Wednesday, 23 July 2014

My article #Palestine #Gaza in daily Sindh express 23-07-2014 (Mehwish Abbasi) #GazaUnderAttack #PrayForGaza #FreePalestine Posted on July 23, 2014 فلسطينين تي ٿيندڙ ظلم ۽ خاموش عالمي طاقتون


My article #Palestine #Gaza in daily Sindh express 23-07-2014


فلسطينين تي ٿيندڙ ۽ خاموش عالمي طاقتون
مهوش عباسي
دنيا ۾ جتي امن امان جا درس ڏنا ٿا وڃن ۽ انساني حقن جون تنظميون انسانيت ، ڀائيچاري ، اتحاد ، امن ۽ سيڪيولرزم جون دعوائون ڪري رهيون آهن ان جاءِ تي اسرائيلين پاران فلسطينين مٿان ظلم ۽ بربريت جي انتها ٿي رهي آهي ، اسرائيلين پاران غزا جي عام شهرين ، عورتن ۽ ٻارڙن مٿان بمباري ڪئي پئي وڃي ، جنهن جي نتيجي ۾ چند ڏينهن اندر 163 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 2000 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن ، زخمين ۾ وڏو تعداد عورتن ۽ معصوم ٻارڙن جو آهي جڏهن ته اسرائيلين جي حملن سبب 90 ۽ ٻار ذهني دٻاءُ جو شڪار ٿي چڪا آهن جنهن سبب ڪيترائي ٻار نفسياتي بيمارين ۾ پڻ مبتلا ٿي چڪا آهن ، فلسطينين کي گھر خالي ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ان کان علاوه زميني ڪارروايون پڻ شروع ڪيون ويون آهن جنهن ۾ پڻ ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿيڻ جو خدشو آهي ، سوين فلسطيني نوجوانن کي گرفتار ڪري سرائيلي جيلن ۾ قيد ڪيو ويو آهي جڏهن ته 214 ٻار پڻ اسرائيلي جيلن ۾ قيد آهن . دنيا اندر ڏيڍ ارب مسلمان ، 42 مسلم رياستون ۽ حڪومتون ڪيتري عرصي کان اهو تماشو ڏسي رهيون آهن . اسرائيل جيڪو 21 عرب ملڪن ۾ گھيريل ملڪ آهي ايتري آزادي سان فلسطين تي حملا ڪري رهيو آهي ، جيڪا مسلم رياستن جي وڏي ڪمزوري آهي . حديث آھي ته
"منھنجي امت ھڪ جسم جيان آھي"
پر افسوس اڄ امت بي حس بڻجي ويئي آھي،
دنيا جا ايترا اسلامي ملڪ ۽ ھڪ اسرائيل.
ڪنھن اڳواڻ چيو ھئو ته جيڪڏھن مسلمان ملي ڪري ھڪ ھڪ بالٽي پاڻي جي اسرائيل مٿان ھاريندا ته اسرائيل ان پاڻي جي سيلاب ۾ ئي غرق ٿي ويندو .

