Tuesday 22 April 2014

My column in Daily Awami Awaz 22-04-2014 #Taliban #Pakistan #TTP


طالبان سان ڳالهيون آخر ڪيستائين؟

مهوش شبير عباسي

طالبان ۽ حڪومت جي ڳالهين ۾ ڪا اهم اڳڀرائي ٿيندي نظر نه اچي رهي آهي جڏهن ته ٻنهي ڌرين پاران هڪ ٻئي خلاف بيان بازي پڻ جاري آهي ، ڏسجي ته حڪومت کي دهشتگرد گروهن سان شروع ۾ ئي ڳالهيون نه ڪرڻ گھرجن ها آئين جي ڀڃڪڙي ڪندي ساڻن ڳالهيون ڪيون پيون وڃن جڏهن ته آئين ۾ صاف لکيل آهي ته اهڙن گروهن سان تڏهن ئي ڳالهيون ڪيون وڃن جڏهن اهي هٿيار ڦٽا ڪن، آئين ۽ قانون جي دائري ۾ ڳالهيون ڪن ، جيڪڏهن آئين کان مٿانهان فيصلا ڪيا ويندا ته انهن جو حل به آئين کان ٻاهر ئي ڪڍي سگھجي ٿو . تنهن هوندي به ڪاميٽيون ٺاهي اجلاس گھرائي ڳالهين جو عمل شروع ڪيو ويو هن وقت ايترا مرحلا گذرڻ کانپوءِ طالبان پاران چيو پيو وڃي ته حڪومت ڳالهين ۾ سنجيده ناهي جنهن ڪري جنگ بندي جو مقرر ڪيل وقت پورو ٿيڻ تي جنگ بندي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن جو صاف مقصد اهو نظر اچي رهيو آهي ته هڪ پاسي ڳالهيون جاري رکڻ جو امڪان ڏيکاريو پيو وڃي ته ٻئي پاسي بم ڌماڪا جاري رکڻ جا اشارا ڏنا پيا وڃن جنهن سان ٻيهر بيگناهه انسانن جو خون وهائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن . طالبان جو چوڻ آهي ته حڪومت ان سڄي عرصي دوران اسان جا ڪيترائي ماڻهو قتل ڪيا آهن ۽ طالبان خلاف آپريشن پڻ جاري رکيو ويو آهي ۽ ڪيترن ئي ساٿين کي گرفتار ڪري مٿن تشدد ڪيو پيو وڃي جنهن ڪري هو جنگ بندي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا آهن جڏهن ته حڪومت پاران پڻ اعلان ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن طالبان پاران اهڙيون ڪارروايون جاري رکيون ويون ته اسين به صبر سان نه ويهنداسين ۽ ڀرپور جواب ڏينداسين پر هڪڙي ڳالهه اها به آهي ته طالبان ۽ حڪومت هن وقت تائين هڪڙي ئي ڳالهه تي متفق آهن ته ڳالهيون جاري رکيون وينديون . شايد حڪومت کي طالبان جي مطالبا نظر نه اچي رهيا آهن جيڪي هن رياست جي خلاف آهن طالبان هن وقت تائين پنهنجا 2 مطالبا ته جهڙوڪ مڃرائي چڪا آهن طالبان جا ڪجهھ ساٿي به آزاد ڪيا ويا آهن ۽ انهن جي علائقن مان فوج جو ڪنٽرول گھٽ ٿيو آهي ۽ طالبان پنهنجي علائقن ۾ پنهنجي مرضي مطابق ڪم ڪري رهيا آهن .

ڳالهيون جاري ته رکيون پيو وڃن پر ڳالهين جي ڪا حد نظر نه اچي رهي آهي جڏهن ته قتل و غارت جاري رکندي ڪهڙي قسم جون ڳالهيون ڪيون وينديون. امن جي ڳالهين لاءِ امن جي هوندي ڳالهيون جاري رکيون وڃن ، اڄ به عوام پريشان آهي ته ڪڏهن انهن دهشتگردن مان جان آجي ٿيندي ڪڏهن هو هن آزاد جمهوري ملڪ ۾ سک جو ساهه کڻي سگھندا ، آزادي سان عبادت ڪري سگھندا ۽ تعليم حاصل ڪري سگھندا ؟ انهن سوالن جو جواب ته پاڪستان جي حڪومت وٽ به نه آهي جن هن رياست کي دهشتگردن جي اڳيان گوڏا کوڙي ايترو ڪمزور بڻائي ڇڏيو آهي .

پاڪستان جو هن وقت سڀ کان وڏو مسئلو دهشتگردي آهي جنهن جو خاتمو حڪومت جي ذميواري آهي ، گھٽ وقت لاءِ ته طالبان کي ڪاررواين کان روڪيو ويو پر تنهن هوندي به طالبان ڪيترائي حملا جاري رکيا پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪندا رهيا ۽ پنهنجو جهاد جاري رکيو پر حڪومت ڪٿي به عوام ۽ رياست سان سنجيده نظر نه اچي رهي آهي . ان سان گڏ امن ڪاميٽي به هر ڀيري طالبان جي ڪرتوتن تي پردو وجھندي امن ڳالهين تي زور ڏئي رهي آهي جنهن مان طالبان جي جائز توڙي ناجائز مطالبن تي عمل ڪرائڻ جي بوءِ اچي رهي آهي ان لاءِ امن ڪاميٽي کي پاڪستان جي شهري هئڻ جي ناطي ملڪ جي بهتر مفادن لاءِ سوچڻ گھرجي- هر ڀيري طالبان جي ڪيل جائز ناجائز مطالبن جي مڃتا لاءِ حڪومت تي زور وڌو پيو وڃي جيڪڏهن طالبان جا مطالبا وڌندا ويا ته حڪومت لاءِ انهن تي عمل ڪرڻ ڏکيو بڻجي ويندو ان لاءِ حڪومت کي سنجيدگي جو مظاهرو ڪندي ملڪ جي بهتري لاءِ آئين ۽ قانون جي حد ۾ رهي فيصلا ڪرڻ گھرجن.

No comments:

Post a Comment