Saturday 9 August 2014

My Column Daily Sindh Express ‪#‎Article245‬ ‪#‎Revolution‬ ‪#‎PTI‬ ‪#‎PAT‬ ‪#‎DrQadri‬ ‪#‎Lahore ‬#TabdeeliMarch


آرٽيڪل 245 ۽ بدلجندڙ ملڪي صورتحال
مهوش عباسي
ملڪ جي آزادي جو ڏهاڙو 14 آگسٽ جيتري تيز رفتار سان اچي رهيو آهي ان جاءِ تي اهو ڏهاڙو کوڙ سارا خدشا به پاڻ سان گڏ کڻي اچي رهيو آهي ، سياسي ڇڪتاڻ ۾ تيزي ايندي پئي وڃي هڪ پاسي سياسي سرگرمين کي گھٽائڻ ۽ مفاهمت لاءِ ملڪ جي مختلف پارٽي اڳواڻن سان حڪومت پاران ملاقاتن جو سلسلو جاري ڪيو ويو آهي ان جاءِ تي حڪومت جا وزير سخت بيان ڏئي ٻرندي تي تيل وارو ڪم به ڪري رهيا آهن . هر روز ڪيتريون ئي سياسي پريس ڪانفرنسون پڻ جاري آهي . عمران خان پاران جڏهن شروع ۾ 4 حلقن تي ٻيهر ڳڻپ جو مطالبو ڪيو ويو ته حڪومت سميت ٻين سياسي ڌرين به توجهه نه ڏني ، جڏهن ڳالهيون گھڻو اڳتي نڪري ويون ته سابق صدر سميت ٻين اڳواڻن به مداخلت ڪري عمران خان جي مطالبي جي حمايت ڪئي جنهن بعد حڪومت پنهنجي خاموشي ٽوڙي عمران خان کي ڳالهين جي آڇ ڪئي . حقيقت ۾ ڏٺو  وڃي ته جڏهن عمران خان کي ڳالهين جي آڇ ڪئي وئي ان وقت عمران خان گھڻو اڳتي نڪري چڪو هو . حڪمرانن کي شايد اها ڳالهه سولائي سان سمجھ ۾ نه آئي ته عمران خان کين ايترو مجبور ڪندو . حڪومت جڏهن ڏٺو ته عمران خان لانگ مارچ ڪرڻ لاءِ پنهنجي فيصلي تي اٽل آهي ته هنن اسلام آباد اندر آرٽيڪل 245 لاڳو ڪري کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ، اهڙي عمل تي ملڪ جون سياسي پارٽيون هڪ آواز ٿي ويون ته ملڪ جي گادي واري شهر اسلام آباد جون حالتون اهڙيون نه آهن جو آرٽيڪل 245 لاڳو ڪري فوج کي طلب ڪيو وڃي .
پاڪستان ۾ هڪ دفعو پهريان به آرٽيڪل 245 لاڳو ڪيو ويو جيڪو 1977 ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو اپوزيشن جي خلاف اليڪشن ۾ ڌانڌلي خلاف ٿيندڙ تحريڪ کي روڪڻ لاءِ لاڳو ڪيو ، جنهن سبب ملڪ جي وڏن شهرن ۾ فوج گھرائي وئي ، پر هي فيصلو ذوالفقار علي ڀٽو لاءِ بهتر ثابت نه ٿيو ۽ 3 مهينن کانپوءِ فوج ڪنٽرول سنڀالي ذوالفقار علي ڀٽو جو تخت اونڌو ڪيو ، ان فيصلي سبب جنرل ضياءِ جي مارشل لا واري راه هموار ٿي . اتفاق جي ڳالهه اها آهي ته هن وقت به ملڪ ۾ آرٽيڪل 245 تڏهن لڳايو ويو آهي جڏهن عمران خان اليڪشن ۾ ٿيندڙ ڌانڌلي خلاف آزادي مارچ ڪري رهيو آهي . حڪومت اهڙو فيصلو ڪري اڪيلائي جو شڪار ٿي چڪي آهي  هاڻي سوچڻ جي ڳالهه آهي ته حڪومت عمران خان ۽ طاهرالقادري کي ڪهڙي طرح منهن ڏيندي آيا ڳالهيون ڪري سندن مسئلن ۽ مطالبن جو حل ڪڍيو ويندو يا ڏنڊي جي زور تي کين روڪي عوام ، فوج ، رينجرز ، پوليس ۽ ٻين ادارن ۾ ٽڪراءُ پيدا ڪيو ويندو . جڏهن ته اهي به اطلاع آهن ته عمران خان جي لانگ مارچ کي روڪڻ لاءِ سوين ڪنٽينر اسلام آباد ۾ پهچايا ويا آهن جن ذريعي اسلام آباد طرف ايندڙ مک رستا سيل ڪيا ويندا ، ان کان اڳ طاهرالقادري جي يوم شهداءِ کي ناڪام بنائڻ لاءِ رينجرز ، پوليس پاران لاهور کي سيل ڪيو ويو آهي ڪيترائي ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا آهن 10 کان 14 تاريخ تائين موبائيل فون سروس معطل ڪرڻ جون تياريون پڻ ڪيون پيون وڃن . ان مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته حڪومت ڇڪتاڻ گھٽائڻ بدران ڊاڪٽر طاهرالقادري ۽ سندس ڪارڪنن کي انتهائي قدم کڻڻ تي مجبور ڪري رهي آهي . شايد ماڊل ٽائون سانحي مان حڪمرانن ڪو سبق حاصل نه ڪيو آهي يا ته کين اهڙي ڪنهن به عمل تي ڪا شرمندگي محسوس نه ٿي رهي آهي . آخر حڪومت ڏاڍ ، زور ۽ زبردستي جو مظاهرو ڇو ڪري رهي آهي ، حڪمران هڪ طرف جمهوريت جو راڳ ڳائي رهيا آهن ته ٻئي طرف جمهوريت جي لتاڙ جاري آهي . موجوده حڪمرانن کي اهي ڏينهن ياد ڪرڻ گھرجن جڏهن نواز شريف لانگ مارچ ۽ احتجاج ڪيا سندس ڀاءُ شهباز شريف جون ڪيل حرڪتون ، تقريرون ، احتجاج ۽ سندس لب و لهجو ڪنهن کان ڪين وسريو آهي پر پوءِ به ان وقت جي پ پ حڪومت ڪڏهن به سندن راهن ۾ رڪاوٽون نه وڌيون ، ڪڏهن به فوج ، رينجرز يا پوليس جو سهارو نه ورتو ويو هو سڀ ڪجھ برداشت ڪندا رهيا يا سندن مطالبن تي عمل ٿيندو رهيو . اڄ اهي ئي ماڻهو پهنجو ماضي وساري جمهوريت جي آڙ ۾ پاڻ بچائڻ لاءِ غير جمهوري حرڪتون ڪري رهيا آهن . هاڻي جيڪڏهن عمران خان ۽ ڊاڪٽر قادري سندن خلاف ميدان تي نڪتا آهن ته هنن پوليس رينجرز ۽ فوج جو سهارو ورتو آهي جيڪو کين اڳتي هلي مهانگو پوندو ۽ اسلام آباد اندر گهرايل فوج ملڪ جون حالتون خراب ٿيڻ بعد آساني سان ٽيڪ اوور ڪري وٺندي ۽ ملڪ ڪيترا سال پوئتي ڌڪجي وري ڊڪٽيٽرن جي ور چڙهي ويندو جنهن جي ذميواري شريف ڀائرن ۽ ن ليگ تي هوندي .
پهريان به ملڪ اندر اهڙا قدم کنيا ويا جنهن جي ڪري پوري ملڪ جي جمهوريت داءَ تي لڳائي وئي ، هن وقت وزير داخله جو چوڻ آهي ته فوج گھرائڻ جو مقصد سياسي نه آهي ۽ ملڪ ۾ اهڙن مسئلن تي سياست نه ڪئي وڃي ، جيڪڏهن فوج گھرائڻ جو مقصد سياسي نه آهي ته پوءِ فوج ڇو پئي گھرائي وڃي ، جڏهن ته هن وقت اسلام آباد ۽ لاهور جي صورتحال ايتري خراب نه آهي جو اهي شهر فوج حوالي ڪيا وڃن . هن کان اڳ جڏهن ملڪ اندر دهشتگردي چوٽ چڙهيل هئي اسلام آباد ، پنڊي ، پشاور ، لاهور ، ڪوئٽا ۽ ڪراچي سميت ملڪ جا ڪيترائي شهر ڌماڪن سان گونجي رهيا هئا ان وقت ملڪ جي شهرن اندر مطالبن باوجود فوج کي نه آندو ويو ان وقت جي ڀيٽ ۾ هن وقت ملڪ جون حالتون وڌيڪ بهتر آهن ، خيبر پختونخواه جي صورتحال الاهي ڳڻتي جوڳي رهي آهي ڪڏهن اتي به فوج لاڳو نه ڪئي وئي . اصل حقيقت اها نظر اچي رهي آهي ته حڪمران اسلام آباد ۾ آرٽيڪل 245 لاڳو ڪري عوام کي اهو ڏيکارن چاهن ٿا ته اسلام آباد جي صورتحال بهتر نه آهي ۽ جيڪڏهن اسلام آباد ڏانهن رخ ڪيو ويو ته انتهائي خطرناڪ صورتحال پيدا ٿي سگھي ٿي جنهن سبب فوج ڪنٽرو سنڀاليندي جنهن جي ڪري عوام اسلام آباد ڏانهن رخ نه ڪري .