اسرائيل طرفان فلسطينين تي اهي حملا ۽ جنگ 2007ع کان جاري آهي جنهن ۾ 18 جنوري 2009 ۾ تيزي آئي ، ڊسمبر 2008 کان جنوري 2009 تائين اسرائيل جي حملن ۾ 1،417 فلسطيني شهيد ٿيا ، اقوام متحده جي رپورٽ مطابق هن وقت تائين اسرائيل جي حملن ۽ بمباري ۾ 17 لک فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن ان کان علاوه بمباري ۾ ڪيتريون ئي مسجدون ، اسڪول ، ڪاليج ، اسپتالون ، پوليس اسٽيشنون ، تجارتي مرڪز ، صنعتون ۽ هزارين گھر تباه ٿي چڪا آهن ، ايترو عرصو گذرڻ باوجود انهن حملن ۾ ڪا ڪمي نظر نه آئي آهي ، بلڪه گذريل ڪجھ ڏينهن کان اسرائيلين طرفان فلسطين جي شهر غزا تي بمباري ۾ اضافو ٿي چڪو آهي .  
 هڪ نظر اسرائيلين جي تاريخ تي وجھجي ته پهرين جنگ عظيم جيڪا 1914 ع کان 1918 ع تائين جاري رهي ان جي خاتمي کان پوءِ فلسطين کي برطانيه جي ضابطي هيٺ ڏنو ويو ان وقت فلسطين جي آبادي 7 لک ماڻهن تي مشتمل هئي انهن 7 لکن مان ان وقت مسلمانن جي آبادي 5 لک 74 هزار عيسائين جي آبادي 70 هزار ۽ يهودين جي آبادي صرف 56 هزار هئي يعني مسلمانن جي آبادي جي ڀيٽ ۾ صرف 8 سيڪڙو يهودي هئا تنهن هوندي به انهن فلسطينين تي قبضو ڪري ورتو .
فلسطين جي مسئلي تي 1947 ع ۾ اقوام متحده هڪ خصوصي ڪميٽي تشڪيل ڏني جنهن ۾ تجويز پيش ڪئي وئي ته فلسطين کي آزادي ڏني وڃي ۽ آزاد فلسطين رياست ۾ هر شهريءَ کي برابريءَ جا حق ڏنا وڃن پر صيهونين ان جي مخالفت ڪئي ۽ انهن فلسطين کي ٻن جدا جدا رياستن ۾ تقسيم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي ۽ انهيءَ تجويز مطابق فلسطين جي ڌرتيءَ جو اڌ کان وڌيڪ حصو يهودين لاءِ مختص ڪيو ويو 15 مئي 1948ع تي فلسطين برطانيه جي عملداريءَ مان آزاد ٿيو ۽ انهيءَ ڏينهن تي ئي يهودين اسرائيلي رياست جي قيام جو هڪ طرفو اعلان ڪري ڇڏيو . 1967 ۾ اسرائيلين فلسطين جي ڪيترن ئي علائقن تي تي قبضو ڪيو .
1967ع کان وٺي اڄ تائين قبضي ڪيل علائقن جي آبادي جو چوٿون حصو فلسطيني اسرائيلي فوج جي ضابطي ۾ آهي .​ 1948 ع ۾ کان وٺي اڄ تائين اسرائيل جي جارحانه ڪارواين جي نتيجي ۾ 1965 ع 1967 ع 1973 ع ۽ 1982 ع ۾ چار جنگيون ٿي چڪيون آهن . گذريل 52 سالن کان وٺي اسرائيل وارن فلسطينين کي نيست و نابود ڪرڻ لاءِ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي ، سيپٽمبر 1993ع ۾ اوسلو معاهدو ڪيو ويو ان معاهدي ۾ يقين ڏياريو ويو ته فلسطين کي آزاد رياست بڻايو ويندو قبضي ڪيل علائقا خالي ڪرايا ويندا يهودين جي آبادڪاريءَ تي پابندي لڳائي ويندي ۽ لڏي ويل فلسطينين کي واپس پنهنجن ماڳن تي آباد ڪيو ويندو باقي مشرقي يروشلم جو معاملو ڳالهه ٻولهه ذريعي طئه ڪيو ويندو جيڪو پڻ فلسطينين جي حق ۾ هيو ، اهو معاهدو اسرائيل جي وزير اعظم اسحاق رابن ڪيو هو پر اهو معاهدو اسرائيلين جي حق ۾ نه هيو جنهن سبب وزيراعظم کي قتل ڪرائي معاهدي کي ختم ڪرايو ويو .

 اسرائيل هن وقت دنيا جي ملڪن مان هٿيارن جو پنجون وڏو واپاري ملڪ آهي اسرائيل وٽ هٿيارن جي ڪا به کوٽ ڪانهي اسرائيل جا ميزائيل مظلوم فلسطينين تي وسندا رهن ٿا هر هفتي ٻئي هفتي ڪا ٿي نه ڪاٿي اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ باهه جا شعلا بلند ٿيندي نظر اچن ٿا ،  اسرائيلي فوجي ٽينڪن هيلي ڪاپٽرن گن شپ ۽ جديد هٿيارن ذريعي بيگناه انسانن مٿان فائرنگ ۽ بمباري ڪري رهيا آهن ۽ مقابلي ۾ فلسطيني انهن کي پٿر هڻي رهيا آهن .  اسرائيلين جي اهڙي عمل تي انسانيت جي دعوى ڪندڙ ادارو اقوام متحده ڪي خاص اپاءِ نه وٺي رهيو آهي جيڪو هڪ شرمناڪ عمل آهي اهو سڀ اقوام متحده جي پنهنجي ئي جوڙيل قانون خلاف آهي ، هن وقت عالمي برادري صرف اپيلن تي اتفاق ڪري رهي آهي ، فلسطين پاران غزا ۾ فوري جنگ بندي لاءِ اقوام متحده ۾ اپيل داخل ڪرائي وئي آهي ، انسانيت جو مظاهرو ڪندي يورپ ، آمريڪا ۽ لنڊن ۾ پڻ غزا تي بمباري روڪڻ لاءِ احتجاج ڪيا ويا آهن ، پر اسرائيلين تي ڪو خاص دٻاءُ نه پيو وڌو وڃي جو هو فوري طور انسان دشمن ، جارحانا حملا بند ڪن . جتي لنڊن ۽ يورپ ۾ يهودي توڙي عيسائي انسان دوستي جو ثبوت ڏيندي فلسطينين لاءِ بيٺا آهن اتي دنيا جي ٻين اسلامي ملڪن کي پڻ قدم کڻڻ گهرجن ، انساني حقن جي تنظيمن کي به گهرجي ته هو غزا جي معصوم شهرين جون وڌيڪ جانيون ضايع ٿيڻ کان بچائين . هن وقت عالمي ميڊيا جو ڪردار به وائکو ٿي چڪو آهي جن اسرائيلين جي ڪارروائي خلاف قدم نه کنيا آهن .

