Friday, 20 September 2013

stop war on bodies of women and children Mehwish Abbasi column about #women rap cases


INCREASE IN WOMEN VIOLANCE AND RAP CASES IN #PAKISTAN #SINDH @MehwishAbbasi Columnist


My column published in daily awami awaz 20-09-2013 about violance on women and increase in rap cases
MEHWISH ABBASI
عورتن ۽ ٻارڙن سان زيادتين جو نه کٽندڙ سلسلو

پاڪستان دنيا ۾ عورتن جي آبادي جي حساب سان ڇهون وڏو ملڪ آهي جنهن ۾ عورتن جي آبادي ڏهن ڪروڙن کان به وڌيڪ آهي پاڪستان ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جي حقن لاءِ 23 کان وڌيڪ پاليسيون، منصوبا، آئين ۽ قانون پاس ٿي چڪا آهن، مگر انهن معاملن تي اڄ ڏينهن تائين حقيقي طور تي عمل نه ٿي سگھيو آهي جنهن ڪري ملڪ اندر اڄ به عورتن ۽ معصوم ٻارڙن کي سنگين مسئلا درپيش آهن جن کي عورت منهن ڏيندي پئي اچي. جنس جي فرق جي ڪري عورتن جي حقن لاءِ قانون جا بل پاس ڪرائيندڙ  عورتن جا محافظ سڏرائيندڙ اسانجا حڪمران عورتن سان ٿيندڙ ڏاڍاين تي نوٽيس وٺڻ بجاءِ عورتن تي ٿيندڙ ظلم تي پنهنجا چپ به چورڻ جي ضرورت محسوس نه ٿا ڪن، سندن اهڙي ڪردار سبب پوري ملڪ سميت خاص طور تي سنڌ ۽ پنجاب اندر اهڙن واقعن جا ڪيس داخل نه ڪرڻ ۽ قانون تي عمل نه ڪرائڻ سبب ڪيتري وقت کان معصوم ٻارڙين سان ذيادتين جي سلسلي ۾ گھٽتائي اچڻ بجاءِ واڌارو ٿيندو پيو وڃي جيڪو اسانجي معاشري لاءِ هڪ شرمناڪ عمل آهي .

تازو ٿر ۾ موتان ڀيل سان روح ڏڪائيندڙ ذيادتي جو واقعو پيش آيو جنهن ۾ موتان ڀيل کي ان جي ڏير جي ڪيل ڏوه جي سزا ڏني وئي، ان واقعي جو پسمنظر ڏسجي ته ڪجھ وقت اڳ ڪنهن ماڻهو کي سندن گھر کان ويندي ڏٺو ويو جنهن جي نتيجي ۾ غيرت ڏيکاريندي موتان ڀيل جي ڏير ان ڌر جي هڪ نياڻي سان ڏاڍائي ڪري سندس وڊيو رڪارڊ ڪري ٻين کي ڏيکاري جنهن تي ان ڌر جي ماڻهن غيرت جو مظاهرو ڪندي موتان ڀيل سان ان جي ٻارڙن ۽ گھر واري اڳيان ڏاڍائي ڪئي شايد ان وقت انهن کي اهو احساس نه هيو ته ٿر جي ماروئڙن جي زمين جتي ڪڏهن مارئي جي لوئي ۽ لڄ کي نقصان نه  پهتو هجي اتي اڄ جي مارئي سان اهڙو ظلم ڪيو ويو ڪيترو نه تڙپي هوندي ماروئڙن جي سرزمين، ٿر جي ڌرتي سالن تائين موتان ڀيل سان ٿيندڙ غير اخلاقي رويي کي نه وساري سگھندي. جنهن جي گھر جي ڀت اورانگھي وئي اها به هڪ عورت جنهن جي وڊيو رڪارڊ ڪئي وئي اها به عورت ۽ جنهن سان ڏاڍائي ڪئي وئي اها به عورت.

ان واقعي کانپوءِ 8 ڏوهارين کي اڃان تائين سزا نه ڏني وئي آهي جنهن جو سبب انهن جو سياسي ڌرين سان وابسطا هجڻ ۽ ٿر ۾ ٿيل جرڳو آهي. سنڌ اندر پيش ايندڙ اهڙي قسم جو هي پهريون واقعو نه آهي هر روز اهڙي قسم جا غير اخلاقي غير انساني واقعا پيش اچن ٿا جيڪي وڏيرن ۽ ڀوتارن جي مداخلت جي ڪري رپورٽ به نه ٿا ٿين. ڪيترا شريف خاندان خواري کان بچڻ خاطر چپ جو روزو رکن ٿا .

