Saturday 17 May 2014

My column in Daily Awami Awaz 17-5-2014 #Karachi #TargetedOperation#PMLN #MQM #PPP


ڪراچي آپريشن لاءِ ورتل اپاءَ –

مهوش عباسي

گذريل سال سيپٽمبر جي مهيني کان ڪراچي اندر ٽارگيٽڊ آپريشن جاري آهي جيڪو سياسي پارٽين جي راضپي سان شروع ڪيو ويو ، وقت گذرڻ سان آپريشن جا نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا، ڪراچي جي حالتن ۾ سڌارو اچڻ شروع ٿي ويو جنهن کي مڪمل عمل چئي نه ٿو سگھجي ڇو ته اڃان آپريشن جي سڌاري ۽ ماڻهن کي امن مهيا ڪرڻ لاءِ وڌيڪ سنجيدگي جي گهرج آهي ، وزير اعظم پاڪستان ، چيف آف آرمي اسٽاف ، ڊي جي آءِ ايس آءِ ، وزير اعلى سنڌ ، گورنر سنڌ ، اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سميت مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن جو ڪراچي آپريشن کي وڌيڪ تيز ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۾ اجلاس ڪوٺايو، جيڪو هڪ اعلى سطحي اجلاس هيو جنهن ۾ سياسي پارٽين توڙي عسڪري ادارن جي شرڪت اهم هئي پر هر دفعي وانگر هن دفعي به تمام سياسي پارٽيون هڪ پيچ تي گڏ نه ٿي سگھيون، جڏهن ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي طرفان ڪا به شرڪت نظر نه آئي. اجلاس ۾ ڪجھه سياسي پارٽين ڪراچي آپريشن تي تحفظات جو اظهار ڪيو، ايتري تائين جو هڪ جماعت پاران سنڌ جي گورنر کي هٽائڻ تي پڻ زور ڏنو ويو جيڪڏهن ڪراچي مسئلي تي تمام سياسي پارٽيون گڏ ٿي هلن ته ڪراچي ۾ امن امان قائم ٿي سگھي ٿو .

اجلاس ۾ وزير اعظم پاڪستان غير قانوني سمون بند ڪرڻ جو ذڪر ڪيو، ان سان گڏ ڪراچي جي اچڻ وڃڻ وارن رستن تي اسڪينر لڳائڻ جي تجويز پڻ ڏني وئي ۽ ڪراچي آپريشن کي تيز ڪرڻ تي زور ڏنو ويو. جيڪي اجلاس جا اهم ۽ ضروري نقطا آهن ڇو ته پاڪستان ۾ غير قانوني ڪارروايون ، دهشتگردي ، اغوا ۽ ڀتا خوري جهڙيون ڪارروايون موبائل فون ذريعي ڪيون وڃن ٿيون جڏهن ته ڪروڙن جي تعداد ۾ غير قانوني سمون استعمال ڪيون پيون وڃن ، جڏهن ته ڏوهاري سرگرمين ۾ پاڪستان اندر ايراني ۽ افغاني سمون پڻ استعمال ٿي رهيون آهن . اجلاس ۾ وزير اعظم نواز شريف جو چوڻ هيو ته ڪراچي اندر سياسي پارٽين جا عسڪري ونگ آهن، جنهن کان سياسي پارٽيون نابري واري رهيون آهن پر حقيقت اها آهي ته سڀني پارٽين وٽ ويڙهاڪ موجود آهن ، ٻئي طرف ڏسجي ته ڪراچي ۾ پوليس اندر سياسي ڀرتيون به ٿي رهيون آهن، جنهن جي ڪري ڪراچي آپريشن صاف شفاف نه ٿي رهيو آهي، جنهن تي پڻ وزير اعظم کي سخت قدم کڻڻ گھرجن ۽ سياسي عسڪري ونگن کي ظاهر ڪيو وڃي ۽ جيڪي به سياسي پارٽيون ان عمل ۾ ملوث آهن انهن جو به نالو سامهون اچڻ گھرجي. ڪجھه وقت اڳ ڪراچي پوليس جي آفيسر دهشتگردي ۾ ملوث ڪجھه ماڻهن جو تعلق هڪ سياسي جماعت سان ڄاڻايو ته ان جماعت پاران ان عمل تي سخت احتجاج ڪيو ويو ۽ وفاق پاران ڪراچي پوليس کي هدايتون جاري ڪيون ويون ته ڏوهن ۾ ملوث ڪارڪنن جي وابستگي ڪنهن به پارٽي سان ظاهر نه ڪئي وڃي جيڪڏهن پارٽين تي ڪک رکيا ويا ته پوءِ ڪهڙي طرح اندازو لڳائي سگھبو ته ڪهڙي ڌر ۽ سندس عسڪري ونگ ڏوهن ۾ ملوث آهي .