حڪومت ايترو بوکلائجي چڪي آهي جو نوجوانن کان موٽر سائيڪلون ڦري ٿاڻن اندر بند ڪيون ويون آهن ، ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي ، ڊاڪٽر طاهرالقادري جي گھر جو گھيرو ڪيو ويو آهي کيس اڻ اعلانيل طور نظر بند ڪيو ويو آهي جنهن مان لڳي رهيو آهي ته اڳتي هلي شايد کيس گرفتار ڪيو وڃي . جيڪڏهن ڊاڪٽر طاهرالقادري آئين ۽ قانون کي نه ٿو مڃي ته حڪومت کي آئين ۽ قانون جي دائري مان ٻاهر نڪرڻ نه گھرجي ۽ ڪو به غير آئيني قدم نه کڻڻ گھرجي . طاهرالقادري مٿان ملڪ دشمن ، مني لانڊرنگ ۽ بغاوت جهڙا الزام هنيا پيا وڃن ۽ کيس  ڪيناڊا جو شهري هئڻ جا طعنا ڏنا پيا وڃن . اسان کي مستقبل ۾ اڃان کوڙ سارن اهڙن ماڻهن سان منهن ڏيڻو آهي جن مٿان ٻين ملڪن اندر اهڙي قسم جا ڪيترائي الزام آهن ۽ مٿن اهڙي قسم جا ڪيس هلي رهيا آهن انهن ماڻهن کي به ملڪ اندر اچڻو آهي جنهن جاءِ تي طاهرالقادري کي غير ملڪي قرار ڏنو پيو وڃي ان جاءِ تي وزير خزانه اسحاق ڊار اهڙن ماڻهن سان ملاقاتن جو سلسلو جاري رکندو پيو اچي . جيڪڏهن طاهرالقادري تي الزام مڙهيا پيا وڃن ته پوءِ ساڳي قسم جي ماڻهن سان رابطا ڇو پيا ڪيا وڃن .
حڪومت لاءِ عمران خان کي منهن ڏيڻ آسان نظر نه اچي رهيو آهي ڇو ته هن وقت خيبر پختونخواه ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي ۽ پي ٽي آءِ به هڪ جمهوري پارٽي آهي ان لاءِ مسئلي جو حل ڪڍڻ ۽ پنهنجي حڪومت بچائڻ لاءِ مسلم ليگ ن لاءِ عمران خان سان ڳالهيون ڪرڻ آسان آهي ۽ شايد عمران خان جو لانگ مارچ حڪومت تي ايترو اثر نه وجھي سگھي حڪومت ۽ عمران خان اڳتي هلي ڪن نقطن تي ٺهي به وڃن ، پر طاهرالقادري موجوده نظام جي خلاف آهي هو هي نظام ٽوڙڻ چاهي ٿو ۽ ملڪ ۾ انقلاب آڻڻ چاهي ٿو جنهن کي منهن ڏيڻ حڪومت لاءِ آسان نه آهي جنهن سبب مسلم ليگ ن کي پنهنجي حڪومت ختم ٿيڻ جو خوف ضرور آهي .

انهن مڙني حالتن کي ڏسندي حڪمرانن کي هوش کان ڪم وٺڻ گھرجي جنهن جمهوريت کي بچائڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن ان کي داغدار بنائڻ کان پاسو ڪن ، اسلام آباد اندر لاڳو ڪيل آرٽيڪل 245 واپس وٺي فوج کي واپس ڪيو وڃي . سنجيده سياستدانن کي ساڻ ڪري عمران خان توڙي طاهرالقادري سان ڳالهيون ڪيون وڃن ان عمل کي وڌيڪ بهتر بنائڻ لاءِ وزيرن جا وات بند ڪيا وڃن جيڪڏهن جمهوريت کي بچائڻ لاءِ سنجيده ڪوششون نه ورتيون ويون ته اسين هڪ ڀيرو ٻيهر ڊڪٽيٽرن جي ور چڙهي وينداسين جيڪي ملڪ ۽ سياستدانن سان ڪهڙو حشر ڪندا اهو ايندڙ وقت ئي ٻڌائيندو . 

No comments:

Post a Comment