Tuesday 5 August 2014

MehwishAbbasi #Article Daily Sindh Express 5-8-2014 #Revolution #Pakistan #History #TUQ #ImranKhan


پاڪستان انقلاب جو متحمل آهي ؟
مهوش عباسي
گذريل هڪ سال کان پاڪستان ۾ انقلاب جا نعرا ۽ انقلابي سوچ نظر اچي رهي آهي ، ملڪ اندر طاهرالقادري انقلاب آڻڻ جي دعوي ڪري رهيو آهي طاهرالقادري مطابق موجوده حڪومتي نظام ملڪ لاءِ نقصانڪار آهي جنهن جي تبديل ٿيڻ جي ضرورت آهي ، پاڪستان ۾ موجود بک ، بدحالي ، بي روزگاري ، مهانگائي ، غربت ، بجلي ۽ گئس جي لوڊشيڊنگ ، تعليم ، انصاف ۽ علاج جهڙيون بنيادي سهولتن جي محرومي سان گڏوگڏ ڪيترائي مسئلا حڪمرانن جي پهچ کان پري ٿي چڪا آهن جنهن سبب ملڪ ۾ بهتر تبديلي جي ضرورت پيش ٿي آهي جنهن جي لاءِ انقلاب جي ضرورت آهي ، پر اهو انقلاب ايندو الائي ڪڏهن ۽ ڪيئن ؟ ڇو ته ڪڏهن طاهرالقادري جو انقلاب آڻڻ وارو جوش چوٽ چڙهيل هوندو آهي ته ڪڏهن وري انقلاب پري پري تائين نظر ئي ناهي ايندو . ان کان اڳ به طاهرالقادري اسلام آباد ۾ لکين ماڻهو گڏ ڪري پيپلز پارٽي جي حڪومت کي للڪاريو ڪيترن ڏينهن تائين سندس ڌرڻو جاري رهيو جنهن بعد حڪومت ڪجھ وزيرن کي ساڻس ڳالهين لاءِ راضي ڪيو جن سندس ڪجھ مطالبا تسليم ڪندي سندس ڌرڻو ختم ڪرايو جنهن بعد علامه صاحب انقلاب کي اڌ ۾ ڇڏي واپس ڪيناڊا روانو ٿي ويو ، ملڪ ۾ چونڊون ٿيون جن تي طاهرالقادري سميت ملڪ جي مڙني پارٽين تحفظات ظاهر ڪندي ڌانڌلين جا الزام هنيا اهو سلسلو جاري هو ته طاهرالقادري هڪ ڀيرو ٻيهر انقلاب جو پروگرام کڻي ملڪ پهچي ويو سندس ملڪ ۾ اچڻ کان اڳ ۾ پنجاب حڪومت وائڙائپ ۽ وحشت جو مظاهرو ڪندي سندس گھر ۽ اداري تي حملو ڪري مردن ۽ عورتن سميت 14 ماڻهن کي موت جي ننڊ سمهاري ڇڏيو ، جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو گوليون ۽ لٺيون هڻي ذخمي ڪيا ويا . پوليس جي اهڙي وحشت کي ملڪ جي مڙني پارٽين ننڊيو جنهن بعد طاهرالقادري هر صورت ۾ ملڪ اندر انقلاب آڻڻ لاءِ پختو عزم ڪري چڪو آهي .  
انساني تاريخ ۾ ڏسجي ته دنيا اندر انقلاب تڏهن تڏهن آيا آهن جڏهن عوام کي بنيادي سهولتون ميسر ناهن ڪيون وينديون ، ڪنهن به رياست يا ملڪ جا رهنما ڪوڙا ثابت ٿيندا آهن ۽ پنهنجي عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام ويندا آهن ، عوام بي وسي جو شڪار ٿيڻ لڳندي آهي ۽ پوءِ هو انقلاب جو رستو اپنائيندي آهي . جڏهن ڪو به سرمائيداري يا جاگيرداري نظام پنهنجي زوال جي انتها ڪري ٿو ته دنيا اندر انقلاب جا آثار چٽا ٿيندي نظر اچن ٿا . انقلاب جو در جدوجهد جو در هوندو آهي انقلاب آڻڻ لاءِ ڪيتريون ئي قربانيون ڏيڻيون پونديون آهن ، انساني تاريخ تي نظر وجھجي تي ڪو به انقلاب آساني سان نه آيو آهي ڪيترين ئي خوني جنگين سان گڏ ملڪن جي جوڙ توڙ پڻ ٿي آهي .