ان کان علاوه پنجاب ۾ به اهڙي قسم جي واقعن جو زور وڌي رهيو آهي جتي سرڪار جي نوٽيس وٺڻ باوجود به واقعن ۾ گھٽتائي نه اچي رهي آهي شايد ڀارت کانپوءِ هاڻي پاڪستان به اهڙن غير اخلاقي غير انساني واقعن جي ڊوڙ کٽڻ وارو آهي، ڀارت دنيا ۾ اهڙن واقعن ۾ سر فهرست آهي جنهن ۾ ڀارتي شهرين سان گڏ سير و تفريح لاءِ آيل غير ملڪي عورتن کي به تحفظ فراهم نه آهي انهن جي حڪومت ڀارتي شهرين ۽ انساني حقن جي تنظيمن جي ٿيندڙ پرجوش احتجاجن تي جاڳي ضرور ٿي جنهن جي نتيجي ۾ ڀارتي ڇوڪري سان ڏاڍائي ڪندڙ 3 ڏوهارين کي موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي پر ان جاءِ تي موتان ڀيل جي فرياد ڪير ڪندو ۽ ڪير ٻڌندو اسان وٽ موجود نام نهاد سياسي ۽ سماجي ڌريون ڇو ان کي انصاف ميسر ڪرڻ لاءِ جدوجهد نه ڪري رهيون آهن موتان ڀيل ۽ ان جي معصوم ٻارڙن جا ڏوهاري اڄ به آزاد آهن.

ملڪ جي آئين ۾ عورتن ۽ ٻارڙن جي حقن جي ادائگيءَ جا واضع حڪم آهن پر فرسوده ريتن رسمن جي ور چڙهيل معاشري جوڙيل قانون کي به ٿڏي ڇڏيو آهي جنهن سبب اسانجي ملڪ ۾ عورتن تي تشدد، ڪارو ڪري جي الزام ۾ قتل، غيرت ۽ عزت جي نالي تي عورتن کي قتل ڪرڻ کانپوءِ هن وقت معصوم ابهم ٻارڙين کي ڏاڍاين جو نشانو بڻايو پيو وڃي جنهن ۾ روز بروز اضافو ٿيندو پيو وڃي. ڪمپيوٽر جي دور ۽ ميڊيا جي طاقت باوجود اسان وٽ اهڙن شرمناڪ واقعن جو خاتمو ناممڪن بڻجي چڪو آهي اسلام ۾ عورت کي جيڪو اعلي مقام، مان ۽ مرتبو حاصل آهي اهو دنيا جي ڪنهن به مذهب ۽ تهذيب ۾ نه ٿو ملي ان باوجود اسان اسلامي قانونن کي پٺي ڏيندي پاڻ کي داغدار بڻائي رهيا آهيون. 2004 ع ۾ ڪاروڪاري خلاف قومي اسيمبلي ۾ قرارداد پيش ڪئي وئي پر جرڳا سسٽم جي پيداوار وڏيرن ۽ سردارن اهڙي قرارداد کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

پاڪستان جي 48 سيڪڙو آبادي ٻارڙن تي مشتمل آهي هڪ رپورٽ مطابق 2000ع کان 2010 تائين 7213 ٻارڙا قتل ٿي چڪا آهن 3411 ٻارڙن سان ذيادتيون ٿي چڪيون آهن، 3832 ٻارڙن تي تشدد، 3854 عورتن ۽ ٻارڙن جون خودڪشيون، 10176 اغوا، 9867 زبردستي شاديون، 882 وني ۽ 577 ڪارو ڪاري جهڙا واقعا پيش آيا آهن، 10 سالن اندر ايترن ٻارڙن ۽ عورتن کي اجل جو شڪار بڻايو ويو آهي جيڪي ڪنهن به جمهوري قانون ۽ آئين جي دعوي ڪندڙ ملڪ لاءِ سواليا نشان آهن؟ ان کان علاوه غربت سبب ٻارڙن کي وڪرو ڪرڻ، عورتن ۽ ٻارڙن کي جبري پورهيو وٺڻ عام ڳالهه بڻيل آهي جنهن سبب معصوم ٻار تعليم حاصل نه ٿا ڪري سگھن ۽ تعليم جي گھٽتائي ڪري هو آساني سان اهڙن واقعن جو شڪار ٿين ٿا ان لاءِ قانون کي سخت ڪرڻ سان گڏ حڪومت کي گھرجي ته اسڪولن سان گڏ ٻين تعليمي ادارن ۾ ٻارڙن ۽ عورتن کي اهڙن واقعن بابت آگاه ڪيو وڃي ۽ ان کان بچاءَ جا طريقا ۽ اهڙن واقعن ۾ ملوث ڏوهارين جي سزا کان پڻ آگاه ڪيو وڃي ته جيئن اهي ٻارڙا وڏا ٿي اهڙو ڏوه نه ڪري سگھن.

