالهين جا دور ختم ٿيڻ گھرجن ڇو ته دهشتگردن جي گھرن ۾ گل نه موڪلبا آهن جنهن لاءِ ضروري آهي ته حڪمران پنهنجيون نيتيون صاف ڪن ۽ هڪ آواز ٿي ملڪ اندر 66 سالن کان موجود گند کي صاف ڪيو وڃي .
chemist_mehwish@yahoo.com

No comments:

Post a Comment