اسرائيلين طرفان ايتري عرصي کان حملا ڪيا پيا وڃن جنهن سبب اڄ به غزا ڄڻ کليل هوا ۾ هڪ قيدي شهر آهي ، غزا جي چوڌاري سمنڊ آهي ، اسرائيلي سمنڊ جي چوڌاري حملا ڪري غزا جي شهرين کي سوڙهو ڪري رهيا آهن جڏهن ته مصر جون سرحدون به بند ڪيل آهن جنهن سبب غزا جا شهري پناه حاصل ڪرڻ لاءِ مصر به منتقل نه ٿا ٿي سگھن . هن وقت اسرائيلين طرفان فلسطينين تي ظلم جي انتها ٿي چڪي آهي ، اسرائيلين جي بربريت پوري دنيا آڏو اچي چڪي آهي جنهن سبب اسان جي ڪنڌ شرم وچان جھڪي چڪا آهن ، دنيا جا اسلامي ملڪ بيان بازي کانسواءِ فلسطينين جي ڪا به مدد نه ڪري رهيا آهن جنهن سبب بيگناه انسانن جو رت وهي رهيو آهي ، مسلامنن کي هن وقت ٻڌي ۽ اتحاد ڪري عالمي سطح تي هڪ وڏي طاقت ٿي اڀري پنهنجي تحفظ لاءِ طاقتور ٿيڻو پوندو ، عالمي ادارن کي گھرجي تي فوري طور اپاءَ وٺي اسرائيلين جا حملا بند ڪرائي فلسطين ۾ امن جي فضا قائم ڪرائي فلسطينين کي پنهنجا حق ڏئي جيئڻ جو موقعو فراهم ڪيو وڃي .

Sunday, 22 June 2014

سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۽ ڌرتي ڌڻين جو وجود! مهوش عباسي

سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۽ ڌرتي ڌڻين جو وجود!
مهوش عباسي
ڪنهن به ڌرتي جو حقيقي وجود ۽ بقا ان جي رهاڪن ، رياستي وجود ، ثقافت ، مذهب ۽ ٻولي سان قائم رهندو آهي جنهن ڌرتي جا ماڻهو پنهنجي وجود ، رياست ، ثقافت ، ٻولي ۽ مذهب کي بچائي نه سگھندا آهن اهي ماڻهو وقت سان گڏ پنهنجو ۽ پنهنجي ڌرتي جو وجود ختم ڪري ڇڏيندا آهن جنهن سبب ڌاريا ان ڌرتي تي قابض ٿي پاڻ مڃرائيندا آهن ۽ ان ڌرتي جا اصل رهاڪو پوئتي ٿي ويندا آهن جنهن جو مثال يورپ توڙي دنيا جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ نظر اچي ٿو ، فرانس به ان دور مان گذري رهيو آهي ان جي اصلي رهواسين پاڻ کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي ۽ اڄ پنهنجي بقا لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن . جتي وسيلن جي گهڻائي هجي، وسيلن جا وارث به ننڌڻڪا هجن اتي ڌاريا انهيء ڌرتيء جي وسيلن جي ورهاست تي هڪ ٻئي سان ويڙھ ڪندا رهندا آهن .
اهڙو ئي حشر سنڌ سان ٿي رهيو آهي  هزارين سال سنڌ پاڻ کي پوري دنيا ۾ هڪ سيڪيولر ۽ صوفياڻي ڌرتي ڪري مڃرايو صوفين سان عقيدت جي ڪري سنڌ ڌرتي رواداري قائم رکي ، مذهبي رواداري  ۽ ڪنهن به قسم جي فرق نه هجڻ جي ڪري سنڌ پوري دنيا لاءِ مثال بڻيل رهي ، 1947 واري ورهاڱي ۾ سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪيو ويو اڄ به ماڻهن جي ذهن ۾ اها غلط فهمي ويهاري وئي آهي ته پاڪستان جو بنياد مذهبي بنيادن تي ٿيو پر حقيقت ۾ سنڌ اسيمبلي جي پاڪستان جي حمايت واري قراردا توڙي 1940 ع ۾ پيش ٿيل لاهور واري قرارداد ۾ ۾ ڪٿي به اهو ذڪر نه آهي ته مذهبي بنيادن تي هندوستان جو ورهاڱو ۽ ڪنهن به قسم جي لڏپلاڻ ٿي . ورهاڱي کانپوءِ ڪيترائي مهاجر دهلي ، اتر پرديش ۽ بهار کان سنڌ صوبي ۾ لڏپلاڻ ڪري آيا ، پاڪستان جي نئين ٺهيل رياست ۾ سنڌي ماڻهو سياسي توڙي سماجي طور يتيم ٿي ويا ، لياقت علي خان ۽ ٻين لڏپلاڻ ڪري آيل مهاجرن کي سنڌ جي شهرن اندر اهڙي منظم طريقي سان آباد ڪيو جيئن قومي ۽ صوبائي اسيمبلين اندر سندن ماڻهن جو انگ چڱي تعداد ۾ داخل ڪري سگھجي جيئن مهاجرن کي پيش ايندڙ مسئلن کي منهن ڏيڻ سان گڏ سندن حق حاصل ڪري سگھجن سندن اهڙي سوچ ڪامياب وئي ، مسلم ليگ جي قيادت ۾ جيڪي مهاجر هندوستان مان لڏپلاڻ ڪري سنڌ ۾ آيا اهي اردو برادري تي مشتمل هئا جيڪي سنڌ تي قابض ٿي ويا جنهن سبب مذهبي بنيادن تي سنڌ جا اصل رهاڪو سنڌي هندو هندوستان ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا ۽ سنڌ پنهنجي حقيقي سڃاڻپ کان محروم ٿيندي پئي وڃي . مهاجرن کي سنڌين جيءَ ۾ جايون ڏنيون پر اڄ پنهنجن ئي همدردن کي ڏنگي رهيا آهن کائن شايد پنهنجو ماضي وسري چڪو آهي ، کين اهي ڏينهن وسري ويا جڏهن پنجاب جي ماڻهن کين پنجاب ۾ لهڻ ئي نه ڏنو ۽ چيو ويو ته پاڪستان اڳتي آهي .
