Friday, 13 September 2013

Column on demand of new provinces by MQM

سنڌ جي ورهاڱي جو خواب

مهوش عباسي

ايم ڪيو ايم سربراه الطاف حسين هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ اندر نوان صوبا جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو سندس چوڻ آهي ته احساس محرومي ختم ڪرڻ لاءِ صوبا ٺهڻ گھرجن . الطاف حسين کي جڏهن به خبرن جي ذينت بڻجڻ جي ضرورت پوندي آهي ته هو اهڙا بيان ڏئي پاڻ کي موضوع بحث بڻائي ڇڏيندو آهي ڏٺو وڃي ته گذريل حڪومت سرائڪستان صوبي ٺاهڻ لاءِ عوام کي ڪيترائي خواب خيال ڏيکاريا ۽ عملي ڪم شروع ڪرڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي جنهن ۾ سرائڪستان جي ماڻهن جو رضامندو ۽ پنجاب حڪومت جو چوڻ هو ته جيڪڏهن عوام چاهي ٿي ته کين صوبي جي ضرورت آهي ته پو صوبو جوڙيو وڃي تجزيه نگارن ان وقت ئي چئي ڇڏيو هو ته پنجاب اندر نئون صوبو ٺاهڻ پيپلز پارٽي جي وس جي ڳالهه نه آهي جڏهن ته سابق وزير اعظم گيلاني پاران سرائڪين سان واعدو ڪيو ويو ته اسان پنهنجي اقتدار دوران ئي صوبو قائم ڪنداسين جيڪو قائم ته نه ٿي سگھيو پر الطاف حسين گزريل ڪيترن سالن کان ملڪ اندر نون صوبن جي ڳالهه ڪري اصل ۾ سنڌي ماڻهن کي اکيون ڏيکاري رهيو آهي کيس خبر هئڻ گھرجي ته سنڌ خلاف ڪتريون ئي سازشون ٿيون پر تاريخ شاهد آهي ته سنڌ کي نقصان ضرور پهتو آهي پر سنڌ جو وجود اڄ به موجود آهي . جن سنڌ ڌرتي جي وجود خلاف ڳالهايو اهي هن ڌرتي تان ئي مٽجي ويا سندن مڙه مقام به نه ٿو ملي .

1973 ۾جواد بيگ ڪراچي کي ميٽرو پوليٽن ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو ٻي صورت ۾ ڪراچي کي الڳ صوبو ٺاهڻ جي گھر ڪئي وئي گذريل حڪومتي دور ۾ جڏهن حڪمرانن پنهنجي اقتدار کي بچائڻ لاءِ ملڪ اندر نون صوبن ٺاهڻ جا شوشا ڇڏيا ته سنڌ اندر مهاجر صوبي جو مطالبو به سامهون آيو ، ان سان گڏ جناح پور ، الطاف نگر ۽ ريڊ آرمي جا نعرا سامهون اچڻ لڳا . ان کان پوءِ ايم ڪيو ايم سربراه لنڊن مان خطاب ڪندي چيو ته اسٽيبلشمينٽ اسان جي مينڊيٽ کي تسليم نه ٿي ڪري ته پوءِ اسان کي ڪراچي پاڪستان کان الڳ ڪري ڏيو . الطاف حسين مختلف طريقن سان الڳ صوبي جي گھرج ڪندورهيو آهي هن وقت سندس مطالبو به ساڳئي ئي رنگ روپ سان نظر اچي رهيو آهي . در اصل ڪراچي کي الڳ رياست ٺاهڻ پويان پرڏيهي طاقتن جا مفاد سلهاڙيل آهن جن جون نظرون ڪراچي جي سامونڊي پٽي تي آهن جيڪا سامونڊي پٽي پوري دنيا ۾ معيشيت جي لحاظ کان وڏي اهميت رکندڙ آهي .

