Wednesday 23 July 2014

My article #Palestine #Gaza in daily Sindh express 23-07-2014


فلسطينين تي ٿيندڙ ۽ خاموش عالمي طاقتون
مهوش عباسي
دنيا ۾ جتي امن امان جا درس ڏنا ٿا وڃن ۽ انساني حقن جون تنظميون انسانيت ، ڀائيچاري ، اتحاد ، امن ۽ سيڪيولرزم جون دعوائون ڪري رهيون آهن ان جاءِ تي اسرائيلين پاران فلسطينين مٿان ظلم ۽ بربريت جي انتها ٿي رهي آهي ، اسرائيلين پاران غزا جي عام شهرين ، عورتن ۽ ٻارڙن مٿان بمباري ڪئي پئي وڃي ، جنهن جي نتيجي ۾ چند ڏينهن اندر 163 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 2000 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن ، زخمين ۾ وڏو تعداد عورتن ۽ معصوم ٻارڙن جو آهي جڏهن ته اسرائيلين جي حملن سبب 90 ۽ ٻار ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿي چڪا آهن جنهن سبب ڪيترائي ٻار نفسياتي بيمارين ۾ پڻ مبتلا ٿي چڪا آهن ، فلسطينين کي گھر خالي ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ان کان علاوه زميني ڪارروايون پڻ شروع ڪيون ويون آهن جنهن ۾ پڻ ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿيڻ جو خدشو آهي ، سوين فلسطيني نوجوانن کي گرفتار ڪري سرائيلي جيلن ۾ قيد ڪيو ويو آهي جڏهن ته 214 ٻار پڻ اسرائيلي جيلن ۾ قيد آهن . دنيا اندر ڏيڍ ارب مسلمان ، 42 مسلم رياستون ۽ حڪومتون ڪيتري عرصي کان اهو تماشو ڏسي رهيون آهن . اسرائيل جيڪو 21 عرب ملڪن ۾ گھيريل ملڪ آهي ايتري آزادي سان فلسطين تي حملا ڪري رهيو آهي ، جيڪا مسلم رياستن جي وڏي ڪمزوري آهي . حديث آھي ته
"منھنجي امت ھڪ جسم جيان آھي"
پر افسوس اڄ امت بي حس بڻجي ويئي آھي،
دنيا جا ايترا اسلامي ملڪ ۽ ھڪ اسرائيل.
ڪنھن اڳواڻ چيو ھئو ته جيڪڏھن مسلمان ملي ڪري ھڪ ھڪ بالٽي پاڻي جي اسرائيل مٿان ھاريندا ته اسرائيل ان پاڻي جي سيلاب ۾ ئي غرق ٿي ويندو .

اسرائيل طرفان فلسطينين تي اهي حملا ۽ جنگ 2007ع کان جاري آهي جنهن ۾ 18 جنوري 2009 ۾ تيزي آئي ، ڊسمبر 2008 کان جنوري 2009 تائين اسرائيل جي حملن ۾ 1،417 فلسطيني شهيد ٿيا ، اقوام متحده جي رپورٽ مطابق هن وقت تائين اسرائيل جي حملن ۽ بمباري ۾ 17 لک فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن ان کان علاوه بمباري ۾ ڪيتريون ئي مسجدون ، اسڪول ، ڪاليج ، اسپتالون ، پوليس اسٽيشنون ، تجارتي مرڪز ، صنعتون ۽ هزارين گھر تباه ٿي چڪا آهن ، ايترو عرصو گذرڻ باوجود انهن حملن ۾ ڪا ڪمي نظر نه آئي آهي ، بلڪه گذريل ڪجھ ڏينهن کان اسرائيلين طرفان فلسطين جي شهر غزا تي بمباري ۾ اضافو ٿي چڪو آهي .  
 هڪ نظر اسرائيلين جي تاريخ تي وجھجي ته پهرين جنگ عظيم جيڪا 1914 ع کان 1918 ع تائين جاري رهي ان جي خاتمي کان پوءِ فلسطين کي برطانيه جي ضابطي هيٺ ڏنو ويو ان وقت فلسطين جي آبادي 7 لک ماڻهن تي مشتمل هئي انهن 7 لکن مان ان وقت مسلمانن جي آبادي 5 لک 74 هزار عيسائين جي آبادي 70 هزار ۽ يهودين جي آبادي صرف 56 هزار هئي يعني مسلمانن جي آبادي جي ڀيٽ ۾ صرف 8 سيڪڙو يهودي هئا تنهن هوندي به انهن فلسطينين تي قبضو ڪري ورتو .
فلسطين جي مسئلي تي 1947 ع ۾ اقوام متحده هڪ خصوصي ڪميٽي تشڪيل ڏني جنهن ۾ تجويز پيش ڪئي وئي ته فلسطين کي آزادي ڏني وڃي ۽ آزاد فلسطين رياست ۾ هر شهريءَ کي برابريءَ جا حق ڏنا وڃن پر صيهونين ان جي مخالفت ڪئي ۽ انهن فلسطين کي ٻن جدا جدا رياستن ۾ تقسيم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي ۽ انهيءَ تجويز مطابق فلسطين جي ڌرتيءَ جو اڌ کان وڌيڪ حصو يهودين لاءِ مختص ڪيو ويو 15 مئي 1948ع تي فلسطين برطانيه جي عملداريءَ مان آزاد ٿيو ۽ انهيءَ ڏينهن تي ئي يهودين اسرائيلي رياست جي قيام جو هڪ طرفو اعلان ڪري ڇڏيو . 1967 ۾ اسرائيلين فلسطين جي ڪيترن ئي علائقن تي تي قبضو ڪيو .
1967ع کان وٺي اڄ تائين قبضي ڪيل علائقن جي آبادي جو چوٿون حصو فلسطيني اسرائيلي فوج جي ضابطي ۾ آهي . 1948 ع ۾ کان وٺي اڄ تائين اسرائيل جي جارحانه ڪارواين جي نتيجي ۾ 1965 ع 1967 ع 1973 ع ۽ 1982 ع ۾ چار جنگيون ٿي چڪيون آهن . گذريل 52 سالن کان وٺي اسرائيل وارن فلسطينين کي نيست و نابود ڪرڻ لاءِ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي ، سيپٽمبر 1993ع ۾ اوسلو معاهدو ڪيو ويو ان معاهدي ۾ يقين ڏياريو ويو ته فلسطين کي آزاد رياست بڻايو ويندو قبضي ڪيل علائقا خالي ڪرايا ويندا يهودين جي آبادڪاريءَ تي پابندي لڳائي ويندي ۽ لڏي ويل فلسطينين کي واپس پنهنجن ماڳن تي آباد ڪيو ويندو باقي مشرقي يروشلم جو معاملو ڳالهه ٻولهه ذريعي طئه ڪيو ويندو جيڪو پڻ فلسطينين جي حق ۾ هيو ، اهو معاهدو اسرائيل جي وزير اعظم اسحاق رابن ڪيو هو پر اهو معاهدو اسرائيلين جي حق ۾ نه هيو جنهن سبب وزيراعظم کي قتل ڪرائي معاهدي کي ختم ڪرايو ويو .

