Saturday 1 February 2014

My column published in daily @SindhGlobe 01 feb 2014 #SINDH #Pakistan



مهوش عباسي

سنڌ کي پوئتي ڌڪڻ جو ذميوار ڪير آهي؟

سنڌ ڌرتي جيڪا پنهنجي پنج هزار سال قديم تاريخ، ٻولي، مهمان نوازي، ثقافت، تهذيب ۽ تمدن جي ڪري دنيا ۾ مشهور آهي. ان تي ڪيترائي ڀيرا ڌارين جا وار، غيرن جون يلغارون ۽ ڪاهون ٿي چڪيون آهن، تنهن هوندي به اڄ تائين سنڌ ڌرتي پنهنجو وجود قائم رکندي آئي آهي، جنهن جو سبب سنڌ جا بهادر ۽ بي خوف سپوت آهن، جن وقت سر پنهنجي ڌرتي جي حفاظت ڪئي آهي ۽ ڪندا رهندا. هندو برادري به سنڌ جو حصو آهي، هند ۽ سنڌ جي ڌار ٿيڻ سان هندوستان ۽ سنڌ ۾ موجود سنڌي هندن کي انتهائي صدمو رسيو پر سنڌ ۾ موجود سنڌين هندن کي ڀائرن جيان سنڌ ۾ رهايو ۽ سندن ڏک سک جا ساٿي رهيا. اڄ به جڏهن ڪنهن به سنڌي هندو کي ڪا به تڪليف يا پريشاني ٿئي ٿي ته اسان جي دلين ۾ انهن لاءِ همدردي، احساس ۽ ڏک پيدا ٿئي ٿو. ڪڏهن ته هندو برادري کي ايترو ته مجبور ڪيو وڃي ٿو جو هو پنهنجا گھر پنهنجي ڌرتي ڇڏي هندوستان ۽ ٻين ملڪن ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا، هندو برادري جي ماڻهن کي اغوا ڪرڻ، تشدد جو نشانو بڻائڻ، سندن نياڻين کي زبردستي مسلمان بڻائڻ جهڙا افسوسناڪ واقعا پيش ايندا رهن ٿا، انهن واقعن جا ذميوار انتهاپسند ۽ ننڍي سوچ رکڻ وارا ماڻهو آهن. سنڌ اندر هندو برادري غير محفوظ بڻيل آهي، تازو ٿيل عمرڪوٽ ضلعي جي شهر ڪنري ۾ هندو ناري کي وحشين پنهنجي وحشت جو نشانو بڻايو کيس ۽ سندس پٽ روپ چند ڪولهي کي نشو پياري هندو ناري سان اجتماعي لڄالٽ ڪئي وئي. سندس پٽ نشو ملڻ سبب فوت ٿي ويو، روح ڏڪائيندڙ هي پهريون واقعو نه آهي، عمرڪوٽ ضلعي ۾ اهڙا ڪيترائي واقعا ٿين ٿا، جيڪي نه ئي رپورٽ ٿين ٿا نه وري منظر تي اچن ٿا. جيڪڏهن انهن مان ڪو واقعو منظر تي اچي به ٿو ته ان جا جوابدار گرفتار نه ٿا ڪيا وڃن، ڇو ته اهڙن واقعن ۾ ملوث جوابدار طاقتور هوندا آهن، جيڪي اهڙن ماڻهن جا پوئلڳ هوندا آهن، جن جي خلاف ڳالهائڻ يا ڪارروائي ڪرڻ پاڻ مارائڻ برابر هوندو آهي. سڀ واقعا ڏاڍا افسوسناڪ آهن، پوءِ هو سنڌ ۾ موجود هندو برادري سان ٿيندا هجن. سنڌ ڌرتي سان ويساهه گھاتيون هجن يا وري ڌرتي جي معصوم ماروئڙن سان زيادتيون هجن، سرڪاري توڙي سماجي طرح هر کاتي ۾ سنڌي ماڻهن سان ظلم ٿيندو رهيو آهي، ڪڏهن ڪالاباغ ڊيم ۽ ذوالفقار آباد شهر جون ڳالهيون ڪري سنڌي ماڻهن جي دل آزاري ڪئي ويندي آهي، ڪڏهن سنڌ جو پاڻي بند ڪيو وڃي ٿو، ڪڏهن وري سنڌي نوجوانن جي ڪراچي شهر جي تعليمي ادارن ۾ داخلا تي پابندي لڳائي وڃي ٿي، ڪڏهن ڏاڍ ۽ ظلم جي انتها ٿي وڃي ٿي. تعليم لاءِ واجھائيندڙ، نوڪرين ۽ پگھارون نه ملڻ لاءِ احتجاج ڪندڙن تي پوليس طرفان شيلنگ ۽ لاٺي چارج ڪئي وڃي ٿي، اهڙن واقعن ۽ ڪيترن ئي پرامن احتجاجن ۾ سنڌي مرد توڙي ناريون سخت زخمي ۽ فوت پڻ ٿيا آهن، دل روئيندي آهي ۽ چوندي آهي ته اهڙي واقعن جو نشانو بڻيل هر ماڻهو جي گھر وڃجي ۽ ان جي داد رسائي ڪجي، انهن کي ڪڏهن به اهو محسوس نه ٿيڻ ڏجي ته اهي اڪيلا آهن، اهڙي ڌرتي جتي ٻارن جا هٿ مزدوري يا پنڻ لاءِ نه هجن، ٻارن جي هٿن ۾ قلم ۽ ڪتاب هجن، سنڌ ۾ موجود هر ڇوڪرو توڙي ڇوڪري تعليم يافته هجي، غربت جي گھاڻي ۾ پيسجندڙ عوام غربت مان نڪتل هجي، برابري هجي ۽ آزاد سوچ هجي. جيڪڏهن اهو سڀ ممڪن ٿيندو ته سنڌ ڌرتي تي ٿيندڙ حملن ۽ ڌارين جي يلغارن کان آجپو ملندو ۽ نشانو بڻيل هندو برادري توڙي سنڌ جو عوام سک جو ساهه کڻندو. سنڌ ۾ موجود عام عوام غريب آهي، غريبي ختم ڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي، سنڌ ۾ موجود سياسي پارٽيون توڙي ڪيترائي ادارا ۽ اين جي اوز ان تي ڪم به ڪري رهيا آهن پر حقيقي طور تي عمل ٿيندي ۽ ڪاميابي ملندي نظر نه اچي رهي آهي، سياسي پارٽيون سنڌي عوام جو استعمال ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجھه نه ٿيون ڄاڻين. هر دفعي ڪا نه ڪا نئين پاليسي ڪو نئون ايجنڊا ٺاهي، عوام کي سبزباغ ڏيکاري گمراهه ڪيو ويندو رهيو آهي، هر دفعي سنڌ ڪارڊ استعمال ڪري ووٽ بئنڪ حاصل ڪري اليڪشن کٽي وڃي ٿي، هن وقت بلاول ڀٽو زرداري سرگرم نظر اچي رهيو آهي، جيڪو سنڌ فيسٽيول جي نالي تي سنڌ ڪارڊ استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، سنڌ جي اثاثن، تاريخ ۽ تهذيب جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، حيرت جي ڳالهه اها آهي ته اهي ڳالهيون هن وقت ياد ڪيون ويون آهن، جڏهن مڪاني چونڊون مٿي تي آهن ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ساک ملڪ مان ختم ٿي رهي آهي، پ پ پنج سال حڪومتي دور ۾ سنڌ سان جيڪي ويساهه گھاتيون ڪيون ۽ رات جي انڌيري ۾ جيڪي سنڌ مخالف بل پاس ڪرايا، سنڌ جو عوام انهن کي ڪڏهن نه ٿو وساري سگھي. ڪڏهن سنڌ جي ٻيٽن تي وار ته ڪڏهن وري مڪاني نظام جي ذريعي ڪارو نظام مڙهڻ جون تياريون ڪيون ويون، ان وقت به ڌرتي ڌڻين سنڌ تي وار برداشت نه ڪيو ۽ هڪ ٿي آواز اٿاريو. سنڌ جي نمائندا سڏائيندڙ پارٽي جي اڄ به سنڌ ۾ حڪومت آهي ۽ سنڌي ماڻهو هڪ دفعو ٻيهر غلط فهمي ۾ مبتلا آهن، پنهنجي پنج سالا حڪومتي دور دوران پيپلز پارٽي سنڌ ۾ انقلاب آڻي نه سگھي، سنڌ جي عوام کي ياد رکڻ گھرجي ته سنڌ سان محبت ۽ جمهوريت جون دعوائون ڪندڙ پيپلز پارٽي پنهنجي دور ۾ سنڌ کي کپائڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي، ان لاءِ ٻيهر اعتبار ڪرڻ کان پهريان انهن کان پڇاڻو ضرور ڪرڻ گھرجي، ڏسڻو هي آهي ته ڇا هو هن وقت سنڌ سان سچائي رکن ٿا ؟ ۽ واقعي ۾ سنڌ جي تاريخ ۽ ثقافت لاءِ قدم کڻي رهيا آهن يا پنهنجو ووٽ بئنڪ ٻيهر وڌائڻ ۽ سنڌي ماڻهن جو اعتماد حاصل ڪرڻ لاءِ ٽوپي ڊرامو ڪري رهيا آهن . هن ترقي يافته دور ۾ جيڪڏهن اڄ به سنڌ جو عام عوام ۽ ٻهراڙي پوئتي آهي ته ان جا ذميواري عوام کي غلام سمجھندڙ رياست ۽ سنڌ ۾ قائم ٿيندڙ حڪومتون آهن، ان سان گڏ ان جو سبب وڏيرا ۽ جاگيردار آهن. يعني حڪمران طبقو، طاقتور طبقو، سماج ۾ هميشه کان ڏاڍو اهو ئي رهيو آهي جيڪو طاقتور هوندو آهي. پوءِ اهو طاقتور ذهنيت ۾ هجي يا ملڪيت ۾. سنڌي عوام کي نظر انداز ڪرڻ سبب ڪٿي سنڌ جي ترقي ۽ تعليم هزارين سال پوئتي نه ٿي وڃي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي عوام کي سڄاڳ ٿيڻ گھرجي ۽ سنڌ جي بقا ۽ وجود لاءِ حقيقي جدوجهد ڪرڻ گھرجي.
-

No comments:

Post a Comment