پاڪستان اندر عورتن ۽ ٻارڙن جي حقن لاءِ سوين اين جي اوز ڪم ڪري رهيون آهن جيڪي عورتن ۽ ٻارڙن جي ترقي ۽ حقن کي اهميت ڏيڻ، حالات جو تجزيو ڪرڻ، عورتن جي حقن لاءِ ڪانفرنسون ڪرڻ، عورتن جي ترقي، بهتري ۽ تعليم لاءِ قدم کڻڻ شامل آهن. افسوس آهي ته عورتن ۽ ٻارڙن لاءِ ڪم ڪندڙ اين جي اوز کي عورتن ۽ ٻارڙن جي نالي تي وڏيون رقمون ڏنيون وڃن ٿيون مگر افسوس اهي ادارا ان رقم جو اڌ حصو به عورتن ۽ ٻارڙن جي ڀلائي لاءِ خرچ نه ٿا ڪن .

اهڙي طرح سماج ۾ ڪجھ اهڙن انسانن پنهنجي اندر ۾ جانور جو وجود ويهاري ڇڏيو آهي جيڪو آپي مان نڪري وڃڻ بعد وڙهڻ شروع ڪندو آهي ان جو سبب اسان وٽ تعليم جي گھٽتائي آهي جنهن ڪري انسان اخلاقيات کان نڪري قدم کڻن ٿا، جيڪڏهن ملڪ اندر قتل عام، معصوم نياڻين کي اغوا ڪري انهن سان ذيادتي ڪرڻ جو سلسلو ايئن ئي هلندو رهيو ته پوءِ ملڪ اندر اها تبديلي ايندي ته هڪ انسان ٻئي انسان کي پنهنجي فائدي خاطر نقصان پهچائڻ ۾ دير نه ڪندو ان ڪري پاڪستان اندر اهڙين حالتن کي ختم ڪيو وڃي.

جنهن ملڪ اندر عورتن جي لڄ ۽ لوئي محفوظ نه هجي جتي انسان حوس جو شڪار ٿي معصوم ٻارڙن جي معصوميت کسين اتان جي انسان کي انسان ته نه سڏي سگھبو اهو انسان جي روپ ۾ لڪيل اهڙو جانور آهي جيڪو پنهنجي بک مٽائڻ خاطر آزادي سان ڪڏهن به ڪنهن کي به ڪجھ به ڪري سگھي ٿو .

اساناج چونڊيل نمائندا عورتن کي حق ڏيارڻ لاءِ وڏيون دعوائون ڪندا آهن پر وقت پوڻ تي وڏيرن ۽ ڀوتارن جون ونگارون وهندي پاڻ ئي جرڳن اندر ويهي سرپرستي ڪندي ڪارن قانونن کي عملي جامو پهرائيندا آهن جڏهن ته ڪيتريون ئي عورت ميمبر لکڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ عورتن جون حامي هونديون آهن پر ڪڏهن به ڪنهن جرڳي اندر عورتن کان شاهدي وٺڻ ۽ عورتن جي حمايت ڪندي نظر نه اينديون آهن جڏهن ته انساني حقن جون تنظيمون به ڏاڍن اڳيان ڪمزور ٿي پونديون آهن، پوليس ۽ انتظاميا به سردارن ۽ جاگيردارن جي حڪم جي تابع رهندي آئي آهي اهڙين حالتن اندر عورتن ۽ ٻارڙن جي حقن جا قانون ته جوڙي سگھجن ٿا پر انهن تي عمل ڪرائڻ ناممڪن بڻجي چڪو آهي اڄ اهي ملڪ ترقي جي راهن تي گامزن ٿي چڪا آهن جن عورتن کي مردن برابر آڻي برابري جي بنيان تي حق ڏنا آهن ڇو ته جيسيتائين مرد ۽ عورتون برابري جي بنياد تي نه گڏبا تيسيتائين اسان جي سماج ۾ سڌارو اچڻ ممڪن نه آهي اسان کي پنهنجيون ذميوايون سمجھڻ گھرجن جن کي پوري ايمانداري سان بجا آڻي عورتن ۽ ٻارڙن جي حقن ۽ بهتري لاءِ ڪم ڪجي ان ۾ ئي اسانجي معاشري جو بهتري ۽ ترقي جو راز سمايل آهي .

