Saturday 31 August 2013

ڪراچي کي هٿيارن کان پاڪ ڪريوmy column in awami awaz 31 august #Karachi #Pakistan #Army #Muhajir Republican Army

پاڪستان کي قائم ٿئي 66 سالن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي ان سڄي عرصي دوران ملڪ مختلف بحرانن جو شڪار رهيو آهي جنهن جي حل لاءِ هر ايندڙ حڪومت ويندڙ حڪومت جي پاليسين تي تنقيد ڪندي ملڪ جي سڌاري واڌاري ۽ بحران ختم ڪرڻ لاءِ وڏيون دعوائون ڪندا رهيا آهن ۽ قوم اهڙي خوشخبري ملڻ جو انتظار ڪندي اڌ صدي کان وڌيڪ عرصو گذاري چڪي آهي . جهڙي طرح ميڊيا کي ڪنهن هيڊلائين جو انتظار هوندو آهي اهڙي طرح ملڪ اندر موجود بحرانن اهڙو ڪر کنيو آهي جو هر روز نوان اشو ۽ نيون هيڊ لائينون اڀري رهيون آهن اهڙن اشوز يا هيڊلائينز جي پويان ڪهڙا ڳجھا هٿ آهن يا ڪهڙيون ڪارگزاريون آهن انهن تان به پردا کڄي نه سگھيا آهن . ملڪ اندر جڙندڙ فيصلا ۽ خبرون ڪجھ ڏينهن عدالتن ۽ ميڊيا جي زينت بڻجڻ بعد اهڙي طرح غائب ٿي وينديون آهن ڄڻ ملڪ اندر ڪو مسئلو ئي پيدا نه ٿيو هو .
ڪيتري وقت کان ”بلوچ لبريشن آرمي“ ۽ هاڻي وري اوچتو ڪراچي اندر ”مهاجر ريپبلڪ آرمي“ جي وجود تي بحث ڇڙي چڪو آهي جنهن بابت ملڪ جا سياستدان ۽ تجزيانگار مهاجر ريپبلڪ آرمي جي ڳالهه ته ڪن ٿا پر ان جا تفصيل ڏيڻ کان لنوائي رهيا آهن. جيڪڏهن انهن عنصرن جي باري ۾ اصلليت عوام کي نه ٻڌائي وئي ته ان جا گهڻا نقصان ٿيندا. آخر ڪيسيتائين اسين مصلحتن کان ڪم وٺي ملڪ ۽ قوم جو ٻيڙو ٻوڙيندا رهنداسين . ان قسم جا نالا ۽ تحريڪون ملڪ اندر وڏي عرصي کان موجود آهن پوءِ ڪڏهن جناح پور جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ڪڏهن مهاجر صوبو گھريو وڃي ٿو ايتري تائين جو ريڊ زون اندر احتجاج ڪندي الڳ صوبي جو مطالبو ڪيو وڃي  ٿو ايتري تائين جو اسان جا وزير مشير اهڙن احتجاجن تي خاموش تماشائي بڻيل هئا ۽ هاڻي وري مهاجر ريپبلڪ آرمي کي سامهون آندو ويو آهي .
ٻه سال اڳ  سنڌ اندر مهاجر لبريشن آرمي جو نعرو لڳايو ويو، جنهن جو سڀ کان وڏو مقصد مهاجر صوبي جو قائم ڪرڻ هو. هي هڪ گروه آهي.انهن جا نعرا ۽ مطالبا اڄ به ڪراچي ، حيدرآباد ، ميرپورخاص جي ديوارن تي موجود آهن اهڙن نعرن جي حمايت ڪندي هڪ خطاب ۾ ايم ڪيو ايم سربراه چيو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم کي ديوار سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ديوارن تي لکيل به پڙهي وٺو . مهاجر لبريشن آرمي جي اها خواهش رهي آهي ته انهن کي ۽ ملڪ اندر موجود هر اها ڪميونٽي ۽ زبان جيڪا اڪثريت رکندي هجي تن کي الڳ صوبا  ڏنا وڃن ، ان بابت گھڻن ئي ماڻهن جو اهو خيال رهيو ته اڄ مهاجر جن جي ايتري آبادي به نه آهي الڳ صوبي جي گھر ڪري رهيا آهن سڀاڻي هو الڳ ملڪ به گھرندا ڇو ته بيروني طاقتون پڻ سندن اهڙن مقصدن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ساڻن سهڪاري آهن .
