Wednesday 16 April 2014

My column in Daily sindh globe newsppaer

مهوش عباسي
مشرف مامري تي ٻٽو معيار قائم ڪري قانون کي مذاق نه بڻايو
وڏين دعوائن باوجود ملڪ اندر قانون ، آئين ۽ عدالتي نظام پنهنجي پيرن تي بيهي نه سگھيو آهي جنهن جو وڏو فائدو ملڪ جي ڊڪٽيٽرن ، مختلف مرحلن تي حاصل ڪيو آهي آئين ۽ قانون جي لتاڙ ڪندي جمهوريت جون ڌڄيون اڏايون آهن مگر ملڪ جون ڪجهھ ڌريون ايتريون ته طاقتور آهن جوهن وقت تائين ڪو به ان ڏوهه جي سزا ماڻي نه سگھيو آهي جڏهن ته جمهوريت جا دعويدار به سندن پٺ ڀرائي ڪندي پنهنجا مفاد ماڻيندا رهيا آهن پوءِ جنرل ضياءِ هجي ، ايوب ، يحيى توڙي جنرل مشرف . هنن هر ڀيري جمهوريت کي سخت نقصان پهچايو آهي ۽ عوام جا حق هضم ڪيا آهن ، ٻيا ته ان ڏوهه کان بري ٿي ويا مگر جنرل مشرف گرفت ۾ اچي ويو جنهن عدالتن کي منهن ڏنو ان سان گڏ بيماري جا بهانا پڻ ڪندو رهيو آخري ڀيرو جڏهن عدالت کيس طلب ڪيو ته سابق ڪمانڊو پاڻ کيآءِ سي يو ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو . عدالت هر حالت ۾ کيس پيش ٿيڻ لاءِ پابند بڻايو ۽ جڏهن مشرف کي ان ڳالهه جو يقين ٿي ويو ته هن ڀيري کيس هر صورت عدالت ۾ پيش ٿيڻو پوندو جنهن بعد پوليس ، رينجرز ، حساس ادارن جي پهري ۾ عدالت ۾ پيش ٿيو جنهن جي سڪيورٽي تي حڪومت جا ڪروڙين روپيا خرچ ٿيا ، جتي هن پنهنجي صفائي ۾ ڳالهائيندي چيو ته مون ملڪ جي خدمت ڪئي آهي ، ملڪ لاءِ جنگيون وڙهيون آهن مون کي غدار ڇو پيو ڪوٺيو وڃي ، هن عدالت کي استدعا ڪئي ته کيس ماءُ جي بيماري سبب اي سي ايل مان نالو خارج ڪري ٻاهر ملڪ وڃڻ جي اجازت ڏئي . سوچڻ جي ڳالهه آهي ته هن وقت ماءُ جي بيماري سبب ملڪ جي مخصوص ماڻهن جون همدرديون مشرف ڏانهن وڌنديون پيون وڃن جيڪڏهن قانون سڀني لاءِ برابر آهي ته جيلن اندر سڙندڙ ڪيترن قيدين جا وارث بيمارين ۾ فوت ٿي چڪا آهن ، ڪيترا مرڻ ڪنڌي تي آهن ان جاءِ تي انهن قيدين لاءِ ماڻهن جي دلين ۾ رحم ڇو نه ٿو اچي اتي قانون جو ٻٽو معيار نظر اچي رهيو آهي جيڪڏهن مشرف کي پنهنجي ماءُ پياري آهي ته ٻين جون به جيجل امڙيون راهون نهاري رهيون آهن . هڪ پاسي ملڪ اندر پابندي مڙهيل تنظيمن جي هڪ حڪمران جماعت پٺڀرائي ڪري رهي آهي جيڪي آزادي سان ملڪ اندر ريليون ۽ جلسا جلوس ڪري ملڪ جي سياستدانن کي ڌمڪائي رهيا آهن جن تي ڪا به پابندي يا رنڊ روڪ نه ٿي وڌي وڃي جتي ملڪ جو آئين ۽ قانون تحرڪ ۾ نه ٿو اچي . طالبان جن جا هٿ هزارين بيگناه انسانن جي رت سان رڱيل آهن قانون ۽ آئين کي پاسيرو رکي انهن سان ڳالهيون ڪيون پيون وڃن ان جاءِ تي جيڪڏهن سنڌ جي اندروني صورتحال تي نظر وجھجي ته سنڌ جي قديم درسگاه مادر علمي سنڌ يونيورسٽي ۾ شاگردن پاران31 مارچ تي يوم سنڌ ملهائڻ جون تياريون ڪيون وڃن ٿيون ته يونيورسٽي اندر 2 ڏينهن اڳ کان ئي سڪيورٽي ۽ شاگردن جي اچ وڃ تي سخت نظر رکي وڃي ٿي ، پوائنٽ بسن کي اڌ رستي تي روڪيو وڃي ٿو جنهن جو سبب سڪيورٽي ڄاڻايو وڃي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي سخت پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو ۽ پنهنجن پنهنجن ادارن ڏانهن پنڌ وڃڻو پيو جيڪو سلسلو 3 ڏينهن جاري رهيو ، جساف ۽ جسمم کي اعلانيل جلسو ڪرڻ نه ڏنو ويو پوليس ۽ رينجرز رستا سيل ڪري ڇڏيا ، ڇڪتاڻ وڌڻ سبب شاگردن مٿان لٺ بازي ، شيلنگ ، فائرنگ ڪندي ڪڙڪي پيا جڏهن ته ڪيترائي