دنيائيت (سيڪيولرزم) جو درست
مفهوم ۽ اسانجو سماج
مهوش عباسي
سيڪيولرزم جنهن جي لفظي معنى دنيائيت ۽ لغوي معنى مذهبي
رواداري آهي ، دنيائيت جو مقصد آهي ته هن دنيا کي ڪيئن ٺاهجي ، سنوارجي ۽ رواداري
سان هلجي سيڪيولرزم يعني دنيائيت کي سمجھڻ جي بيحد ضرورت آهي ڇو ته اسانجي سماج ۾
ماڻهو دنيائيت جو غلط مفهوم سمجھن ٿا . مولانا عبدالحق جنهن پهرين اردو لغت ٺاهي جنهن
۾ هن سيڪيولرزم جو مطلب لا دينيت لکيو جنهن سبب اڄ تائين ماڻهو ان لفظ جي مطلب ۽
مفهوم کي چڱي طرح سمجھي نه سگھيا آهن جڏهن ته دنيائيت مذهب جي نفي نه ٿي ڪري بلڪه
سيڪيولرزم يا دنيائيت بين الاقوامي مذهبي روادري سيکاري ٿي جنهن جي ذريعي هر ماڻهو
پنهنجي مذهب ۾ رهندي ٻئي مذهب جي ماڻهن سان برابري وارو سلوڪ رکي هڪ خوشحال ۽ بهتر
ماحول ٺاهي سگھي ٿو ، دنيائيت ۾ رواداري صرف مذهب تائين محدود نه آهي اسانجي سماج
۾ مختلف رنگ ، نسل ، زبان ، مذهب ، ذات ، سوچ ، فڪر ، نظريي وارا ماڻهو موجود آهن هر
قسم جي انسان سان گڏجي رهڻ انهن جي سوچ ۽ فڪر جو احترام ڪرڻ انهن جي ڪنهن به طرح
سان دل آزاري نه ڪرڻ کي سيڪيولرزم يا دنيائيت چئجي ٿو .
هن دنيا سان انسان جو ڪهڙو تعلق آهي ۽ انسان کي هن دنيا کي
ڪيئن بهتر بنائڻ گھرجي اهو سڀ اسان کي دنيائيت سيکاري ٿي ، دنيائيت جو مقصد پنهنجي
معاشري جي خراب حالتن کي ڏسي هٿ تي هٿ ڏئي ويهڻ نه بلڪه پنهنجي سماج لاءِ بهتر قدم
کڻڻ آهي مطلب ته دنيا ڏانهن اسان کي ذميوار رهڻ گھرجي ، معاشري کي سنوارڻ ۽ انصاف
وارو ٺاهڻ دنيائيت جو مقصد آهي . پوري دنيا ۾ الميو اهو آهي ته غريب ڏينهن و ڏينهن
غريب تر ۽ امير امير تر پيو ٿئي هڪڙا ماڻهو بک ۽ بدحالي سبب مري رهيا آهن ۽ ٻيا
ماڻهو گھڻو کائي مري رهيا آهن ، اهڙن مسئلن کي کڻڻ ۽ ان جو حل ڪڍڻ گھرجي ته ڪيئن
سماج ۾ سڌارو ۽ برابري اچي جيڪو اسان کي سيڪيولرزم ( دنيائيت ) سيکاري ٿي .
معاشري ۾ برداشت
وارو رويو اختيار ڪرڻ گھرجي برداشت ، صبر ، احترام ۽ ٻين کي تحفظ ڏيڻ ئي دنيائيت
آهي جنهن جو درس دنيا جا سڀ مذهب پڻ ڏين ٿا . پر اسان جي سماج ۾ دنيائيت (
سيڪيولرزم ) کي غلط سمجھيو وڃي ٿو جنهن سبب جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کي سيڪيولر سڏرائي
ٿو ته ذهن ۾ اها سوچ اچي ويندي آهي ته هن جو ته ڪو مذهب ۽ دين نه آهي جيڪا هڪ غلط
سوچ آهي ، سيڪيولر ماڻهن جو مذهب هوندو آهي اهي پنهنجي مذهب ۾ رهي سيڪيولر ٿي سگهن
ٿا .
