Wednesday 30 April 2014

My column in daily #AwamiAwaz 30-04-2014 #Islamabad #MissingPerson's #Protest #Pakistan #Police #AaminaJanjooa


ريڊ زون جو تقدس انساني جانين کان وڌيڪ آهي؟

مهوش شبير عباسي

گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ ڪيتري عرصي کان ڌرڻو هڻي ويٺل گم ٿيلن جي وارثن جو آواز نه ٻڌڻ سبب هنن پارليامينٽ هائوس ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي پوليس مٿن ڪڙڪي پئي ڪيترن نوجوانن ، بزرگن ، عورتن مٿان تشدد ۽ شيلنگ ڪئي وئي جڏهن ته ڊفينس آف هيومن رائيٽس جي چيئرمين آمنه مسعود جنجوعه کي احتجاج دوران گهلي پوليس جي گاڏي ۾ اڇلايو ويو ايئن لڳي رهيو هو ته هن ملڪ اندر جمهوريت براءِ نام آهي جڏهن ته پوليس جو عورتن ۽ ٻين ڪارڪنن مٿان ٿيندڙ تشدد ڏسي ڊڪٽيٽرن جي دور جي ياد تازا ٿي رهي هئي . جڏهن ته جمهوريت جا دعويدار ڪبوتر جيان اکيون پوري ويهي تماشو ڏسندا رهيا ڪنهن طرف کان مذمتي بيان ڏسڻ ۾ نه آيو يا ڪنهن به وزير مشير موقعي تي پهچي مظاهرين سان ڳالهيون نه ڪيون .

هي احتجاج گذريل 6 سالن کان جاري آهي گم ٿيل ماڻهن جا وارث گذريل حڪومت کان گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ پر امن احتجاج ڪري رهيا آهن جڏهن ته مجبورن انهن پنهنجي احتجاج جو دائرو وڌايو جنهن جي نتيجي ۾ ڊي چوڪ تي موجود پوليس مٿن ڪارروائي ڪندي احتجاجي ڪئمپ کي به ڊاهي پٽ ڪري سندن سامان گاڏين ۾ وجھي کڻي ويا ، جمهوري دور ۾ پوليس جون اهڙيون ڪارروايون بلڪل قابل قبول نه آهن جمهوريت ۾ هر انسان کي پنهنجي حق لاءِ احتجاج ڪرڻ جي آزادي هوندي آهي . مگر هتي انساني جانين کان وڌيڪ ريڊ زون جي اهميت آهي ، هٿ وٺي اهڙا واقعا ڪرائي ملڪ کي بدنام ڪيو پيو وڃي ، جيڪڏهن ماڻهن جي احتجاجن جو نوٽيس وٺندي سندن جائز مطالبن کي مڃي سندن احتجاج ختم ڪرائجي ته ڇڪتاڻ واري صورتحال ڇو پيدا ٿئي ؟ اهڙي صورتحال پيدا ٿيڻ جا ڪهڙا ڪارڻ آهن جن کي واضع ڪيو وڃي ۽ واقعي جي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ته جيئن ملڪ ۾ ٿيندڙ پر امن احتجاجن ۾ اهڙي نا خوشگوار صورتحال پيدا نه ٿئي ڪٿي عوام جو جمهوريت ۽ پوليس مٿان به اعتبار نه کڄي وڃي .

ڊي چوڪ تي سالن کان ويٺل احتجاجي ان اوسيئڙي ۾ آهن ته ڪو ايم اين اي ، سينيٽر ، وزير مشير اچي ساڻن ڳالهيون ڪري سندن پيارن جي واپسي لاءِ کين آٿت ڏئي جيڪو عمل ٿيندي نظر نه اچي رهيو آهي شايد ايم اين ايز ، سينيٽرز ۽ وزيرن مشيرن کان اها ڳالهه ايترو اڳتي نڪري چڪي آهي جو هو بيوس بڻيل آهن ۽ سندن آواز ملوث ادارن تائين نه پهچي رهيو آهي ۽ کين ڊپ ورائي ويو آهي ته جيڪڏهن اسان گم ٿيلن جي وارثن سان همدردي ڪئي ته اها همدردي ڳاٽي ۾ نه پئجي وڃي ۽ ڪاٿي اسان جو نالو ملڪ دشمنن جي فهرست ۾ نه لکجي وڃي .