مهوش عباسي

chemist_mehwish@yahoo.com

Friday, 13 September 2013

MEHWISH ABBASI COLUMN ABOUT DEMAND OF #MQM FOR NEW PROVINCES #SINDH #PAKISTAN


Column on demand of new provinces by MQM

سنڌ جي ورهاڱي جو خواب

مهوش عباسي

ايم ڪيو ايم سربراه الطاف حسين هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ اندر نوان صوبا جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو سندس چوڻ آهي ته احساس محرومي ختم ڪرڻ لاءِ صوبا ٺهڻ گھرجن . الطاف حسين کي جڏهن به خبرن جي ذينت بڻجڻ جي ضرورت پوندي آهي ته هو اهڙا بيان ڏئي پاڻ کي موضوع بحث بڻائي ڇڏيندو آهي ڏٺو وڃي ته گذريل حڪومت سرائڪستان صوبي ٺاهڻ لاءِ عوام کي ڪيترائي خواب خيال ڏيکاريا ۽ عملي ڪم شروع ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي جنهن ۾ سرائڪستان جي ماڻهن جو رضامندو ۽ پنجاب حڪومت جو چوڻ هو ته جيڪڏهن عوام چاهي ٿي ته کين صوبي جي ضرورت آهي ته پو صوبو جوڙيو وڃي تجزيه نگارن ان وقت ئي چئي ڇڏيو هو ته پنجاب اندر نئون صوبو ٺاهڻ پيپلز پارٽي جي وس جي ڳالهه نه آهي جڏهن ته سابق وزير اعظم گيلاني پاران سرائڪين سان واعدو ڪيو ويو ته اسان پنهنجي اقتدار دوران ئي صوبو قائم ڪنداسين جيڪو قائم ته نه ٿي سگھيو پر الطاف حسين گزريل ڪيترن سالن کان ملڪ اندر نون صوبن جي ڳالهه ڪري اصل ۾ سنڌي ماڻهن کي اکيون ڏيکاري رهيو آهي کيس خبر هئڻ گھرجي ته سنڌ خلاف ڪتريون ئي سازشون ٿيون پر تاريخ شاهد آهي ته سنڌ کي نقصان ضرور پهتو آهي پر سنڌ جو وجود اڄ به موجود آهي . جن سنڌ ڌرتي جي وجود خلاف ڳالهايو اهي هن ڌرتي تان ئي مٽجي ويا سندن مڙه مقام به نه ٿو ملي .

1973 ۾جواد بيگ ڪراچي کي ميٽرو پوليٽن ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو ٻي صورت ۾ ڪراچي کي الڳ صوبو ٺاهڻ جي گھر ڪئي وئي گذريل حڪومتي دور ۾ جڏهن حڪمرانن پنهنجي اقتدار کي بچائڻ لاءِ ملڪ اندر نون صوبن ٺاهڻ جا شوشا ڇڏيا ته سنڌ اندر مهاجر صوبي جو مطالبو به سامهون آيو ، ان سان گڏ جناح پور ، الطاف نگر ۽ ريڊ آرمي جا نعرا سامهون اچڻ لڳا . ان کان پوءِ ايم ڪيو ايم سربراه لنڊن مان خطاب ڪندي چيو ته اسٽيبلشمينٽ اسان جي مينڊيٽ کي تسليم نه ٿي ڪري ته پوءِ اسان کي ڪراچي پاڪستان کان الڳ ڪري ڏيو . الطاف حسين مختلف طريقن سان الڳ صوبي جي گھرج ڪندورهيو آهي هن وقت سندس مطالبو به ساڳئي ئي رنگ روپ سان نظر اچي رهيو آهي . در اصل ڪراچي کي الڳ رياست ٺاهڻ پويان پرڏيهي طاقتن جا مفاد سلهاڙيل آهن جن جون نظرون ڪراچي جي سامونڊي پٽي تي آهن جيڪا سامونڊي پٽي پوري دنيا ۾ معيشيت جي لحاظ کان وڏي اهميت رکندڙ آهي .