انقلاب جو مقصد ۽ مطلب مختصر عرصي دوران نظام کي بدلائڻ ، بنيادي سطح تي ڪنهن به طاقتور اداري جي بناوت ۾ بهتري لاءِ تبديلي آڻڻ آهي ، انقلاب جو لفظ دنيا اندر سياسي ميدان ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي ، انساني تاريخ ۾ دنيا اندر ڪيترائي انقلاب مختلف فڪر ، نظريي ، سوچ ، سائنس ، علم ، مذهب ۽ انساني ضرورتن جي ڪري ايندا رهيا آهن . اهڙن انقلابن جي نتيجي ۾ سماج اندر تهذيب ، ثقافت ، تمدن ، سياسي ، سماجي ۽ نطرياتي تبديلي اچي ٿي . دنيا اندر ڪيترائي انقلاب آيا انهن مان 10 وڏا انقلاب ڪڏهن نه وسڙڻ جهڙا آهن . جنهن مان تاريخي ۽ اهم انقلاب فرانس جو انقلاب آهي جيڪو يورپي تاريخ جو وڏو انقلاب آهي 1799_1789 ع جي 10 سالن جي جدوجهد کانپوءِ انقلاب آيو جنهن جي نتيجي ۾ فرانس جي ماڻهن کي سياسي ، سماجي ۽ مذهبي آزادي ملي . 18 صدي ۾ آمريڪا ۾ سياسي انقلاب آيو هن انقلاب جو مقصد سياسي ۽ سماجي معاملن ۾ عام ماڻهن کي برابر حق ۽ رهنمائي فراهم ڪرڻ هو . برطانيا جي بادشاه 1689ع ۾ برطانيا ۾ انقلاب آندو .
دنيا ۾ آزاد ٿيندڙ ملڪن ، قومي آزادي تحريڪن ۽ انقلابن ذريعي ڪيتريون ئي اهم تبديليون آيون جن مان هڪ روس جي انقلاب سبب آئي ،  1917 ع ۾ روس ۾ آيل سياسي ۽ سماجي انقلاب پوري دنيا اندر ٿرٿلو مچائي ڇڏيو ۽ پورهيت طبقي اقتدار ۾ اچي سرمائيدارن ۽ جاگيردارن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون ، روس ۾ آيل انقلاب پوري دنيا تي ايترو ته اثر قائم ڪيو جو دنيا ۾ سماجي نظريا پيدا ٿيڻ لڳا . دنيا اندر ڪيترائي انقلاب شاهي نظام خلاف پڻ آيا جن مان هڪ ربيلين انقلاب آهي جيڪو 1864ع ۾ 13 سالن جي جدوجهد کانپوءِ آيو ، شاهي نظام خلاف آرمي ۽ عام ماڻهن هڪ ٿي جدوجهد ڪئي ، ان انقلاب جي نتيجي ۾ 50 لک فوجي ۽ عام ماڻهو فوت ٿيا .
جولاءِ 1908 ع ترڪي ۾ ملڪ ۾ آئيني نظام قائم ڪرن لاءِ نوجوانن آئيني انقلاب آندو ، ان انقلاب ۾ ڪيترن ئي نوجوان شهرين ۽ نوجوان آرمي آفيسرن حصو ورتو ، انقلاب اچڻ کانپوءِ ملڪ ۾ پارليامينٽ قائم ڪرڻ سان گڏ آئيني ۽ قانوني نظام بحال ڪيو ويو . ڪيترن ئي انقلابن ملڪن جي سياسي صورتحال به تبديل ڪئي جيئن 1949 ع ۾ چين ۾ انقلاب آيو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڪميونسٽ پارٽي چين جي عوامي جمهوري پارٽي مٿان حڪمراني ڪئي . دنيا اندر ڪيترن ئي انقلابن رياستن جي رهنمائن جا تخت پڻ اونڌا ڪيا جن مان هڪ انقلاب ڪيوبا جو انقلاب آهي جيڪو 1959 ع ۾ آيو ، 10 مارچ 1952 ع تي ڪيوبا جي جنرل فلڪنسو کي صدر جي عهدي تان هٽائي ان جو تخت پلٽيو ويو ۽ ان وقت جي اليڪشن کي روڪيو ويو . نوجوان وڪيل فينڊل ڪيٽرو جي شروع ڪيل جدوجهد سان هي انقلاب آيو جنهن کي گرفتار ڪري 15 سالن لاءِ جيل پڻ موڪليو ويو ، آزاد ٿيڻ کانپوءِ هن پنهنجي جدوجهد جاري رکي ۽ ڪيوبا جو وزيراعظم مقرر ٿيو .