ساڳئي طرح اتر وزيرستان اندر هلندڙ آپريشن ۾ متاثر ٿيندڙ پناهگيرن کي به سنڌ آڻڻ لاءِ تياريون شروع ڪيون ويون آهن ، بنون ۾ قائم ڪيل ڪئمپ اندر پناهگيرن رهڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آهي اندروني طور سنڌ حڪومت تي زور وڌو ويو آهي ته متاثرين کي ڪراچي اندر رهايو وڃي جنهن لاءِ حڪومت ڇنڊ ڇاڻ بعد پناهگيرن کي ڪراچي اچڻ جي اجازت تي راضي ٿي وئي آهي ، گذريل 24 ڪلاڪن دوران اتر وزيرستان جي علائقن مان 1 لک 70 هزار متاثر علائقا ڇڏي چڪا آهن جن جو پشاور ، لاهور ، پنڊي ، اسلام آباد ، فيصل آباد رهڻ جو ڪو به ارادو نه آهي سندن نظرون سنڌ جي شهر ڪراچي تي کتل آهن . گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان انهن علائقن جا ڪيترائي ماڻهو ڪراچي اندر پهريان ئي آباد آهن جنهن ڪري خدشو آهي ته لڏپلاڻ ڪندڙن کي به آهستي آهستي ڪراچي آڻي رهايو ويندو ، ڪجھ ڏينهن اڳ منهنجو سکر کان حيدرآباد اچڻ ٿيو اتفاق سان پشاور کان ايندڙ ڪوچ ۾ مون کي سيٽ ملي جڏهن سکر کان ڪوچ نڪري آئي ته هڪ چيڪ پوسٽ تي گاڏي جي تلاشي ورتي وئي سپاهي جي نظر هڪ اجنبي ماڻهو تي پئي جنهن وٽ پاڪستان جو ڪارڊ ئي نه هو جڏهن سپاهي کيس ٻانهن کان جھلي هيٺ لهڻ لاءِ چيو ته ڪنڊيڪٽر ۽ ڊرائيور مداخلت ڪندي سپاهي کي 100 روپيا ڏنا ۽ هن جوان ان مان هٿ ڪڍيا جيڪڏهن اسان 100 روپين جي عيوض سنڌ ڌرتي تي ڌارين کي داخلا ڏينداسين ته پوءِ سنڌ جو ڇا ٿيندو ؟
اهڙي طرح سنڌ ۾ ڪيترين ئي ٻين قومن جي ماڻهن جي لڏپلاڻ ٿيندي رهي آهي پوءِ زلزلي سٽيل هجن ، بارشن ، ٻوڏ ۽ ڏڪار سٽيلن کي سنڌ ۾ آباد ڪيو ويو آهي ، اهڙي طرح سنڌ اندر به ڪيترائي ڏڪار ، ٻوڏون آيون آهن پر ڪڏهن به پنجاب يا ڪي پي ڪي سنڌي ماڻهن کي لاهور يا پشاور اندر سهولتون ڏئي رهائڻ جي ڳالهه نه ڪئي آهي هر ڀيري سنڌ حڪومت ڏيهه ڏڪاريل ماڻهن کي انسانيت جي ناتي قبول ڪندي رهي آهي پر اهڙو مثال ملڪ جي ٻئي ڪنهن صوبي قائم نه ڪيو آهي ايتري تائين جو گذريل سالن ۾ آيل ٻوڏن ۽ بارشن سبب جڏهن سنڌ جي ماڻهن کي سنڌ حڪومت پاران ڪراچي ۽ حيدرآباد آڻي کين آباد ڪرڻ جا وچن ڪيا ويا جنهن تحت ٻوڏ ۽ بارش سٽيل متاثر جڏهن شهرن ۾ پهتا ته شهري آبادين اندر رهندڙ مهاجرن حد درجي جي مخالفت ڪئي جنهن سبب سنڌ حڪومت پنهنجا پير پوئتي ڪري متاثرن کي بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو جنهن سبب ڪيترا متاثر واپس پنهنجن ماڳن ڏانهن موٽي ويا جڏهن ته اڄ به ڪيترائي روڊن ڪناري پنهنجي معصوم ٻارڙن ۽ عورتن سميت ڪسم پرسي واري حالت ۾ گذاري رهيا آهن . جنهن صوبي جي شهر ڪراچي اندر سنڌ جي ٻين ضلعن جي ماڻهن کي پناه نه ٿي ڏني وڃي اتي آخر ڌارين کي ڪنهن جي زور تي رهايو پيو وڃي ، پاڪستاني رياست جي سنڌ دشمن آئين جو سهارو وٺي ڪيترائي ماڻهو سنڌ جو رخ ڪيو ويٺا آهن جن مان اڪثريت جو ڦيرو ڪراچي ڏانهن آهي ڇو ته ڪراچي ملڪ جي هر نسل جي معاشي پناه گاه رهي آهي ، افغانستان ۾ جنگيون لڳڻ سبب ڪيترائي افغاني سنڌ ڏانهن لڏپلاڻ ڪندا ايندا رهيا ، پهريون ڀيرو افغاني پناهگير 1980 ع ۾ سنڌ ڏانهن لڏپلاڻ ڪري آيا ان وقت افغانستان ۾ ” سويت “ واري جنگ هلي رهي هئي ، هڪ ايجنسي جي رپورٽ مطابق هن وقت سنڌ ۽ ڪراچي اندر 70،000کان وڌيڪ افغاني مهاجر رهي رهيا آهن ، جيتوڻيڪ اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ 30،000 پنجاب ۾ 20،000 ، ڪشمير ، گلگت ۽ بلتستان ۾ 15،000 افغاني پناهگير رهيل آهن .
هاڻي سنڌ ۾ ڌاريا پنهنجي وجود لاءِ وڙهي رهيا آهن جيئن اڄڪلھ ڪراچيء جي روڊن رستن تي مهاجر ۽ پٺاڻ سنڌ جي وسيلن تي قبضي جي لاء وڙهندا وتن ٿا. هاڻي سياسي لاوارث سنڌي قوم به منجهي پئي آهي ته انهيء ڦورو ٽولن جي ويڙھ ۾ ڪنهنجو ساٿ ڏجي ۽ ڪنهن جي خلاف ٿيجي. ڪجھ اڳواڻ ايم ڪيو ايم جي محبت ۾ پٺاڻن کي تڙي ڪڍڻ جي ڳالھ ڪن ٿا ، ڪجھ اڳواڻ ايم ڪيو ايم جي بغض ۾ پٺاڻن جي هٿان مهاجرن جي مارجڻ جي حمايت ڪن ٿا ۽ سنڌ جا نام نهاد سياستدان انهن ڦورو ٽولن جي ويڙھ ۾ سنڌين کي اڻ ڌريو رهڻ جي صلاح ڏين ٿا . ايتري انتها ٿيڻ کان پوءِ ذهن ۾ ڪجھ ضروري سوال اڀرن ٿا جن تي سنڌ جي جي سڄڻن ، دانشورن ، ليکڪن ، اديبن ۽ سياستدانن کي سوچڻ گھرجي ته ڇا مهاجر سنڌ ڇڏي ڀڄي ويندا؟ ڇا مهاجر سنڌ جي شهرن تي پنهنجو اڌ صديء جو قائم ٿيل قبضو ختم ڪري ڇڏيندا؟ ڇا مهاجرن ۽ پٺاڻن جي جهيڙي ۾ سنڌين کي ڪو فائدو ملندو؟ ڇا پٺاڻ مهاجرن کي ماري سنڌ جي شهرن جا مالڪ ٿي ويندا؟ جيڪڏهن اهي سنڌ جا مالڪ بڻجي ويندا ته سنڌين جو ڇا ٿيندو ، سنڌي ماڻهو پنهنجي ڌرتي تي پاڻ نڌڻڪا ٿي ويندا جيڪو اسان جي وجود کي قائم رکڻ لاءِ نقصانڪار آهي ، ايئن ئي رهيو ته اسان سنڌي به تاريخ بڻجي وينداسين ۽ صرف تاريخ جي ورقن تائين محدود رهنداسين ته اسان جو ڪو به وجود هيو .
پاڪستان جي رياستي قانون ۾ صرف ٽي سال رهڻ کان پوء پٺاڻ سنڌ جا اصلي شهري ٿي ويندا ، سنڌ جي اسڪولن ، ڪاليجن ،يونيورسٽين ، نوڪرين، اسيمبلين ۾ پٺاڻن جي نمائندگي هوندي. ٽرانسپورٽ ، قبضا گيري ، غير قانوني هٿيار ۽ منشيات جي پئسي سان پٺاڻ سنڌ جي هر هڪ اداري ۾ هوندا ۽ نتيجو اهو نڪرندو جو سنڌ ڪنهن نئين ڀٽي جي پاس ٿيل نئين آئين جي هيٺ ٽي لساني صوبو بڻجي ويندو جيئن ايم ڪيو ايم سربراه ون ۽ ٽو جي ڳالهه ڪري رهيو آهي . هڪ ڪروڙ آباديء جي بنياد تي مهاجر سنڌي وزيراعلي جي ڀيٽ ۾ مهاجر گورنر جي گهر ڪن ٿا ته پوء پٺاڻ به هڪ ڪروڙ آباديء جي بنياد تي ڪنهن پٺاڻ نائب وزيراعلي جي گهر ڪري سگهن ٿا. پٺاڻن ۽ مهاجرن جي ويڙھ ۾ ڀلي اسان اڻ ڌريا هجئون پر اهو جهيڙو اسان جي ڌرتيء تي ٿئي پيو .
سنڌ حڪومت کي هن وقت سنجيدگي جو مظاهرو ڪندي ڌارين جي آبادڪاري کي روڪڻ لاءِ سخت قدم کڻڻ گھرجن جيڪڏهن ملڪ تي ڏکيو وقت آيو آهي ته ان ۾ ٻين صوبن کي به ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ گھرجي هر ڀيري سنڌ تي اهڙيون مصيبتون نه وڌيون وڃن جنهن سان ڌرتي ڌڻين جو جيئڻ جنجال بڻجي وڃي.