مهذب ملڪن ۾ پنهنجا مطالبا مڃرائڻ لاءِ 4 ماڻهو به فٽ پاٿ تي بينر کڻي بيهندا آهن ته حڪومت جا نمائندا ساڻن فوري طور ڳالهيون ڪري کين مطمئن ڪندا آهن ۽ مسئلا پڻ حل ڪيا ويندا آهن ته جيئن عوام احتجاج جو دائرو نه وڌائي ، جنهن جو مثال مان پاڻ پنهنجي اکين سان ڏٺو جڏهن بين الاقوامي دوري تي مان ۽ ڪجھ ٻيا صحافي فرانس جي شهر پئرس ۾ موجود گڏيل قومن جو دورو ڪري رهيا هئاسين ، جنهن دوران UNESCO جي دروازي تي ڪجهه ماڻهو احتجاج ڪري رهيا هئا جن کي هڪ منٽ اندر ٻڌو ويو ۽ انهن جي مسئلن جي حل جو يقين ڏياريو ويو جنهن کانپوءِ اهو احتجاج فوري طور ختم ٿي ويو . پر اسان جي ملڪ ۾ جيستائين احتجاجن جو دائرو وڌايو نه ٿو وڃي تيستائين حڪومت سندن مسئلا ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ناهي آخر اسين ڪڏهن مهذب ٿينداسين . سوچڻ جي ڳالهه اها به آهي ته آخر ڪهڙن سببن تحت عوام کي ٻڌو نه ٿو وڃي ان پويان ڪهڙين ڌرين جا مفاد سلهاڙيل آهن ۽ ڪهڙن ادارن کي ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ ۽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ سندن ساک متاثر ٿي رهي آهي .

اسان وٽ الميو اهو به آهي ته جڏهن اسانجا سياستدان مخالف ڌر ۾ هوندا آهن ته هو عوام سان گڏ هوندا آهن حزب اختلاف ۾ هوندي عوام آڏو همدردي وارا بيان جاري ڪيا ويندا آهن ۽ اقتدار سنڀاليندي انهن تي ڪو به عمل ناهي ٿيندو ، جهڙي طرح ن ليگ اڳواڻ نواز شريف جڏهن حزب اختلاف ۾ هو ته سندس بيان گم ٿيل ماڻهن لاءِ آٿت بڻيل هئا ، گم ٿيل ماڻهن جي وارثن کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو هيو ته پر امن احتجاج عوام جو حق آهي جيڪڏهن ملڪ جي آئين ۽ قانون ۾ تبديلي آندي وڃي ته اها به آڻيو پر انهن کي انصاف فراهم ڪيو ۽ وڌيڪ ماڻهن کي گم ٿيڻ کان بچايو وڌيڪ چيائين ته ملڪ کي عوام لاءِ امن سان رهڻ جي قابل بڻايو هر ماڻهو کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي ڪنهن به ماڻهو کي گم ڪرڻ يا قتل ڪرڻ جي عمل کي انتهائي افسوسناڪ ۽ غلط قرار ڏنو پر جڏهن اڄ هو ملڪ جي وڏي منصب تي فائز آهي ته سندس رويا ۽ عوام سان ڪيل واعدا کانئس وسري چڪا آهن پو اهي واعدا بلوچن ، سنڌين يا ملڪ جي ٻين ڌرين سان ڪيل ڇو نه هجن . سندن حڪومت کي هڪ سال ٿيڻ وارو آهي پر هن وقت تائين گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڪي مناسب قدم نه کنيا ويا آهن ويتر سنڌ اندر گوليون هڻي ماري گاڏين اندر ڪارڪنن کي ساڙيو پيو وڃي ڳالهه اڃان اتي نه ٿي کٽي پر افسوس جو مقام آهي جو بيگناهه ماري ساڙيل ماڻهن جي ايف آءِ آر نه ٿي ورتي وڃي . جڏهن ته ملڪ جي نالي واري صحافي مٿان ڪراچي ۾ ٿيل قاتلاڻا حملو پڻ سواليه نشان بڻيل آهي ؟
1

No comments:

Post a Comment