ڪيترين ئي رياستن ۾ مذهبي انقلاب پڻ آيا جن مان ايران جو انقلاب هڪ آهي ، ايران ۾ شاه محمد رضا جي خلاف آيت الله خميني جي رهنمائي ۾ انقلاب آيو ، ان انقلاب جو مقصد هڪ خدا کي مڃڻ هو ، ايران ۾ ان وقت قومي ريفرينڊم ڪرايو ويو ايران جي عوام آيت الله خميني جو ساٿ ڏنو ۽ سال 1979 ع ۾ مذهبي انقلاب آيو . ڪيترائي انقلاب مزدورن جا انقلاب پڻ هئا جن مان هڪ اسپين جو (حياتين) انقلاب آهي ، آگسٽ 1794 ع تي مزدورن انقلاب آندو جيڪو گورن ۽ ڪارن شهرين جي انقلاب ۾ تبديل ٿي ويو هي انقلاب فرانس ۽ اسپين جي مزدورن ۽ گورن ۽ ڪارن جي حقن لاءِ آندو ويو ، شهرين ۽ مزدورن کي بنا ڪنهن رنگ جي نسبت جي برابر حق ڏيڻ هيو ، ان انقلاب دوران 1 لک ڪارا ۽ 24 هزار گورا ماڻهو فوت ٿيا .
مصر جو انقلاب به هڪ تاريخي انقلاب ثابت ٿيو آهي ، جنهن ۾ لکين مصري مردن توڙي عورتن ، مسلمان ۽ عيسائي بغير ڪنهن مذهبي فرق جي ، هر فڪر ۽ سوچ جي ماڻهن هڪ ٿي تخت تي موجود صدر مبارڪ حسيني کي لاٿو ، لکين ماڻهن مصر جي روڊن ۽ رستن کي پنهنجي انقلابي نعرن سان گونجائي ڇڏيو ، ان انقلاب دوران مصر جي پوري قوم سان گڏ عورتن خاص ڪري نوجوان ڇوڪرين پنهنجي انقلابي جوش ۽ ڏاهپ سان قوم کي سڄاڳ رکيو سندن همت ۽ جوش مصر جي نوجوان ڇوڪرن ۽ مردن جا جذبا مرڻ نه ڏنا ۽ کين همٿائينديون رهيون ۽ صدارتي ڪرسي سان چنبڙيل حڪمران کي ڊاهي پٽ ڪيو .
هاڻي ڏسڻو آهي ته پاڪستان اندر طاهرالقادري پنهنجو اعلانيل انقلاب ڪهڙي ريت برپا ڪندو جڏهن ته حڪمران چئي رهيا آهن ته ملڪ اندر 65 سالن کان انقلاب جاري آهي حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته جيڪڏهن 65 سالن کان ملڪ ۾ انقلاب آهي ته ان جو فائدو عوام بجاءِ سرمائيدارن ۽ جاگيردارن کي ئي حاصل آهي . طاهرالقادري پنهنجي طاقت جو مظاهرو پهرين به ڪري چڪو آهي جنهن ۾ سندس ڪارڪنن ، مردن ، عورتن ۽ ٻارڙن ڀرپور حصو ورتو هو . سندس اهڙي ڌرڻي کي سندس مخالفن به تسليم ڪيو هو هن وقت طاهرالقادري کان اڳ ۾ 14 آگسٽ تي عمران خان حڪومت خلاف ڀرپور تحريڪ جو اعلان ڪري چڪو آهي ساڳي ريت طاهرالقادري جي رٿيل انقلاب کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت پاران فوج جو سهارو ورتو پيو وڃي اهڙي فيصلي کي ملڪ جي مڙني سياسي پارٽيون قبول ڪرڻ کان انڪاري آهن جيئن جيئن ڏينهن ويجھا ايندا پيا وڃن تيئن حڪومت لاءِ پريشاني جو سامان وڌندو پيو وڃي ان سان گڏ حڪومت هڪ پاسي عمران خان ۽ طاهرالقادري سان ڳالهين تي زور ڏئي رهي آهي ته ٻئي پاسي ڇڙواڳ وزيرن جا وات بند نه ٿا ٿين جنهن سبب ڪشيدڪي وڌندي پئي وڃي . اهڙي ماحول ۾ هن وقت جنهن جاءِ تي جمهوريت کي خطرا پيش آهن ان جاءِ تي فوج ۽ عام شهرين کي هڪ ٻئي جي سامهون آڻي ٽڪراءَ واري صورتحال پيدا ڪئي پئي وڃي ، هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته حڪومت عمران خان ۽ طاهرالقادري جي انقلاب کي ڪهڙي طرح روڪيندي جنهن سان انساني جانيون نقصان کان بچي سگھن .
mehwishabasi17@gmail.com


No comments:

Post a Comment