My Article in Today's Daily #Kawish Newspaper 22-06-2014 سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ۽ ڌرتي ڌڻين جو وجود


My peace of writing in Daily Kawish newspaper about #Thar #Sindh #Pakistan


Saturday, 31 May 2014

My Column in Daily Sindh Express 31-5-2014 #Secularism and our society


دنيائيت (سيڪيولرزم) جو درست مفهوم ۽ اسانجو سماج
مهوش عباسي
سيڪيولرزم جنهن جي لفظي معنى دنيائيت ۽ لغوي معنى مذهبي رواداري آهي ، دنيائيت جو مقصد آهي ته هن دنيا کي ڪيئن ٺاهجي ، سنوارجي ۽ رواداري سان هلجي سيڪيولرزم يعني دنيائيت کي سمجھڻ جي بيحد ضرورت آهي ڇو ته اسانجي سماج ۾ ماڻهو دنيائيت جو غلط مفهوم سمجھن ٿا . مولانا عبدالحق جنهن پهرين اردو لغت ٺاهي جنهن ۾ هن سيڪيولرزم جو مطلب لا دينيت لکيو جنهن سبب اڄ تائين ماڻهو ان لفظ جي مطلب ۽ مفهوم کي چڱي طرح سمجھي نه سگھيا آهن جڏهن ته دنيائيت مذهب جي نفي نه ٿي ڪري بلڪه سيڪيولرزم يا دنيائيت بين الاقوامي مذهبي روادري سيکاري ٿي جنهن جي ذريعي هر ماڻهو پنهنجي مذهب ۾ رهندي ٻئي مذهب جي ماڻهن سان برابري وارو سلوڪ رکي هڪ خوشحال ۽ بهتر ماحول ٺاهي سگھي ٿو ، دنيائيت ۾ رواداري صرف مذهب تائين محدود نه آهي اسانجي سماج ۾ مختلف رنگ ، نسل ، زبان ، مذهب ، ذات ، سوچ ، فڪر ، نظريي وارا ماڻهو موجود آهن هر قسم جي انسان سان گڏجي رهڻ انهن جي سوچ ۽ فڪر جو احترام ڪرڻ انهن جي ڪنهن به طرح سان دل آزاري نه ڪرڻ کي سيڪيولرزم يا دنيائيت چئجي ٿو .
هن دنيا سان انسان جو ڪهڙو تعلق آهي ۽ انسان کي هن دنيا کي ڪيئن بهتر بنائڻ گھرجي اهو سڀ اسان کي دنيائيت سيکاري ٿي ، دنيائيت جو مقصد پنهنجي معاشري جي خراب حالتن کي ڏسي هٿ تي هٿ ڏئي ويهڻ نه بلڪه پنهنجي سماج لاءِ بهتر قدم کڻڻ آهي مطلب ته دنيا ڏانهن اسان کي ذميوار رهڻ گھرجي ، معاشري کي سنوارڻ ۽ انصاف وارو ٺاهڻ دنيائيت جو مقصد آهي . پوري دنيا ۾ الميو اهو آهي ته غريب ڏينهن و ڏينهن غريب تر ۽ امير امير تر پيو ٿئي هڪڙا ماڻهو بک ۽ بدحالي سبب مري رهيا آهن ۽ ٻيا ماڻهو گھڻو کائي مري رهيا آهن ، اهڙن مسئلن کي کڻڻ ۽ ان جو حل ڪڍڻ گھرجي ته ڪيئن سماج ۾ سڌارو ۽ برابري اچي جيڪو اسان کي سيڪيولرزم ( دنيائيت ) سيکاري ٿي .
 معاشري ۾ برداشت وارو رويو اختيار ڪرڻ گھرجي برداشت ، صبر ، احترام ۽ ٻين کي تحفظ ڏيڻ ئي دنيائيت آهي جنهن جو درس دنيا جا سڀ مذهب پڻ ڏين ٿا . پر اسان جي سماج ۾ دنيائيت ( سيڪيولرزم ) کي غلط سمجھيو وڃي ٿو جنهن سبب جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کي سيڪيولر سڏرائي ٿو ته ذهن ۾ اها سوچ اچي ويندي آهي ته هن جو ته ڪو مذهب ۽ دين نه آهي جيڪا هڪ غلط سوچ آهي ، سيڪيولر ماڻهن جو مذهب هوندو آهي اهي پنهنجي مذهب ۾ رهي سيڪيولر ٿي سگهن ٿا .
مذهب جاندار شين جو هوندو آهي رياست هڪ بي جان شي آهي جنهن جو ڪو به مذهب نه هجڻ گھرجي مذهب فردن جو هجي ٿو پر اسان جي ملڪ کي اسلامي ملڪ سڏيو وڃي ٿو جنهن سبب دنيائيت جو تصور ختم ٿيڻ لڳو آهي پاڪستان ۾ اڄ اقليتن کي تحفظ حاصل نه آهي هندو ۽ عيسائي برداري سميت هاڻي سک برادري به محفوظ نه رهي آهي مندر ، گرجا گھر ساڙيا تباه ڪيا وڃن ٿا ۽ هاڻي سکن جي مقدس ڪتاب جي به توهين ڪئي وئي آهي . جرمني جي شهر برلينگ ۾ 19 صدي دوران انتها پسندن هڪ لائبريري کي ساڙيو جنهن کانپوءِ اتي هڪ قول لکيو ويو ته جيڪي ماڻهو اختلافن سبب ڪتاب ساڙين ٿا اهي هڪ ڏينهن انسانن کي به ساڙيندا ، جيڪو هن وقت ثابت ٿي چڪو آهي  جرمني ۾ 60 لک ماڻهو ساڙيا ويا جيڪو انساني تاريخ جو هڪ وڏو الميو آهي ، پاڪستان جون حالتون به ان طرف سفر ڪري رهيون آهن جن تي جلد از جلد ضابطو آڻڻ جي ضرورت آهي .
دنيا اندر سيڪيولر رياستون مذهبن جي نفي نه بلڪه مذهبن جو تحفظ ڪنديون آهن ، اهي رياستون معاشري ۾ موجود ماڻهن جي اختلاف هجڻ باوجود به هڪ ٻئي کي تسليم ڪرڻ سان گڏ هڪ ٻئي جو احترام ڪنديون آهن ، پر اسانجي ملڪ مان رواداري ۽ برداشت ختم ٿي چڪي آهي ، دنيا اندر آمريڪا ، ڪينيڊا ، جرمني ، ڀارت ، ترڪي ، نائجيريا سيڪيولر رياستون آهن ، ڪنهن به ملڪ يا رياست جو سيڪيولر هجڻ مطلب ان ملڪ يا رياست جو ڪو مذهب نه آهي ۽ ان ملڪ جي آئين ۾ ڪنهن به مذهب کي مخصوص نه بڻايو ويندو آهي ۽ هر مذهب کي برابري ڏني ويندي آهي . پر رياست جو سيڪيولر هجڻ به ڪافي ناهي جيستائين ان رياست جا فرد سيڪيولر ناهن تيستائين معاشري ۾ سڌارو ممڪن نه آهي ، جيڪڏهن رياست سيڪيولر آهي پر ان جا فرد انتها پسند آهن ته ڏڦيڙ ڪڏهن ختم نه ٿيندو ، مذهب ماڻهن جي حقيقت آهي جنهن جو احترام ڪرڻ ضروري آهي ، سيڪيولر ماڻهو مهذب ۽ ذميوار هوندو آهي جيڪو معاشري ۾ موجود هر فرد کي عزت ۽ حق ڏئي ٿو ان سان گڏ پنهنجي مذهب جو به احترام ڪري ٿو ۽ ٻين مذهبن جو به احترام ڪري ٿو ، قرآن پاڪ ۾ به لکيل آهي ته ” لڪم دين ڪم  ولي دين“ مطلب منهنجو دين مون سان ۽ توهانجو دين توهان سان آهي . ڪنهن به فرد جو عقيدو ، سوچ ، نظريو ، فڪر ، ثقافت ، ٻولي پنهنجي آهي جنهن کي ذبردستي ٻين تي حاوي به نه ڪرڻ گھرجي ۽ سماج ۾ موجود پاڻ کان مختلف فردن ، مذهبن ، ٻولين جو احترام ڪرڻ گھرجي . ها جيڪڏهن ڪنهن به فرد کي پنهنجي سوچ يا فڪر تي آڻڻ جي ضرورت آهي ته اهو پنهنجي لفظن سان ڪرڻ گھرجي نه وري زور زبردستي سان ڳالهه مڃرائجي .
 تاريخ کان موجوده دور تائين ڪو به انساني معاشرو هڪجهڙائي نه ٿو رکي هر دور ۾ مختلف مذهبن ، رواجن ۽ ٻولين جا ماڻهو موجود هجن ٿا ، انساني توڙي قدرتي نظام هڪ جهڙي ساخت ، مزاج ، سرشتو ۽ ڍانچو نه ٿو رکي جن کي قبول ڪرڻ ۽ برابري ڏيڻ ۾ ئي سماج جي خوبصورتي ۽ بهتري آهي ، گلدستو به تڏهن خوبصورت لڳندو آهي جڏهن ان ۾ مختلف رنگن ۽ قسمن جا گل ۽ مخلف خوشبو موجود هوندي آهي اهڙي طرح اسانجي سماج جي به خوبصورتي مختلف ، سوچن ، مذهبن ، ٻولين ۽ ثقافتن ۾ آهي جن کي ختم ڪرڻ بجاءِ اڳتي وڌائڻ گھرجي ۽ هڪ با مهذب سماج ٺاهڻ گھرجي .

