Monday 19 August 2013

my column appeared in yesterday awami awaz about sindhi nationalists killing ‪#‎AfzalPahnwar‬ ‪#‎JSFF‬ ‪#‎JSMM‬ ‪#‎PMLN‬ ‪#‎PTI‬ ‪#‎PPP‬ ‪#‎PAKISTAN‬


انساني حقن جون تنظيمون ۽ چار قتل

ٻه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ ضامن شاهه، صوبل ڏهر، يامين چاچڙ ۽ ڪوٽڙي ۾ افضل پنهور کي سرڪاري پوليس پنهنجي ”ڪارڪردگي“ ڏيکاري جنهن نموني قتل ڪيو،ان سان سندن ناپاڪ ارادا ظاهر ٿي پيا آهن ، چئن نوجوانن جي قتل تي سنڌ سوڳوار بڻيل آهي. پوليس گردي جو هي ڪو نئون واقعو نه آهي نوجوانن کي مختلف بهانن سان تعليمي ادارن مان گرفتار ڪري ۽ گھربل ”مقابلن“ ۾ قتل ڪرڻ جو رواج عام بڻيل آهي. نوجوانن کي کنڀي کڻي وڃي گم ڪري، مختلف موقعن جي آڙ ۾ هٿ سان ڪارروايون ڪري کين گوليون هڻي مقابلا ڄاڻائي قتل ڪيو ويندو آهي. ڪراچي ۽ ڪوٽڙي ۾ جنهن ڏينهن هنن نوجوانن کي قتل ڪيو ويو، ان تي سنڌي ميڊيا اصل سچايون سامهون آنديون آهن. جڏهن ته انهن مقتولن خلاف پوليس ڪو به ڪرمنل رڪارڊ هٿ نه ڪري سگھي آهي جن کي ڏوهاري ڄاڻائي ماريو ويو. سنڌي ماڻهن کي اذيتن ۾ مبتلا ڪري کين ننڌڻڪو ڪيو پيو وڃي. حقيقيتون ظاهر ڪرڻ گھرجن ميڊيا ۽ حڪمران سنڌي ماڻهن جو ساٿ نه ڏيندا ته ڪير ڏيندو.

مخصوص ميڊيا صرف پنهنجن چينلن جي مشهوري (Rating) وڌائڻ لاءِ 5 کان 6 ڪلاڪ هڪ چرئي ۽ موالي ماڻهو جو ڊرامو هلائي سنڌي نوجوانن جي قتل کي هڪ پاسي لڪل رکيو جڏهن ته ٻئي ڏينهن به هن ذهني مريض جون خبرون ميڊيا جي زينت بڻيل رهيون، ڪن کي ايوارڊ ڏيڻ جون ڳالهيون ڪيون ويون ته ڪن کي بيوقوف ڪوٺيو ويو، جڏهن ته سڪندر اسلام آباد اندر ڪنهن کي به يرغمال نه بڻايو هو ان خلاف فوري طور تي سخت ڪارروائي ٿي پئي سگھي. سنڌ ۾ هٿ وٺي اهڙي صورتحال پيدا ڪري حالتن کي سنگين بڻائي سنڌ کي بلوچستان ٺاهيو پيو وڃي. هڪ طرف سنڌي نوجوانن کي قتل ڪري ٻئي طرف پوليس فلسطيني پوليس وانگر سنڌي وسنديون ڊاهي رهي آهي. سنڌ جا شهر ، ڳوٺ ، وستيون واهڻ سنڌين جي ملڪيت آهن، انهن تي ڪنهن به ڌارئين يا پوليس صوبيدار ملڪ سليم جهڙن وحشي درندن جو ڪو به حق نه آهي، جو پلاٽن خاطر بيگناه انسانن جون جانيون وٺي کين بيدخل ڪيو وڃي. پوليس بضد آهي ته اسانکي ڪارروائي ڪرڻ کان ڪير به روڪي نه ٿو سگھي جڏهن ته ڪراچي اندر ڪيتري عرصي کان دهشتگردي هلندڙ آهي پر هن وقت تائين پوليس ڪارروائي ڪندي سندن گھر نه ڊاهيا آهن. عالمي برادري ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي قومي ڪارڪنن جي ناحق خون جو نوٽيس وٺڻ گھرجي. هن واقعي جا جاچ پوليس آفيسرن بجاءِ اعلي عدالتي جج ذريعي ٿيڻ گھرجي، ڇو ته پوليس عملدار پنهنجي پٽي ڀاين کي بچائڻ ۾ هر ڀيري اهم ڪردار ادا ڪندا آهن .

آءُ شهيد افضل پنهور جي والده کي سلام پيش ڪريان ٿي جنهن کي پنهنجي پٽ جي سنڌ ڌرتي مٿان قربان ٿيڻ تي فخر آهي اسين اڄ به نا اميد نه ٿيا آهيون، کيس تاريخ ۾ سونهري اکرن سان ياد ڪيو ويندو. سنڌ ڌرتي جي تحفظ ۽ بقا لاءِ هرنوجوان پنهنجو سر ڏيڻ لاءِ تيار آهي ”روڪ جي روڪي سگھين “.

مهوش عباسي

No comments:

Post a Comment