ايم ڪيو ايم پاران ملڪ اندر نوان صوبا ٺاهڻ لاءِ گذريل دور حڪومت ۾ 20 آئيني ترميمي بل پيش ڪيو جنهن ۾ ڪوشش ڪئي وئي ته صوبن اندر نوان صوبا ٺاهڻ جو اختيار صوبن کان کسي پارليامينٽ حوالي ڪيو وڃي جتي پڻ پيپلز پارٽي سنڌ سان لاڳاپيل ڪنهن به ميمبر قومي اسيمبلي جي اهڙي بل جي مخالفت نه ڪئي ، اهڙي بل خلاف سنڌ جي قومپرست ڌرين سنڌ اندر هڙتال جو سڏ ڏنو 20 جنوري 2012 تي جمعي ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ اين پي پي سان تعلق رکندڙ مسرور جتوئي سنڌ جي امڪاني ورهاڱي خلاف بل پيش ڪيو جنهن تي مسلم ليگ فنڪشنل ۽ پيپلز پارٽي جي ڪيترن ئي ميمبرن جون صحيحون موجود هيون مسرور جتوئي سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر نثار کهڙي کان اهڙو بل پيش ڪرڻ لاءِ اجازت گھري جنهن تي اسپيڪر صاحب جمعي نماز جو سبب ڄاڻائي اسيمبلي اجلاس جو وقت پورو ٿيڻ جو چئي ساڳيو بل سومر ڏينهن پيش ڪرڻ ۽ ان تي ڳالهائڻ لاءِ چيو . ان باوجود مسرور جتوئي اسيمبلي اندر اهو بل پڙهيو ته سندس مائيڪ بند ڪئي وئي افسوس جو ٻن ڏينهن جي وقفي بعد شروع ٿيندڙ اجلاس جو نقشو ئي تبديل ٿي ويو . صبح جو ساڍي اٺين وڳي کان وزير اعلي سنڌ ، سنڌ اسيمبلي پهچي پيپلز پارٽي جي ميمبرن سان الڳ ملاقاتون ڪيون ۽ اهي ڪوششون ورتيون ته سنڌ جي امڪاني ورهاڱي خلاف آندل بل پيش نه ڪيو وڃي جنهن بعد پيپلز پارٽي جي ڪيترائي ميمبر جن جون بل تي صحيحون ٿيل هيون انهن سڀني خاموشي اختيار ڪئي جيڪڏهن ان وقت اهڙو بل پيش ڪيو وڃي ها ته اڄ ڪنهن ايري غيري کي جرات نه ٿئي ها جو هو اهڙي سوچ رکي بيان جاري ڪري ها . جڏهن ته پيپلز پارٽي جا اڳواڻ هڪ پاسي پاڻ کي قومپرست سڏائي رهيا آهن ٻئي پاسي ايم ڪيوا يم جا اڳواڻ پڻ پاڻ کي سنڌ جو پٽ سڏائيندي ٿڪجن نه ٿا هر ڀيري بيان جاري ڪرڻ بعد دٻاءُ پوڻ تي چوندا آهن ته اسين سنڌ جو ورهاڱو نه ٿا چاهيون جي واقعي به ايئن آهي ته پوءِ سندن اهڙن بيانن جو سلسلو ڪڏهن ختم ٿيندو ؟ ڇو ته سنڌ جي وحدت خلاف هر ڀيري ڳالهائي ڪروڙين سنڌين جي دل آزاري ڪئي وڃي ٿي ۽ ڌرتي ماءُ جو روح رنجايو وڃي ٿو . هر ڀيري ڦيرائي سيرائي سنڌ جي ورهاست جي ڳالهه ڇو ٿي ڪئي وڃي ؟ ڇا اسين سنڌي ايترا ڪمزور آهيون جو هڪ غير ملڪي شخص جيڪو لنڊن ميٽرو پوليٽن پوليس کي ڪيترن ڪيسن ۾ گھربل آهي اهو ٻاهران ويهي ملڪ ۽ صوبن جي بقا جا فيصلا ڪري اها اسان جي حڪومت جي ڪمزوري آهي ، پاڪستان اندر رهندڙ ايم ڪيو ايم قيادت کي گھرجي ته هو سندس اهڙا ناجائز مطالبا مڃڻ بجاءِ کيس آگاه ڪن ته اسين سنڌ کي ٻه ٽڪر ٿيڻ نه ڏينداسين ڇو ته الطاف پنهنجي بيانن ۽ عملن سان پاڻ ڀوڳيندو ۽ ڀوڳيندو رهيو آهي جنهن سان پاڪستان اندر موجود ايم ڪيوا يم کي سخت هاڃو پهچي رهيو آهي ڇو ته ان پارٽي اندر سٺن ماڻهن جي کوٽ نه آهي ان لاءِ ايم ڪيو ايم کي هاڻي حتمي قدم کڻي پنهنو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي جيڪا وقت جي اهم ضرورت آهي حق ۽ سچ جو ساٿ ڏئي ڪوڙ ، ڌمڪين ، منافقت جي سياست کي خير باد چوڻ گھرجي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو ب ه فرض آهي ته ان سڄي معاملي جي جاچ پڙتال ڪن ڇو ته اهڙن بيانن سان سنڌ اندر خانه جنگي پيدا ٿيڻ جا امڪان وڌي ويندا ن لاءِ پاڪستان جي حڪومت کي به اهم ۽ اثرائتا قدم کڻڻ گھرجن .

سنڌ جا قومپرست سنڌ ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙن کي پنهنجو ڀاءُ مڃين ٿا جن کي ڀڙڪائي سنڌي ماڻهن خلاف اڀاري سازشون رٿيون پيون وڃن . هن وقت سنڌي ماڻهن خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر سازشن جو ڄار وڇائجي چڪو آهي جنهن لاءِ سنڌ جي سڄڻن کي هڪ آواز بڻجي ڀرپور جدوجهد ڪرڻي پوندي ان لاءِ سنڌ جي عالمن ، دانشورن ، محققن ، قومپرستن ، سياسي سماجي ڌرين ڪي ڪردار ادا ڪرڻ گرجي جڏهن ته سڀ کان وڏي ذميواري پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ تي عائد ٿئي ٿي جيڪا هر ڀيري ايم ڪيو ايم جي جائز توڙي ناجائز مطالبن جي پوئيواري ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ٿي ڇڏي کين ياد ڪرڻ گھرجي ته جيڪڏهن سنڌي ماڻهن کي ديوار سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سنڌ سان محبت ڪندڙ ماڻهو ساڻن جنگ ڪرڻ کان به ڪين ڪيٻائيندا . وقت اچي ويو آهي ته سنڌ خلاف سازشون ڪندڙن کي منهن ٽوڙ جواب ڏئي سندن ناپاڪ ارادا مٽي ۾ ملائي ڇڏيون.

No comments:

Post a Comment