شاگرد ۽ شاگردياڻيون گرفتار ڪيا ويا . ڪيتريون ئي شاگردياڻيون مزاحمت ڪندي گرفتار شاگردن سان ڀريل گاڏين آڏو ڌرڻو هڻي ويهي رهيون جنهن سان سخت ڏهڪاءُ پکڙجي ويو . حڪمرانن کان ان جاءِ تي آءُ اهو سوال پڇنديس ته شاگردن کي آخر سياست ڪرڻ کان ڇو روڪيو پيو وڃي دنيا اندر تعليمي ادارن ۾ شاگردن کي آزادي سان سياسي تعليم ۽ سياست ڪرڻ جا حق حاصل آهن ، ڇو ته سٺا شاگرد پڙهيل لکيل ئي سٺا سياستدان بڻبا باقي نه ته چوڌرين ،وڏيرن ، ڀوتارن ، جاگيردارن ۽ سردارن جي سياست ۾ مداخلت سبب جمهوريت جي جيڪا بدنامي ٿي رهي آهي سا دنيا آڏو آهي اهي ئي ڌريون نه ٿيون چاهين ته شاگرد پنهنجيون سياسي سرگرميون جاري رکي اسان سان ڪلهو ڪلهو ۾ ملائين اهڙن ماڻهن کي پنهنجا ليڊر منتخب ڪري پاڪستان جي سياست جو رخ ئي بدلجي چڪو آهي ، جمهوري دور ۾ هر ماڻهو کي پنهجي حق لاءِ آواز اٿارڻ ، احتجاج ڪرڻ ، جلسا جلوس ڪرڻ جي اجازت حاصل هوندي آهي جيڪو انساني حقن ۾ پڻ شامل آهي پر اسان وٽ نظام ابتڙ نظر اچي رهيو آهي جيڪڏهن پابندي مڙهيل تنظيمون جلسا جلوس ڪن ٿيون ته انهن تي ڪو تحرڪ وٺڻ بجاءِ کين سڪيورٽي فراهم ڪئي پئي وڃي جڏهن ته جساف ، جسمم ۽ ٻين تنظيمن جي سرگرمين تي پابندي لڳائي وڃي ٿي اهڙن عملن سان سنڌ ۾ منفي سوچ پيدا ٿي رهي آهي . 2 سال پهرين بشير خان قريشي کي زهر ڏئي ماريو ويو ملڪ جو شهري هئڻ ناتي سندس وارثن ۽ ڪارڪنن کي هن وقت تائينانصاف ته مهيا نه ٿي سگھيو آهي پر سندس ايف آءِ آر ڪٽائڻ لاءِ سندس وارثن ۽ ڪارڪنن کي ڪشالا ڪاٽڻا پيا ، چند ڏينهن اڳ سندس ڀا مقصود قريشي ۽ سندس ساٿي سلمان وڌو کي برداشت نه ڪندڙن لٽيرن گوليون هڻي مارڻ کان پوءِ باه ڏئي کين ساڙي ڇڏيو جن جا مڙه 23 مارچ تي ڪراچي فريڊم مارچ دوران رکي سندن جنازو پڙهايو ويو ۽ دنيا ڏٺو ته سنڌي ماڻهو رياستي ڏاڍ سبب بي يارو مددگار ماريا پيا وڃن ايترو ڪجهھ ڪرڻ کانپوءِ به سندن ڏاڍ نه گھٽيو صنعان قريشي ڀريا ٿاڻي تي پنهنجي چاچي ۽ سندس ساٿي سلمان وڌو جي قتل ڪيس جي ايف آءِ آر درج ڪرائڻ لاءِ پهتا ته سندن ڪيس نه ورتو ويو آخر اهي ڏاڍايون ، سنگينيون ۽ ٻٽو معيار ملڪ اندر صرف سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن لاءِ ڇو بڻايو ويو آهي جو جيڪڏهن ذوالفقار علي ڀٽو جي ڳالهه اچي ته کيس ڦاهي چاڙهيو ٿو وڃي ، جيڪڏهن نواز شريف تي ڪيس هلن ٿا ته معافي وٺي کيس ٺٺ ٺانگر سان سعودي شهنشاهن حوالي ڪيو وڃي ٿو ساڳي نموني جنرل مشرف کي ڪيسن مان آجو ڪرائڻ لاءِ جتن ڪيا پيا وڃن لڳي ايئن رهيو آهي ته هو پاڪستان ۾ چند ڏينهن جو مهمان آهي جيئن ئي کيس ڀڄڻ جو سگنل مليو ته هو ٻيهر پاڪستان ڏانهن رخ نه ڪندو ۽ سندس واپسي جي ذميواري ڪير ڏيندو ماضي ۾ ڪيترائي اهڙا مثال موجود آهن ته ڪيترائي ماڻهو واعدا ڪرڻ باوجود واپس نه وريا ،ان جاءِ تي سندس ڪيسن کي منهن ڪير ڏيندو آخر ڪهڙن بنيادن تي رياست جي آئين ۽ قانون کي پٺي ڏئي پاڻمرادو فيصلا ڪري غدارن ۽ ڏوهارين مان هٿ ڪڍيا پيا وڃن . هن وقت جيڪڏهن اسان ملڪ جي قانون ، آئين ۽ عدالتن جو احترام نه ڪيو ۽ ٻٽو معيار برقرار رکيو ته اسين ڪڏهن به حق ۽ انصاف جي راهن تي گامزن ٿي نه سگھنداسين ڇو ته قانون ۽ آئين نه ڪنهن سان نفرت ڪندو آهي نه ئي محبت ان لاءِ اسان کي حقيقت پسندانه رويو اختيار ڪرڻو پوندو .
- See more at: http://www.sindhglobe.com/article.php?

No comments:

Post a Comment