ايم ڪيو ايم پاران ملڪ اندر نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ گذريل دور حڪومت ۾ 20 آئيني ترميمي بل پيش ڪيو جنهن ۾ ڪوشش ڪئي وئي ته صوبن اندر نوان صوبا ٺاهڻ جو اختيار صوبن کان کسي پارليامينٽ حوالي ڪيو وڃي جتي پڻ پيپلز پارٽي سنڌ سان لاڳاپيل ڪنهن به ميمبر قومي اسيمبلي جي اهڙي بل جي مخالفت نه ڪئي ، اهڙي بل خلاف سنڌ جي قومپرست ڌرين سنڌ اندر هڙتال جو سڏ ڏنو 20 جنوري 2012 تي جمعي ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ اين پي پي سان تعلق رکندڙ مسرور جتوئي سنڌ جي امڪاني ورهاڱي خلاف بل پيش ڪيو جنهن تي مسلم ليگ فنڪشنل ۽ پيپلز پارٽي جي ڪيترن ئي ميمبرن جون صحيحون موجود هيون مسرور جتوئي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر نثار کهڙي کان اهڙو بل پيش ڪرڻ لاءِ اجازت گھري جنهن تي اسپيڪر صاحب جمعي نماز جو سبب ڄاڻائي اسيمبلي اجلاس جو وقت پورو ٿيڻ جو چئي ساڳيو بل سومر ڏينهن پيش ڪرڻ ۽ ان تي ڳالهائڻ لاءِ چيو . ان باوجود مسرور جتوئي اسيمبلي اندر اهو بل پڙهيو ته سندس مائيڪ بند ڪئي وئي افسوس جو ٻن ڏينهن جي وقفي بعد شروع ٿيندڙ اجلاس جو نقشو ئي تبديل ٿي ويو . صبح جو ساڍي اٺين وڳي کان وزير اعلي سنڌ ، سنڌ اسيمبلي پهچي پيپلز پارٽي جي ميمبرن سان الڳ ملاقاتون ڪيون ۽ اهي ڪوششون ورتيون ته سنڌ جي امڪاني ورهاڱي خلاف آندل بل پيش نه ڪيو وڃي جنهن بعد پيپلز پارٽي جي ڪيترائي ميمبر جن جون بل تي صحيحون ٿيل هيون انهن سڀني خاموشي اختيار ڪئي جيڪڏهن ان وقت اهڙو بل پيش ڪيو وڃي ها ته اڄ ڪنهن ايري غيري کي جرات نه ٿئي ها جو هو اهڙي سوچ رکي بيان جاري ڪري ها . جڏهن ته پيپلز پارٽي جا اڳواڻ هڪ پاسي پاڻ کي قومپرست سڏائي رهيا آهن ٻئي پاسي ايم ڪيوا يم جا اڳواڻ پڻ پاڻ کي سنڌ جو پٽ سڏائيندي ٿڪجن نه ٿا هر ڀيري بيان جاري ڪرڻ بعد دٻاءُ پوڻ تي چوندا آهن ته اسين سنڌ جو ورهاڱو نه ٿا چاهيون جي واقعي به ايئن آهي ته پوءِ سندن اهڙن بيانن جو سلسلو ڪڏهن ختم ٿيندو ؟ ڇو ته سنڌ جي وحدت خلاف هر ڀيري ڳالهائي ڪروڙين سنڌين جي دل آزاري ڪئي وڃي ٿي ۽ ڌرتي ماءُ جو روح رنجايو وڃي ٿو . هر ڀيري ڦيرائي سيرائي سنڌ جي ورهاست جي ڳالهه ڇو ٿي ڪئي وڃي ؟ ڇا اسين سنڌي ايترا ڪمزور آهيون جو هڪ غير ملڪي شخص جيڪو لنڊن ميٽرو پوليٽن پوليس کي ڪيترن ڪيسن ۾ گھربل آهي اهو ٻاهران ويهي ملڪ ۽ صوبن جي بقا جا فيصلا ڪري اها اسان جي حڪومت جي ڪمزوري آهي ، پاڪستان اندر رهندڙ ايم ڪيو ايم قيادت کي گھرجي ته هو سندس اهڙا ناجائز مطالبا مڃڻ بجاءِ کيس آگاه ڪن ته اسين سنڌ کي ٻه ٽڪر ٿيڻ نه ڏينداسين ڇو ته الطاف پنهنجي بيانن ۽ عملن سان پاڻ ڀوڳيندو ۽ ڀوڳيندو رهيو آهي جنهن سان پاڪستان اندر موجود ايم ڪيوا يم کي سخت هاڃو پهچي رهيو آهي ڇو ته ان پارٽي اندر سٺن ماڻهن جي کوٽ نه آهي ان لاءِ ايم ڪيو ايم کي هاڻي حتمي قدم کڻي پنهنو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي جيڪا وقت جي اهم ضرورت آهي حق ۽ سچ جو ساٿ ڏئي ڪوڙ ، ڌمڪين ، منافقت جي سياست کي خير باد چوڻ گھرجي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو ب ه فرض آهي ته ان سڄي معاملي جي جاچ پڙتال ڪن ڇو ته اهڙن بيانن سان سنڌ اندر خانه جنگي پيدا ٿيڻ جا امڪان وڌي ويندا ن لاءِ پاڪستان جي حڪومت کي به اهم ۽ اثرائتا قدم کڻڻ گھرجن .