مذهب جاندار شين جو هوندو آهي رياست هڪ بي جان شي آهي جنهن
جو ڪو به مذهب نه هجڻ گھرجي مذهب فردن جو هجي ٿو پر اسان جي ملڪ کي اسلامي ملڪ
سڏيو وڃي ٿو جنهن سبب دنيائيت جو تصور ختم ٿيڻ لڳو آهي پاڪستان ۾ اڄ اقليتن کي
تحفظ حاصل نه آهي هندو ۽ عيسائي برداري سميت هاڻي سک برادري به محفوظ نه رهي آهي مندر
، گرجا گھر ساڙيا تباه ڪيا وڃن ٿا ۽ هاڻي سکن جي مقدس ڪتاب جي به توهين ڪئي وئي آهي
. جرمني جي شهر برلينگ ۾ 19 صدي دوران انتها پسندن هڪ لائبريري کي ساڙيو جنهن کانپوءِ
اتي هڪ قول لکيو ويو ته جيڪي ماڻهو اختلافن سبب ڪتاب ساڙين ٿا اهي هڪ ڏينهن انسانن
کي به ساڙيندا ، جيڪو هن وقت ثابت ٿي چڪو آهي جرمني ۾ 60 لک ماڻهو ساڙيا ويا جيڪو انساني
تاريخ جو هڪ وڏو الميو آهي ، پاڪستان جون حالتون به ان طرف سفر ڪري رهيون آهن جن
تي جلد از جلد ضابطو آڻڻ جي ضرورت آهي .
دنيا اندر سيڪيولر رياستون مذهبن جي نفي نه بلڪه مذهبن جو
تحفظ ڪنديون آهن ، اهي رياستون معاشري ۾ موجود ماڻهن جي اختلاف هجڻ باوجود به هڪ
ٻئي کي تسليم ڪرڻ سان گڏ هڪ ٻئي جو احترام ڪنديون آهن ، پر اسانجي ملڪ مان رواداري
۽ برداشت ختم ٿي چڪي آهي ، دنيا اندر آمريڪا ، ڪينيڊا ، جرمني ، ڀارت ، ترڪي ،
نائجيريا سيڪيولر رياستون آهن ، ڪنهن به ملڪ يا رياست جو سيڪيولر هجڻ مطلب ان ملڪ
يا رياست جو ڪو مذهب نه آهي ۽ ان ملڪ جي آئين ۾ ڪنهن به مذهب کي مخصوص نه بڻايو ويندو
آهي ۽ هر مذهب کي برابري ڏني ويندي آهي . پر رياست جو سيڪيولر هجڻ به ڪافي ناهي
جيستائين ان رياست جا فرد سيڪيولر ناهن تيستائين معاشري ۾ سڌارو ممڪن نه آهي ،
جيڪڏهن رياست سيڪيولر آهي پر ان جا فرد انتها پسند آهن ته ڏڦيڙ ڪڏهن ختم نه ٿيندو ،
مذهب ماڻهن جي حقيقت آهي جنهن جو احترام ڪرڻ ضروري آهي ، سيڪيولر ماڻهو مهذب ۽
ذميوار هوندو آهي جيڪو معاشري ۾ موجود هر فرد کي عزت ۽ حق ڏئي ٿو ان سان گڏ پنهنجي
مذهب جو به احترام ڪري ٿو ۽ ٻين مذهبن جو به احترام ڪري ٿو ، قرآن پاڪ ۾ به لکيل
آهي ته ” لڪم دين ڪم ولي دين“ مطلب منهنجو
دين مون سان ۽ توهانجو دين توهان سان آهي . ڪنهن به فرد جو عقيدو ، سوچ ، نظريو ،
فڪر ، ثقافت ، ٻولي پنهنجي آهي جنهن کي ذبردستي ٻين تي حاوي به نه ڪرڻ گھرجي ۽
سماج ۾ موجود پاڻ کان مختلف فردن ، مذهبن ، ٻولين جو احترام ڪرڻ گھرجي . ها جيڪڏهن
ڪنهن به فرد کي پنهنجي سوچ يا فڪر تي آڻڻ جي ضرورت آهي ته اهو پنهنجي لفظن سان ڪرڻ
گھرجي نه وري زور زبردستي سان ڳالهه مڃرائجي .