سماج ۾ بين المذهبي ، بين اللثاني ، بين الاخلاقي رواداري هجڻ ضروري آهي جيڪا صرف دنيائيت ( سيڪيولرزم ) جي ڪري ئي پيدا ٿي سگھي ٿي ، دنيا جو هر مذهب ٻين مذهبن جو احترام ڪرڻ سيکاري ٿو ۽ هر ڪنهن کي برابر انصاف ڏئي ٿو ، الله تعالى پاڻ فرمايو آهي ته مان انسانن تي پنهنجا حق معاف ڪري سگھان ٿو پر انسانن جا انسانن تي حق معاف نه ڪندس ، حضرت محمد ﷺ پڻ پنهنجي آخري خطبي ۾ عربي کي عجمي تي اهميت نه ڏني ، سڀني کي برابر رکيو ۽ عدل ۽ انصاف جو درس ڏنو . اسلام ۾ رواداري آهي ٻين مذهبن جو احترام ۽ تحفظ آهي جيڪو عيسائيت توڙي ٻين مذهبن ۾ پڻ موجود آهي عالمي امن ۽ سٺي اخلاقيات جو درس دنيا جو هر مذهب سيکاري ٿو ان لاءِ هر معاشري ۾ برابري ۽ رواداري هجڻ ضروري آهي ڪو به سماج تڏهن مهذب ۽ سيڪيولر ٿيندو جڏهن سوين مسلمانن ۾ هڪ هندو يا عيسائي پاڻ کي محفوظ سمجھندو ، جڏهن هزارين سنڌي ڳالهائيندڙن ۾ اردو ڳالهائيندڙ پاڻ کي محفوظ سمجھندا . ڪنهن به انسان جو واسطو ٻئي انسان سان ان جي اخلاقيات ۽ رويي سان هوندو آهي اسان کي پنهنجا رويا درست ڪرڻ جي ضررورت آهي مذهبي بنياد تي انتها پسند سوچ رکي اسان پنهنجي معاشري کي پاڻ بگاڙي رهيا آهيون ان بگاڙ ۽ انتها پسندي کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان کي رواداري اختيار ڪرڻي پوندي جيڪا دنيائيت ۾ سمايل آهي .