سنڌ جا قومپرست سنڌ ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙن کي پنهنجو ڀاءُ مڃين ٿا جن کي ڀڙڪائي سنڌي ماڻهن خلاف اڀاري سازشون رٿيون پيون وڃن . هن وقت سنڌي ماڻهن خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر سازشن جو ڄار وڇائجي چڪو آهي جنهن لاءِ سنڌ جي سڄڻن کي هڪ آواز بڻجي ڀرپور جدوجهد ڪرڻي پوندي ان لاءِ سنڌ جي عالمن ، دانشورن ، محققن ، قومپرستن ، سياسي سماجي ڌرين ڪي ڪردار ادا ڪرڻ گرجي جڏهن ته سڀ کان وڏي ذميواري پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ تي عائد ٿئي ٿي جيڪا هر ڀيري ايم ڪيو ايم جي جائز توڙي ناجائز مطالبن جي پوئيواري ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ٿي ڇڏي کين ياد ڪرڻ گھرجي ته جيڪڏهن سنڌي ماڻهن کي ديوار سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سنڌ سان محبت ڪندڙ ماڻهو ساڻن جنگ ڪرڻ کان به ڪين ڪيٻائيندا . وقت اچي ويو آهي ته سنڌ خلاف سازشون ڪندڙن کي منهن ٽوڙ جواب ڏئي سندن ناپاڪ ارادا مٽي ۾ ملائي ڇڏيون.

Mehwish Abbasi at Karachi


Mehwish Abbasi recieving award for contribution as a columnist


Sunday, 8 September 2013

Mehwish Abbasi column about INTERNATIONAL LITERACY DAY 8 SEPT 2013 IN DAILY AWAMI AWAZ #PAKISTAN #WORLD #SHARE


خواندگي جي شرح ۾ اضافو ڪيئن آڻجي ؟

Mehwish Abbasi

8 سيپٽمبر تي دنيا اندر خواندگي جو عالمي ڏينهن ملهايو ويندو آهي ان ڏينهن کي ملهائڻ جو خيال( UNESCO (United Nations Educational Scientific and Cultural Organization 17 نومبر 1965 تي ڏنو جڏهن ته خواندگي جو عالمي ڏينهن پهريون ڀيرو 8 سيپٽمبر 1966 تي پوري دنيا ۾ ملهايو ويو جيڪو اڄ تائين هر سال ملهايو ويندو آهي .

ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد هر نسل ، سماج ، معاشري ، اداري ، ماڻهو تائين تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ آهي ، تعليم هڪ بهتر زندگي گذارڻ لاءِ هر ماڻهو جو پهريون حق آهي تعليم ئي آهي جنهن جي ذريعي سماج ۽ معاشري ۾ ترقي ۽ سڌارو پيدا ٿي سگھي ٿو تعليم ان جي واڌاري ۽ بهتري ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي ، تعليم جي ميدان ۾ حاصل ٿيندڙ موقعا به خواندگي جي ذريعي حاصل ٿين ٿا . خواندگي ئي آهي جنهن جي ذريعي غربت ۽ ذهني بيمارين ۾ گھٽتائي پيدا ٿئي ٿي ، نسل جي برابري جو احساس ٿئي ٿو ۽ ملڪ جي ترقي ۽ واڌاري جي سوچ پيدا ٿئي ٿي ، غلط کي غلط ۽ صحيح کي صحيح ڪرڻ ۽ سمجھڻ جي سوچ ۽ شعور پيدا ٿئي ٿو . دنيا اندر خواندگي کي تعليم جي جڙ سمجھيو وڃي ٿو ڇو ته خواندگي جي ذريعي امن ۽ جمهوريت قائم ٿئي ٿي .

دنيا ۾ 776 ملين کان وڌيڪ ٻار تعليم جي زيور کان محروم بڻيل آهن اهي اهي ٻار آهن جيڪي پنهنجو نالو به لکي ۽ پڙهي نه ٿا سگھن ، دنيا ۾ 5 نوجوانن ۾ 1 نوجوان اڻ پڙهيل ملي ٿو جن ۾ گھڻو تعداد ڇوڪرين جو شامل آهي ، 60.7 ملين ٻار اسڪول نه وڃي رهيا آهن ۽ ان کان وڏو انگ اهڙن ٻارن جو آهي جن کي تعليم جي دوران اسڪولن مان ڪڍرائي سندن پڙهائي کي رد ڪيو وڃي ٿو .