اعلى سطحي اجلاس ٿي ته وڃن ٿا پر انهن جو بهترنتيجو نظر نه ايندو آهي. هن وقت به جيڪڏهن ايتري وڏي اجلاس کانپوءِ به ڪراچي جي عوام کي امن امان ۽ تحفظ فراهم نه ڪيو ويو ته عوام جو حڪومت ، پوليس ۽ ادارن تان يقين کڄي ويندو ، گذريل ڪيترن سالن کان ڪراچي دهشتگردي ، ڀتا خوري ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جهڙين ڪاررواين ۾ جڪڙيل آهي جن کان عوام تنگ اچي چڪي آهي ، وڌيڪ آپريشن واري صورتحال ۽ دهشتگردي واري ماحول ۾ رهڻ به ڪراچي جي عوام لاءِ مشڪل اچي رهيو آهي . حقيقت ۾ ڪراچي آپريشن ۾ حڪومت جي ايمانداري ۽ سنجيدگي نظر نه اچي رهي آهي جنهن سبب 10 مهينا گذرڻ باوجود به ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي عوام سک جو ساهه نه کنيو آهي ، سنڌ ۾ 2 سياسي پارٽيون سرگرم آهن جن مان اقتدار پي پي پي سنڀاليو ويٺي آهي، جنهن جي امن امان قائم ڪرڻ ۾ ڪا دلچسپي نظر نه اچي رهي آهي، جڏهن ته سنڌ جو گورنر ٻي سياسي پارٽي ايم ڪيو ايم جو آهي ، ايم ڪيو ايم به ڪراچي ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۾ دلچسپي نه ڏيکاري رهي آهي. جڏهن ته هن وقت اجلاس ۾ ڪراچي آپريشن تي تحفظات جو اظهار به ڪري چڪي آهي . گذريل 5 سال به پي پي پي جي حڪومت رهي جنهن وقت ۾ به هر روز 20 کان 30 ماڻهو ڪراچي اندر ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ دهشتگرديءَ جو شڪار ٿيندا هئا، هن وقت به دهشتگردي واري صورتحال ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪراچي جي امن امان لاءِ وڏو مسئلو بڻيل آهي. امن امان لاءِ جيڪي به اجلاس گھرايا ويا، ڪاميٽيون جوڙيون ويون ۽ آپريشن شروع ڪيا ويا اهي هميشه سياسي نظر ٿيندا رهيا آهن ، سياسي پارٽين جي نالي تي ڏوهارين کي آزاد ڪرايو وڃي ٿو حقيقت ۾ ڪو به ڏوهاري جيڪو قانون جي خلاف ورزي ڪري ۽ امن امان ۾ خلل وجھي پوءِ هو ڪهڙي به مذهب ، فرقي ، سياسي پارٽي يا زبان سان تعلق رکندو هجي ان کي سزا ڏني وڃي .

ڪراچي اندر امن امان واري صورتحال قائم ڪرڻ جي ذميواري وفاق کان وڌيڪ سنڌ حڪومت جي آهي، جنهن لاءِ سنڌ حڪومت کي گھرجي ته آپريشن کي صاف ۽ شفاف ٺاهي تيزي سان اڳتي وڌائي ، پاڪستان جي عوام ۽ معيشيت جو دارومدار ڪراچي تي آهي. ڪراچي اهڙو شهر آهي جيڪو ملڪ کي 70 فيصد روينيو ڏئي ٿو. هتان جو ڪمايل روينيو پوري ملڪ ۾ ڪم اچي ٿو ، دهشتگردي جي باوجود ڪراچي ۾ رهڻ عوام جي مجبوري آهي ڇو ته هتي عام ماڻهو ڪاروبار ڪن ٿا. ڪراچي ڪروڙين ماڻهن جي روزگار جو سبب آهي جيڪڏهن ڪراچي ۾ امن واري صورتحال قائم نه ٿي ته ان جو نقصان پوري ملڪ کي ٿيندو .

ڪراچي ۾ امن واري صورتحال ۽ ٽارگيٽڊ آپريشن جي ڪنهن حد تائين ڪاميابي ۾ پوليس ۽ رينجرز جو وڏو ڪردار آهي جيڪي ايمانداري سان ڪم ڪري رهيا آهن ۽ پنهنجي جانين جا نذرانا پڻ ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته فوج به پوليس ۽ رينجرز سان گڏ آهي ۽ ضرورت پوڻ تي ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال قائم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي سگھي ٿي . ڪراچي جي صورتحال کي ڏسجي ته اڃان به حساس علائقن ۾ وڌيڪ پوليس اسٽيشن ٺاهڻ جي ضرورت آهي . ڪراچي آپريشن ڪجھه قدر بهتري سان وڌي رهيو آهي. جيڪڏهن ڪجھه مهينن ۾ 50 سيڪڙو به صورتحال تي ضابطو آيو آهي ته اها آپريشن جي ڪاميابي آهي پر ان سلسلي کي رڪڻ نه گھرجي. ايتري وڏي آبادي واري شهر لاءِ سڪيورٽي سخت ڪئي وڃي ۽ پوليس کي هر وقت هاءِ الرٽ رکيو وڃي . ڪراچي ٽارگيٽد آپريشن دوران 20،000 کان وڌيڪ ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، جن جي جانچ پڙتال ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ بيگناه ماڻهن کي آزاد به ڪيو ويو. ڪيتريون گرفتاريون شڪ جي بنياد تي ڪيون ويون انهن ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو جن خلاف شڪايتون درج هيون، جيڪي مختلف غير قانوني ڪاررواين ۾ ملوث هئا.

هاڻي ڏسجي ته وفاق ۽ سنڌ حڪومت ڪراچي آپريشن ۾ ڪيتري تيزي آڻي ٿي ۽ سياسي جماعتون ان آپريشن ۾ ادارن جو ڪيترو ساٿ ڏينديون جيڪو وقت ٻڌائيندو.

No comments:

Post a Comment