تاريخ کان موجوده
دور تائين ڪو به انساني معاشرو هڪجهڙائي نه ٿو رکي هر دور ۾ مختلف مذهبن ، رواجن ۽
ٻولين جا ماڻهو موجود هجن ٿا ، انساني توڙي قدرتي نظام هڪ جهڙي ساخت ، مزاج ، سرشتو
۽ ڍانچو نه ٿو رکي جن کي قبول ڪرڻ ۽ برابري ڏيڻ ۾ ئي سماج جي خوبصورتي ۽ بهتري آهي
، گلدستو به تڏهن خوبصورت لڳندو آهي جڏهن ان ۾ مختلف رنگن ۽ قسمن جا گل ۽ مخلف
خوشبو موجود هوندي آهي اهڙي طرح اسانجي سماج جي به خوبصورتي مختلف ، سوچن ، مذهبن
، ٻولين ۽ ثقافتن ۾ آهي جن کي ختم ڪرڻ بجاءِ اڳتي وڌائڻ گھرجي ۽ هڪ با مهذب سماج
ٺاهڻ گھرجي .
سماج ۾ بين المذهبي ، بين اللثاني ، بين الاخلاقي رواداري
هجڻ ضروري آهي جيڪا صرف دنيائيت ( سيڪيولرزم ) جي ڪري ئي پيدا ٿي سگھي ٿي ، دنيا
جو هر مذهب ٻين مذهبن جو احترام ڪرڻ سيکاري ٿو ۽ هر ڪنهن کي برابر انصاف ڏئي ٿو ،
الله تعالى پاڻ فرمايو آهي ته مان انسانن تي پنهنجا حق معاف ڪري سگھان ٿو پر انسانن
جا انسانن تي حق معاف نه ڪندس ، حضرت محمد ﷺ پڻ پنهنجي آخري خطبي ۾ عربي کي عجمي
تي اهميت نه ڏني ، سڀني کي برابر رکيو ۽ عدل ۽ انصاف جو درس ڏنو . اسلام ۾ رواداري
آهي ٻين مذهبن جو احترام ۽ تحفظ آهي جيڪو عيسائيت توڙي ٻين مذهبن ۾ پڻ موجود آهي عالمي
امن ۽ سٺي اخلاقيات جو درس دنيا جو هر مذهب سيکاري ٿو ان لاءِ هر معاشري ۾ برابري
۽ رواداري هجڻ ضروري آهي ڪو به سماج تڏهن مهذب ۽ سيڪيولر ٿيندو جڏهن سوين مسلمانن
۾ هڪ هندو يا عيسائي پاڻ کي محفوظ سمجھندو ، جڏهن هزارين سنڌي ڳالهائيندڙن ۾ اردو
ڳالهائيندڙ پاڻ کي محفوظ سمجھندا . ڪنهن به انسان جو واسطو ٻئي انسان سان ان جي
اخلاقيات ۽ رويي سان هوندو آهي اسان کي پنهنجا رويا درست ڪرڻ جي ضررورت آهي مذهبي
بنياد تي انتها پسند سوچ رکي اسان پنهنجي معاشري کي پاڻ بگاڙي رهيا آهيون ان بگاڙ
۽ انتها پسندي کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان کي رواداري اختيار ڪرڻي پوندي جيڪا دنيائيت ۾
سمايل آهي .
No comments:
Post a Comment