پاڪستان جي آرٽيڪل A-25 پاڪستان جي آئين مطابق 5 کان 16 جي عمر جي هر ٻار جي تعليم جي حاصلات کي اهم ۽ مڪمل طور مفت بڻايو وڃي ان سان گڏ انهن کي بهتر تعليمي معيار ۽ بهتر ماحول پڻ فراهم ڪيو وڃي . پاڪستان ۾ عام طور تي تعليم 5 حصن ۾ ورهايل هجي ٿي پرائمري ، مڊل ، سيڪنڊري ، ڪاليج ۽ يونيورسٽي . پرائمري اسڪولن ۾ آدمشماري جي لحاظ کان 80 فيصد ٻار اسڪول وڃن ٿا جڏهن ته 20 فيصد ٻار پرائمري تعليم کان محروم رهن ٿا جنهن ۾ 66 کان 70 فيصد هر سال ٻارن جي حاضري رهي ٿي . جيڪڏهن پرائمري اسڪولن ۾ ٻارن جي انرولمينٽ کي ڏسجي ته ان ۾ 84 فيصد ڇوڪرا داخل آهن جڏهن ته ان جي مقابلي ڇوڪريون 60 فيصد هجن ٿيون .

ان کان پوءِ پاڪستان اندر مڊل اسڪول جي تعليم جو جائزو وٺجي ته ٻارن جو انگ گھٽجي وڃي ٿو جنهن ۾ آدمشماري جي حساب سان 45 فيصد ڇوڪرا ۽ 30 فيصد ڇوڪريون مڊل اسڪول جي تعليم حاصل ڪن ٿا . ان مان اسان اهو جائزو لڳائي سگھون ٿا ته اسان وٽ خواندگي جي شرح ڪيتري گھٽ آهي اهو ئي سبب آهي جو دنيا جي 120 ملڪن مان پاڪستان خواندگي جا لحاظ کان 113 نمبر تي آهي . مجموعي طور تي پاڪستان جي خواندگي جي شرح 56 فيصد کان به گھٽجي چڪي آهي . جڏهن ته يورپ ، ايشيا ، سريلنڪا ۽ ڀارت جي خواندگي جي شرح 74 کان 97 فيصد آهي . عالمي ادارن جو چوڻ آهي ته ايندڙ وقت ۾ پاڪستان جي خواندگي جي شرح اڃا به گھٽجي سگھي ٿي ڇو ته پاڪستان جي اڌ حصو آبادي عورتن تي مشتمل آهي 51 فيصد عورتن جي آبادي آهي جن ۾ 31 فيصد عورتون تعليم کان محروم آهن . جڏهن ته پاڪستان جي ڳوٺن ۾ 70 فيصد ماڻهو تعليم يافته نه آهن جن ۾ به وڏو تعداد عورتن جو آهي .

عورتن سان تعليم جي ميدان ۾ ويساه گھاتيون سال 1947 کان ئي هلندڙ آهن آزادي حاصل ڪرڻ کان پوءِ ان سال 10 هزار پرائمري اسڪول قائم ڪيا ويا جن مان صرف 17 سئو اسڪول ڇوڪرين لاءِ هئا ، جڏهن تا 17 ڪاليج قائم ڪيا ويا جن مان صرف 2 هن ڪاليج عورتن لاءِ هئا . جيڪڏهن اسان سنڌ جي تعليمي نظام تي نظر ڦيرايون ته هتي 73 سيڪڙو کان وڌيڪ مائرون اڻپڙهيل آهن جڏهن ته 62 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻارڙا ۽ 65 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻارڙيون تعليم جي روشني کان محروم بڻيل آهن . جڏهن ته حڪومت پاران ٻارن جون داخلائون وڌائڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڪوششون ورتيون ويون آهن ان باوجود سنڌ اندر خواندگي جي لحاظ سان ڪي اثرائتا قدم نه کڄي سگھيا آهن هر سال ڪاغذن جو پيٽ ڀرڻ لاءِ ڪوڙيون سچيون داخلائون رکي انگ اکر پورا ڪيا ويا آهن . سنڌ جي پرائمري اسڪولن جي حالت تمام ڳڻتي جوڳي بڻيل آهي ڪيترن اسڪولن اندر پيئڻ جو صاف پاڻي ، باٿروم ، چوديواريون ، راندين جا ميدان موجود نه آهن جڏهن ته پهرين ڪلاس کان وٺي پنجين درجي تائين شاگردن کي هڪ ئي ڪلاس اندر هڪ استاد پڙهائي رهيو آهي جنهن سبب ٻارڙن تي ڌيان نه پيو ڏنو وڃي . اهڙين حالتن سبب ڪيترا شاگرد 5 ڪلاس پاس ڪرڻ کان اڳ ئي اسڪول ڇڏي وڃن ٿا .