 اسرائيل هن وقت دنيا جي ملڪن مان هٿيارن جو پنجون وڏو واپاري ملڪ آهي اسرائيل وٽ هٿيارن جي ڪا به کوٽ ڪانهي اسرائيل جا ميزائيل مظلوم فلسطينين تي وسندا رهن ٿا هر هفتي ٻئي هفتي ڪا ٿي نه ڪاٿي اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ باهه جا شعلا بلند ٿيندي نظر اچن ٿا ،  اسرائيلي فوجي ٽينڪن هيلي ڪاپٽرن گن شپ ۽ جديد هٿيارن ذريعي بيگناه انسانن مٿان فائرنگ ۽ بمباري ڪري رهيا آهن ۽ مقابلي ۾ فلسطيني انهن کي پٿر هڻي رهيا آهن .  اسرائيلين جي اهڙي عمل تي انسانيت جي دعوى ڪندڙ ادارو اقوام متحده ڪي خاص اپاءِ نه وٺي رهيو آهي جيڪو هڪ شرمناڪ عمل آهي اهو سڀ اقوام متحده جي پنهنجي ئي جوڙيل قانون خلاف آهي ، هن وقت عالمي برادري صرف اپيلن تي اتفاق ڪري رهي آهي ، فلسطين پاران غزا ۾ فوري جنگ بندي لاءِ اقوام متحده ۾ اپيل داخل ڪرائي وئي آهي ، انسانيت جو مظاهرو ڪندي يورپ ، آمريڪا ۽ لنڊن ۾ پڻ غزا تي بمباري روڪڻ لاءِ احتجاج ڪيا ويا آهن ، پر اسرائيلين تي ڪو خاص دٻاءُ نه پيو وڌو وڃي جو هو فوري طور انسان دشمن ، جارحانا حملا بند ڪن . جتي لنڊن ۽ يورپ ۾ يهودي توڙي عيسائي انسان دوستي جو ثبوت ڏيندي فلسطينين لاءِ بيٺا آهن اتي دنيا جي ٻين اسلامي ملڪن کي پڻ قدم کڻڻ گهرجن ، انساني حقن جي تنظيمن کي به گهرجي ته هو غزا جي معصوم شهرين جون وڌيڪ جانيون ضايع ٿيڻ کان بچائين . هن وقت عالمي ميڊيا جو ڪردار به وائکو ٿي چڪو آهي جن اسرائيلين جي ڪارروائي خلاف قدم نه کنيا آهن .

اسرائيلين طرفان ايتري عرصي کان حملا ڪيا پيا وڃن جنهن سبب اڄ به غزا ڄڻ کليل هوا ۾ هڪ قيدي شهر آهي ، غزا جي چوڌاري سمنڊ آهي ، اسرائيلي سمنڊ جي چوڌاري حملا ڪري غزا جي شهرين کي سوڙهو ڪري رهيا آهن جڏهن ته مصر جون سرحدون به بند ڪيل آهن جنهن سبب غزا جا شهري پناه حاصل ڪرڻ لاءِ مصر به منتقل نه ٿا ٿي سگھن . هن وقت اسرائيلين طرفان فلسطينين تي ظلم جي انتها ٿي چڪي آهي ، اسرائيلين جي بربريت پوري دنيا آڏو اچي چڪي آهي جنهن سبب اسان جي ڪنڌ شرم وچان جھڪي چڪا آهن ، دنيا جا اسلامي ملڪ بيان بازي کانسواءِ فلسطينين جي ڪا به مدد نه ڪري رهيا آهن جنهن سبب بيگناه انسانن جو رت وهي رهيو آهي ، مسلامنن کي هن وقت ٻڌي ۽ اتحاد ڪري عالمي سطح تي هڪ وڏي طاقت ٿي اڀري پنهنجي تحفظ لاءِ طاقتور ٿيڻو پوندو ، عالمي ادارن کي گھرجي تي فوري طور اپاءَ وٺي اسرائيلين جا حملا بند ڪرائي فلسطين ۾ امن جي فضا قائم ڪرائي فلسطينين کي پنهنجا حق ڏئي جيئڻ جو موقعو فراهم ڪيو وڃي .

No comments:

Post a Comment