ايئن محسوس ٿي رهيو آهي ته هڪ دفعو ٻيهر مهاجر ريپبلڪ آرمي جو نعرو لڳائي وڌيڪ قتل و غارت ۽ خوف  حراس واري صورتحال پيدا ڪئي ويندي. ملڪ جي سڀني پارٽين کي اهڙا گروهه وجود ۾ آڻڻ کان پهريان ٻه دفعا ضرور سوچڻ گھرجي ڇو ته اهڙن گروهن سان حاصل ته ڪجھ نه ٿيندو پر انساني جانين جو نقصان ۽ ملڪ اندر نفرتون پيدا ٿينديون.اهڙا گروهه ملڪ ۾ موجود پوليس ۽ رينجرز کان وڌيڪ طاقت جو مظاهرو ڪندي پنهنجي قيادت جي حڪم تحت ملڪ جي قانون ۽ آئين خلاف ڪارروايون سرانجام ڏئي رهيا آهن . مهاجر ريپبلڪ آرمي جو نعرو لڳائڻ وارن جو اهو به چوڻ آهي ته هو سنڌ سان 66 سال سچا ۽ سٺا ٿي رهيا پر سنڌ انهن سان ڪا به چڱائي نه ڪئي ۽ گذريل سال ٿيل سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي پيپرن ۾ مهاجرن کي پاس نه ڪيو ويو ۽ کين سيٽون به نه ڏنيون ويون ان جي ڪري پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ اسان ڪي به ڪارروايون ڪرڻ جو حق رکون ٿا .
جڏهن سپريم ڪورٽ ڪراچي ۾ وڌندڙ رتو ڇاڻ ۽ دهشتگردي خلاف ڪيس هلائيندي آهي ته پوليس ، رينجرز ۽ ٻيا ادارا تحرڪ ۾ اچي ويندا آهن ۽ عدالتن کي مطمئن ڪرڻ لاءِ چند ڪارروايون ڪندا آهن ڪجهه وقت کانپوءِ اهي خاموش ٿيل ڪارروايون ٻيهر شروع ڪيون وينديون آهن. پوليس ۽ رينجرز جو ڪردار عوام جي سامهون آهي جيڪي پنهنجي بيوسي عدالت آڏو پڻ ظاهر ڪري چڪا آهن پر ان جو اهو مقصد هرگز وٺڻ نه گھرجي ته هاڻي ڪراچي اندر عدالتن ، پوليس ، رينجرز ۽ ٻين ادارن کي ڪاررواين کان روڪيو ويندو.
هن وقت جيڪڏهن اسان هوش کان ڪم نه ورتو ۽ صوبي سنڌ سميت پوري ملڪ جي بهتري لاءِ فيصلا نه ورتا ته پوءِ ملڪ جو الله حافظ آهي گذريل سال صدر پاڪستان جناب آصف علي زرداري امن امان بابت ڪراچي ۾ اعلي سطحي اجلاس ۾ ڪراچي جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو هو ته ڪو وقت هو جو آءُ ڪراچي ۾ سائيڪل تي گھمندو هيس ۽ ڪراچي جو شهر امن جو گهوارو هو . منهنجي خيال ۾ صدر صاحب ڪراچي ۾ جڏهن سائيڪل تي گھمندو هو ان وقت جو مثال ڏيڻ کان اڳ صدر صاحب کي سوچڻ گھرجي ته ان وقت جي حڪمرانن ۽ اڄ جي حڪمرانن ۾ آخر ڪهڙو فرق آهي جو ڪجھ سال اڳ ساڳئي شهر ۾ ماڻهن جي جان ۽ مال محفوظ هوندو هو اڄ سندن دورِ حڪومت ۾ ڪيتريون ئي دهشتگرد تنظيمون وجود ۾ اچي چڪيون آهن اها ان وقت جي حڪومت جي ڪاميابي ۽ سندن ناڪامي آهي .
جنهن ڪراچي کي روشنين جو شهر سڏيو ويندو هو اڄ هٿ ٺوڪيون تنظيمون جوڙي ڪراچي کي بيروت بڻايو پيو وڃي، جنهن لاءِ حڪومت کي مصلحتن ۽ مفادن کان بالاتر ٿي سخت فيصلا ڪرڻا پوندا پوءِ ڇو نه اهڙين ڪاررواين جي زد ۾ ڪا طاقتور ڌر ملوث ڇو نه هجي . رياست جي ذميوارين ۾ شامل آهي ته ڪراچي سميت سڄي ملڪ اندر آيل ناجائز هٿيار هٿ ڪري ملڪ کي هٿيارن کان پاڪ ڪيو وڃي ۽ ڪراچي اندر مهاجر ريپبلڪ آرمي ۽ اهڙي انداز ۾ جوڙيل دهشتگرد گروهن جو خاتمو ڪري قوم کي سندن ناپاڪ ارادن کان آگاهه ڪري ۽ سندن پٺ ڀرائي ڪندڙن کي وائکو ڪري مٿن قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي .
مهوش عباسي

No comments:

Post a Comment