تعليم جي تباهي ۾ جتي آفيسر ، والدين ملوث آهن ان جاءِ تي استاد پڻ ان عمل ۾ حصيدار آهن ڪجھ مهينا اڳ سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت سنڌ جي اسڪولن جو سروي ججن کان ڪرايو ويو جنهن سان چند ڏينهن اسڪولن اندر تعليمي سرگرميون ۽ استادن جي حاضري 100 فيصد ٿي وئي پر جيئن ئي جج صاحبان اسڪولن جو دورو ڪري انگ اکر وٺي استادن جي حاضري چيڪ ڪري پٺي ڏني ته ويزا تي ويل استادن پڻ اسڪولن کي الوداع چيو ۽ اسڪولن جون بحال ٿيل رونقون ٻيهر ختم ٿي ويون . هئڻ ايئڻ کپي ها ته جج صاحبان اسڪولن اندر وزٽ جو مقرر وقت نه ڏين ها ۽ اهڙي سروي کي اڻڄاتل وقت تائين جاري رکن ها جنهن سان آفيسر ، استاد ۽ اسڪولن اندر موجود ٻيو عملو ان خوف ۾ ورتل هجي ها ته جج صاحب اسان جو اسڪول الاهي ڪڏهن وزٽ ڪندو .

اهي ئي سبب آهن بدقسمي سان هن سائنس ۽ ٽئڪنالاجي جي دور ۾ به اسين ٻين ملڪن جي نسبت ۾ تعليم جي ميدان ۾ گھڻو پوئتي آهيون اسانجا شاگرد ذهني صلاحيتن ۾ ٻين شاگردن کان گھٽ نه آهن پر اسانجي بنيادي تعليم جو ڍانچو بگڙيل آهي جنهن ڪري اسانجا ڪيترائي شاگرد اعلي تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم آهن . جڏهن ته تعليم جو ٻٽو معيار هئڻ سبب تعليم امير ۽ غريب وچ ۾ مقابلي جو سبب بڻجي چڪي آهي . سرڪاري اسڪولن جي غير معياري نصاب ۽ بي توجهي سبب ماڻهن جو رجحان خانگي ادارن ڏانهن وڌي چڪو آهي جڏهن ته تعليم تي زور ڏيندڙ ڪامورن ، آفيسرن ، وزيرن ، مشيرن جو اولاد پڻ ملڪ جي وڏن خانگي اسڪولن يا ٻاهرين ملڪن ۾ پڙهي ٿو جيڪڏهن ماهر تعليم دان وزير مشير نيڪ نيتي جو ثبوت ڏين ته سرڪاري اسڪولن جومعيار بهتر بڻجي سگھي ٿو . سنڌ صوبي کي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ نظر انداز پڻ ڪيو وڃي ٿو پنجاب حڪومت صوبي اندر ليپ ٽاپ اسڪيم سان گڏ نوجوان شاگردن لاءِ ڪيتريون ئي اسڪيمون متاثر ڪرايون آهن جڏهن ته آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان اندر 35 هزار شاگردن کي اسڪالرشپس سان نوازيو ويو ۽ اسانجي وزيرن تعليم لاءِ درد رکڻ باوجود شاگردن جي بهتري لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن .

هن وقت خواندگي جي شرح کي وڌائڻ لاءِ ملڪ اندر تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ اپاءَ وٺندي تعليم لاءِ مقرر ڪيل بجٽ جو بهتر نموني استعمال ڪيو وڃي خاص طور تي پٺ تي پيل علائقن جا بند پيل اسڪول کولرايا وڃن ، استادن ۽ شاگردن جي حاضري کي يقيني بڻايو وڃي ، سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ استادن جي پذيرائي ڪندي کين انعام ، سرٽيفڪيٽ ۽ ايوارڊن سان نوازيو وڃي ۽ ان عمل ۾ پنهنجا نوازي کان پاسو ڪيو وڃي ، سمورن تعليمي ادارن مان قبضا ختم ڪرائي استادن کي پنهنجي فرض ۽ ذميداري جو احساس ڏياري تعليمي ماحول کي بهتر بنائڻ لاءِ سڄاڻ ، علم دوست ، ماهرن ، تعليم دانن ۽ اديبن جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن ۽ معصوم ٻارڙن کي پورهئي کان آجو ڪرائي سندن هٿن ۾ ڪتاب ۽ قلم ڏنا وڃن . باقي جيڪڏهن خواندگي جي اڄوڪي عالمي ڏهاڙي تي صرف دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ سيمينار ، ڪانفرنسون ، ميٽنگون ۽ ريليون ڪڍي وقت گذاريو ويو ته اسين خواندگي جي عمل کي بهتر بڻائي نه سگھنداسين .

مهوش عباسي

chemist_mehwish@yahoo.com